ناٿن شاهه جي نگري خوشين جي جهولي ۾

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ مدهوش مير انصاري طرفان آندل موضوعَ ‏22 نومبر 2017۔

  1. مدهوش مير انصاري

    مدهوش مير انصاري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 نومبر 2015
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    منافقط کان وڌيڪ ٻيو ڌندو ڪهڙو هن دور ۾
    خيرپور ناٿن شاهه شهر جنهن جي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي، خاص طور تي ايم آر ڊي جي شهيدن جي شهر سان سڃاتو ويندو آهي، خيرپور ناٿن شاهه شهر جنهن ۾ ڪجهه مشهور درگاهون سيد جڙيل شاهه جيلاني، سيد ناٿن شاهه جنهن جي نالي سان هن شهر جو نالو منسوب آهي، جنهن ۾ ٻين به ڪافي سارن بزرگن اوليائن جو ذڪر پڻ اچي ٿو جئين ميان محمود لاکير ٻوڙا لاکير وارو يقين شاهه ۽ ٻيون ڪيتريون ئي درگاهون موجود آهن درگاهون ۽ درسگاهون شهرن جو مان مٿاهون رکنديون آهن درگاهن جو تزڪرو ڪندي اها ڳالهه به وسارن نه گهرجي ته درگاهون درسگاهون جيڪي پنهنجي شهرن لاء هڪ وڏو عزاز رکنديون آهن شهيدن جي شهر خيرپور ناٿن شاهه ۾ مشهور درگاهه سيد جڙيل شاهه جيلاني تي هر سال جيان سيد جڙيل شاهه جيلاني جي هن سالياني 221هين عرس مبارڪ جي موقعي تي درگاهه جي پنڊال ۾ ٽن ڏينهن جو سنڌي ثقافتي ميلو لڳايو ويندو آهي، ميلا ملاکڙا سنڌ جي تاريخ جو ورجاء ڪندي پيار پاٻوهه همدردي ۽ دلين ۾ خوشين جي آشنا جا ڏياء ٻارڻ ٿا، ميلا شهرن جي سڃاڻپ ٿيندا آهن ميلا ملاکڙا ماڻهن جي خوشين ۾ اضافو پيدا آهن، سيد جڙيل شاهه جيلاني جي هن سالياني عرس تي درگاهه تي ٽن ڏينهن واري ميلي ۾ شهر توڙي پس گردائي جي علائقن مان هزارين ماڻهون اچي لطف انداز ٿيڻ ٿا شهر ۾ قائم ڪيل هن ميلن جو مقصد ئي اهو هوندو آهي ته ميل ميلاپ شهر کان ٻاهر رهندڙ ماڻهون ديس توڙي پرديسي پنهنجي شهر ۾ لڳل ميلي جي بهاني ماڻهن پنهنجي پيارن دوستن ڀائرن ۽ شهر واسين سان ويڇا ختم ڪري ميلي جي بهائي ڪچهريون محبتون قائم ڪري سگهن، ــــــتاريخ جي حوالي کان ٻيو ڪو مورخه مڃي نه مڃي پر آءُ چوان ٿو ته جيسين سنڌ آهي، اهي ميلا ملاکڙا سنڌ جي جند سان ائين جڙيل آهن، جيئن راشد مورائي چيو ته ”جيئن سي آهن پاڻ ۾، سنڌو ندي ۽ سنڌ، تيئن هي منهنجي جند آ جڙيل تنهنجي جيءَ سان“سيد جڙيل شاهه جيلاني جي هن ميلي ۾ پوري پاڪستان مان هزارين شائقين اچي هتان جي ماڻهن لاء خوشين پيدا ڪن ٿا هن ٽن ڏينهن واري ميلي ۾ ٻارڙن جا رانديڪا، منهيارڪي دڪان، سرگس، مختليف مٺائين جا دڪان، راڳ رنگ، سوز سروز، مچ ڪچهري، محفل موسيقي، ڪتابن جا اسٽال، فوٽون چترڪاري جا دڪان پڻ لڳايا ويندا آهن هن ٽن ڏينهن جي ميلي ۾ پهرين ڏينهن درگاهه گادي نشين درگاهه تي ڌمال سان گڏ گلن جي چادر چاڙهي ميلي جو افتتحاج ڪيو ويندو آهي، جنهن کان پوء ميلي جا ٽين ڏينهن ملاکڙي جو ميدان سجايل هوندو آهي، جنهن ملاکڙي ۾ سنڌ سميت پوري پاڪستان جا ملهه پهلوان شرڪت ڪندا آهن، جنهن ۾ ميلي جي آخري ڌمال تي ملهه پهلوانن کي وڏا وڏا انعام اڪرامن جي عزاز سان نوازيو ويندو آهي، جنهن ۾ سونا تاج موٽر سائيڪلون ۽ سنڌ جي مختليف ملهه پهلوانن کي وڏو مان بخشي سنڌ جي ثقافت کي وڏي زور شور سان اجاڳر ڪيو ويندو آهي، خيرپور ناٿن شاهه شهر جو ميلو ماڻهن جي چهرن تي مرڪون آڻــي ٿو جڏهن ته ميلي ۾ رات جي محفل موسيقي جي پروگرام ۾ سنڌ جا مشهور فنڪار توڙي فنڪاره اچي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن، جنهن ۾ صنم ماروي، منظور سخيراڻي، ماروي سنڌو، غلام حسين عمراڻي، صوفي عمران فقير، صفا جلال سوز علي چانڊيو، سوڊل فقير، وزير علي شاهه، جهڙا نالا شامل آهن رات جي محفل موسيقي واري پروگرام ۾ شهر ۽ آس پاس جي علائقن جا هزارن جي تعداد ۾ آيل پانڌيڙا اچي رات جي محفلن کي چار چنڊ لڳائڻ ٿا، ميلا سنڌ جي ثقافت سان جڙيل آهن جنهن ۾ هر ماڻهون اچي خوشين جو خوب لاڀ حاصل ڪري ٿو،




    [​IMG]

    [​IMG]
     
    عبدالحق چانڊيو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحق چانڊيو

    عبدالحق چانڊيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور ناٿن شاھ
    واه مير واه بهترين تحرير
    شهر جي ميلي بابت لکيل تحرير ساراه جوڳي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو