مومن بلو : هڪ محقق، اسڪالر ۽ پروفيسر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 نومبر 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]



    بُلو، مؤمن: ليکڪ، استاد ۽ صحافي، مؤمن بُلو 22 جولاءِ 1967ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪوٽ بُلا، تعلقي پني عاقل (سکر) ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان ورتائين ۽ ايليمينٽري تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀيلار ۾ پڙهيو، 1981ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري ۾ داخلا ورتائين. ميٽرڪ سائنس جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ انٽرميڊئيٽ گورنمينٽ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. اسڪول واري زماني کان وٺي کيس لکڻ ۽ پڙهڻ سان چاهه هو ۽ ڪاليج مئگزين ۾ سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ سندس ڪيترائي مضمون شايع ٿيا. ميٽرڪ جي پڙهائيءَ دوران ئي هن ايم. اي انگريزي ادب ۾ ڪرڻ جو سوچيو ۽ 1986ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ بي. اي. آنرس ۾ داخلا ورتائين ۽ ايم. اي (انگريزي ادب) سٺن نمبرن ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ صحافت جي ميدان ۾ باضابطا طور پير پاتائين. ماهوار ”Newsline“, ”Viewpoint“ ۽ ”The Friday Times“ جهڙن نامور ادارن ۾ ڪم ڪرڻ جي تجربي جي آڌار تيتحقيق طرف سندس دلچسپي رهي ۽ صحافت جي ميدان ۾ نالو ڪڍيائين. سنڌ جي انتظامي تاريخ متعلق سندس ڪتاب ”چارلس نيپئر کان محمد ميان سومري تائين“ (سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾) سندس اعليٰ ذهانت جو ثبوت آهي. حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ انگريزي رسالي The Reporter جو ايڊيٽر ۽ پبلشر هيو. هو ساڳئي وقت سچل سرمست آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج، تلڪ چاڙهيحيدرآباد ۾ انگريزيءَ جو استاد رهيو.
    استاد مومن بلو 30 نومبر 2015ع تي گذاري ويو.

    سورس: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو