سسنڌ ۾ بي روزگاري جي وڌندڙ باھ

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2017۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    سنڌ ۾ بي روزگاري جي وڌندڙ باھ


    سنڌ جي اندي جيڪا بي روزگاري آهي اهئا ته ڪنهن کان گجهي ڪانهي ڪا ڪيترائي نوجوان هٿن ۾ ڊگريون کڻي وڏيرن ۽ ڀوتارن جي بنگلن جا جيڪي چڪر ڪٽي ڪٽي مايوس ٿي ويا آهن انهن مان گهڻن ته روزگار نه ملڻ جي ڪري خودڪشيون ڪيون ۽ گهڻا عام ڪن به پئي ٿا گهڻا ته لکيل پڙهيل بي روزگار نوجوان پنهنجو زهني توازن وڃائي به ويٺا آهن پر ڪنهن کي ڪا ڪهل ڀي ڪا نه ٿي پئي ته سنڌ واسين سان ڪهڙا ڪهڙا ظلم ڪيا ٿا وڃن انهن جي حقن تي ٻيا قابض لڳا پيا آهن , سنڌ جا بي روزگار نوجوان فاڪا ڪشي کي ڪٽڻ لاء مجبور ٿي ويا هن انهن سڀن جي زميواري صوبائي حڪومت جي آهي جڏهن به ووٽ ويجهو ايندا آهن ته هر جلسي ۾ هي علان ٻڌندا آهيون نوڪرين جا انبار لگائيڏينداسين بي روزگاري جو خاتمون ڪنداسين ڪا به بي وسي نه رهندي اهئي جلسا ڪرڻ وارا جڏهن عوام جي ووٽ تي اقتدار ۾ اچي ويندا اسمبلي ۾ پهچڻ کان پوء عوام سان ملڻ پسند ناهن ڪندا سي وري ڪهڙيون اسان کي يا اسان جي سنڌ واسين نوڪريون ڏئي روزگار مهيا ڪندا وڏي افسوس جي ڳاله ته اهيا آهي سنڌ ۾ تيل گئس جا گهڻا ذخيرا به هوندي سنڌي نوجوان ئي بي روزگار آهن , پاڪستان ۾ تيل جا ڪل 96 ذخيرا آهن جن مان 69 سنڌ ۾ 23 پنجاب 3 سرحد ۾ ۽ هڪ بلوجستان ۾ آهي ۽ گئس جا به پاڪستان ۾ 140 زخيرا آهن جن مان 107 سنڌ ۾ 22 پنجاب ۾ 7 بلوجستان ۾ ۽ 4 سرحد ۾ آهن , سنڌ ۾ انهن زخيرن تي جيڪي ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن انهن ۾ حڪومت جي اکرن جي مطابق 20 سيڪڙو سنڌ ۽ 80 سيڪڙو پنجاب وڏي ڀاء صوبو پنجاب ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪاري سون ڪوئلن جون به کاڻو سنڌ ۾ ئي آهن ڪارو ڪوئلو ته سنڌ ۾ ايترو آهي جو سعودي ايران دوبئي جو تيل گڏ ڪجي ته به سنڌ جو ڪوئلو گهڻو آهي ۽ ظلم جي انتها ته اهيا آهي جو علائقي واسي بي روزگار آھن نوجوان روزگار جي سبب خودڪشيون پيا ڪن انهن کي روزگار نٿو ملي ۽ ٻاهريان ماڻهن جي هٿن ۾ سڃو قبضو ڏنو ويو آهي حطه ڪئ ليبر جي ڪم کان به علائقي واسي محروم ڪيا ٿا وڃن مسجد جو پيش امام به پنجاب کان ٿو اندو وڃي ڇا سنڌ ۾ رهندڙن سنڌن کي نماز پڙهائڻ به ڪا نه ٿي اچي جو ڪمپنين وارن جو مولوي پيش امام به ٻاهران اندا ٿا وڃن , اخر سنڌي نوجوان لکيل پڙهيل ايم اي , بي اي يا جيڪي اينجنرئنگ پڙهيو ڊگريون کيون ڪڏهن هن در ڪڏهن هنُ وتن ٿا ڀٽڪندا اخر ڇا ٿيندو انهن جو, جيڪي پي ايڇ ڊي ڪري اچي پنهنجي ملڪ ۾ ڀوتارن جا ڪمندار لڳا وتن ڇا انهن جو اهو حق آهي ,
    سنڌ ۾ ڀهترين ڪاٽن فيڪٽرين ميلون سيمينٽ فيڪٽريون جو به گهڻو ئي تعداد هوندي به بي روزگار به سنڌ واسي ٿيندا ٿا وڃن ان جو سبب اهيو ئي آهي ته انهن فيڪٽرين ميلون تي روڳو وڏي ڀاء صوبي جي ماڻهن جو ئي قبضو رهيو ئي رهيو آهي سنڌ جي نوجوانن کي هميشه ئي نظر انداز ڪيو ويو آهي نوجوان پڙهيل لکيل روڳو بي روزگاري جي سبب سائيڪو جا مريض ٿي وڃن ٿا پر انهن کي روزگار نه ٿو مهيا ڪيو وڃي اهو ئي سبب آهي جو ڏينهنون ڏينهن سنڌ واسي غربت مفلسي ۽ اضطراب وري زندگي گذاري رهيا آهن ۽ ڏينهنون ڏينهن ان شرح ۾ واڌ اچي رهي آهي پر افسوس جيڪي ووٽ وٺي اقتدار ڌڻي ٿيا آهن اهي ته هر روز امير تر امير ٿي رهيا آهن , سنڌي ويچارا بي وسي ۽ لاچاري واري زندگي گذاري رهيا آهن,
    هي ئي سنڌ 56 سيڪڙو تيل ٿو پيدا ڪري 71.01 سيڪڙو گئس ٿو پيدا ڪري اربن ۽کربن روپين جي پيدا وار ڏيندڙ سنڌ ۾ سنڌي وري به بي روزگار آهن جو ٻاهرين ملڪن جون هزارين ڪمپنيون سڪن ٿيون پيون ته سنڌ ۾ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ڪتريون ئي ٻاهرين ملڪن جون ڪمپنيون سنڌ ۾ اربن ۽ کربن جي سيڙپ ڪري فائدو وٺي رهيو آهن,
    جڏهن به ٻاهريون ڪمپنيون اينديون آهن انهن کي وفاقي حڪومت ئي لائيسنس جاري ڪري ڏيندي آهي ان ۾ ڪنسيشن ايگريمينٽ جو معاهدو هوندو آهي جنهن ۾ چيو ويندو آهي هي ڪمپني جتي به ڪم ڪندي ان علائقي واسين کي ترقياتي ڪم سماجي ماحولياتي سهولتون پڻ مهيا ڪندي يعني ته تعليم جي سهولت ,صحيت روزگار وغيراه ڏيڻ جي پابند هوندي, هر ڪمپني کي 25 هزار ڊالر کان 5 لک ڊالر جي هر مرحلي ۾ لاگت ڪرڻي هوندي آهي ۽ جئين جئين ڪم ۾ واڌارو ڪندي ويندي ترقياتي سماجي ماحولياتي روزگار علائقي وسين لاء ڪشاده ڪندي ويندي پر افسوس اسان جي سنڌ ۾ جيڪي ڪمپنيون ڪم ڪن ٿيون ان کان هي معاهدي واري سڀ سهولتون نه ٿيون علائقي وسين کي ملين اڃان به علائقي وسين سان ويساه گهاتيون ڪيون ٿيون وڃن نه تعليم جون سهولتون نه ئي صحيت جون سھولتون نه ئي ڪو روزگار ڏنو ويندو آهي گهڻين ڪمپنين جا ليبر به ٻاهران گهرايا ويندا آهن انهن ئي سببن جي ڪري بي روزگاري جي باھ هر روز وڌندي ٿي وڃي اهئا باھ غريبن جي جهوپن تي جيڪي اثر ٿي ڇڏي ان کان ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت ته اڻ واقف آهن جيڪر اهو ان کان واقف هجن ته يا انهن جي دل ۾ احساس هجي ته ڪو به غريب نه رهي ڪو به نوجوان پڙهيل خودڪشي نه ڪري ڪو به نوجوان بي روزگاري جي سبب پنهنجو زهني توازن نه وڃائي وهي, خدار جڏهن ووٽ وٺڻ ايندا آهيو جيڪي روزگار جون داعوائون ڪندا آهي گهٽ ۾ گهٽ انهن پنهنجي واعدن کي نڀايو روزگار ڏيو روزگار عوام جو حق آهي ان کان ان جو حق نه ماريو ڪجه ته پڙهيل سنڌ واسين نوجوانن نسلن جو ته احساس ڪيو

    ---------------------------------- اصغر علي جمالي / دادو
    41201-1222143-1
    03113072726
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو