زرعي دوائن جا پوندڙ ناڪاري اثر

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ رضا ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2018۔

  1. رضا ٻرڙو

    رضا ٻرڙو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 جولائي 2017
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    جڏهن کان هن ڪائنات ۾ ساهواري شين جو وجود ٿيو آهي تڏهن کان وٺي انهن ساهوارين شين پنهنجي وجود بچائن لاءِ هڪ ٻئي تي حملا ڪري پنهنجي زندگي جو ڦيرو پورو ڪرڻ لاءِ وسان ڪون گهٽايو آهي. جڏهن فصل انساني خوراڪ جو ذريعو بڻجي ويا تڏهن کان انهن فصلن جي اهميت به وڌي وئي ۽ فطرت جي اصولن مطابق انهن تي جيتن ۽ خورد گهرڙن جا حملا به ٿيڻ شروع ٿي ويا نتيجو بيمارين جي شڪل ۾ سامهون آيو.جيئن جيئن انساني آبادي وڌڻ شروع ڪيو تيئن تيئن کاڌ خوراڪ ۽ ڪپڙي جي ضرورت به وڌڻ لڳي.

    دنيا ۾ اٽڪل 3 هزار سال اڳ فصلن کي بيمارين ۽ جيتن جي نقصان کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پهريون ڀيرو چائنا جي ماڻهن سلفر کي زرعي دوا طوراستعمال ڪيو. تنهن کانپوءِ ته دنيا ۾ مختلف ڪيميائي مرڪب ٺاهيا ويا ۽ سڄي دنيا جي آبادگارن انهن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، ايتري قدر جو 19 صدي ۾ اسان جي خطي ۾ به اهي جديد زهريليون دوائون متعارف ٿيون.

    اھو دنيا ۾ پهريون ڀيرو 1962 ۾ رچل ڪارسن پنهنجي ڪتاب Silent Spring’’‘‘ ۾ لکيو ته زرعي دوائن جي استعمال سان اسان جي ماحول ۽ انساني صحت تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. تنهن کان بعد ئي 1982 ۾ F.A.Oطرفان انڊرين ۽ DDTوغيره جهڙي خطرناڪ زهريلين دوائن تي پابندي عائد ڪئي وئي. زرعي دوائون بظاهر ته اسان پنهنجي زمين ۾ ڏيندا آهيون پر حقيقت ۾ اهي پاڻي جي ذريعي وهڪرو ڪرڻ سان گڏو گڏ هوا وسيلي اڏام ڪري ٻين زمينن، شهرن، ڳوٺن ، ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ پهچي ڪري اتي جي رهندڙ جيوت کي نقصان پهچائين ٿيون انهي ڪري زرعي دوائن جو 96 % استعمال کي غير هدف (Non-Targeted) هوندو آهي انهي جي ڪري انساني صحت تي انتهائي خطرناڪ اثر پئجي رهيا آهن. اهي زرعي دوائون انسانن توڙي ٻين انيڪ جاندار جنسن جي جسم ۾ ساھ کڻڻ، کاڌي کائڻ ۽ چمڙي سان لڳڻ وسيلي انساني توڙي حيواني زندگين جي صحت مفلوج ڪري ڇڏينديون آهن.

    جنهن وقت آبادگار پنهنجي زمينن ۾ فصل جي بچاءَ لاءِ اهڙي قسم جا زهريلا مرڪب استعمال ڪندا آهن جو اهي ٻوٽي جي پاڙ ۽ پنن وسيلي اهي زهريلا مادا ٻوٽي جي جسم جو حصو ٿي ويندا آهن نتيجي طور اهي اتان پنن ۽ ڏانڊين وسيلي سفر ڪري انهي ٻوٽي ۾ ٺهندڙ ميووي ۽ اناج جو حصو بڻجي ويندا آهي. اهڙي قسم جا زهريلا زهر استعمال ڪرڻ سان پيٽ ۾ سور، الٽيون، ڪالرا، ڪينسر، دم، جيري جون بيماريون، ڊپريشن، ذهني بيماريون، چمڙي جون بيماريون وغيره جهڙيون تڪيلف ڏيندڙ ۽ موت جي منهن ۾ ڌڪيندڙ بيماريون به انسان ۽ حيوان ڀوڳي رهيا آهن. پر نه صرف ايترو پر انهن جي استعمال سان انساني جسم ۾ موجود قوت مدافعت وارو نظام پڻ ڪمزور ٿي پوندو آهي. W.H.Oمطابق ته سال ۾ 40 لک ماڻهن جي موت جو سبب به اهي زرعي زهر آهن.

    اهڙي قسم جي دوائن جي استعمال جي ڪري هن فطرت ۾ موجود فائيديمند جيت جيڪي نه صرف هن فطرت جي حسين نظارن جون گهرجون پوريون ڪندا آهن پر اهي ٻوٽن ۾ لڳ جو عمل ڪرائڻ ۾ پڻ مددگار هوندا آهن اهي جيت به موت جو خاڄ بڻبا آهن. ماکي جي مکين منجهان انسان طاقتور خوراڪ ماکي حاصل ڪندو آهي پر انهن زرعي زهرن جي ماحولياتي گانڍاپي جي ڪري اڄ انهن جي 30 سيڪڙو آبادي گهٽجي چڪي آهي. حياتي چاهي عام اک سان نظر ايندڙ هجي يا نظر نه ايندڙ جراثيم (Micro organism) جي هجي توڙي جو ڪجھ اهڙا خوردبين جاندار)(Micro organismبه زمين ۾ موجود هوندا آهن جيڪي زمين جي زرخيزي سان گڏ زمين جي مختلف خوبين کي وڌائيندا آهن پر زهريلين دوائن جي استعمال جي ڪري اهي خوردبين به موت سان جنگ وڙهندي وڙهندي هارائجي ويندا آهن.

    زرعي دوائن جو پاڻي ۾ شامل ٿيڻ ڪري پاڻي ۾ موجود آبي جيوت، مڇيون ، ڏيڏر ۽ ٻيا انيڪ جانور وڏي تعداد ۾ موت جو شڪار ٿين ٿا. ايشيا جي سڀ کان وڏي ڍنڍ منڇر ۾ جتي مهاڻا مهيني ۾ سوين مڻ مڇي ماري پنهنجي خوشحال زندگي گذارڻ سان گڏو گڏ ملڪي معيشيت جي ترقي ۾ پڻ هٿي وٺرائيندا هيا اڄ انهي بوبڪ جي مشهور ڍنڍ ۾ زرعي زمينن جو نيڪال وارو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ ڪري انهي ۾ زرعي زهرن جي موجودگي جي ڪري ڍند ۾ مڇي جي آبادي اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي نه جي برابر وڃي بچي آهي. انهن زرعي دوائن جو اثر وهندڙ پاڻي سان گڏو گڏ زيرِ زمين ۾ موجود پاڻي جيڪو اسان نلڪن، ٽيوبويلن کوهن وغيره وسيلي حاصل ڪندا آهيون انهن تي پڻ ٿيندو آهي.

    هر جاندار جنس جي اها فطرت هوندي آهي هو پنهنجو وجود بچائڻ خاطر هوءَ ويڙھ ڪندي رهندي آهي. جيت، بيڪٽيريا، نيماٽوڊ، فنجاءِ جهڙا ننڊڙا جيوَ هجن اهي پنهنجي بچاءَ لاءِ انهن ۾ موجود قوت مدافعت وارو هٿيار استعمال ڪندا آهن. نتيجي طور انهن ۾ زهر سان مقابلو ڪرڻ واري سگھ ڏينهون ڏينهن وڌندي ويندي ۽ اسان انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ زهر جا مقدار ۽ مرڪب وڌائيندا ۽ بدلائيندا رهنداسين پوءِ هن وقت ته سال ۾ ڪروڙين رپين جا زهر وٺي پنهنجي فصلن کي بچائڻ لاءِ استعمال ڪيون ٿا سڀاڻي اهي عربين رپين جا زهر وٺنداسين.

    جڏهن انهن زرعي دوائن جي ناڪري اثرن جي سڌ دنيا جي ترقي آفته ملڪن جي ساڃاھ وندن ۽ زرعي ماهرن کي پئي ته انهن زرعي دوائن جي استعمال کي يا ته صفا گهٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪجھ ملڪن ته انهن کي استعمال ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ڪجھ ترقي آفته ملڪن ته اهو اناج خريد ڪرڻ به بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ زرعي زهرن جو استعمال ٿيل هجي. پوءِ اوهان ڏسو ته اسان سميت دنيا جي پٺتي پيل ملڪن جي ماڻهن جي سراسري عمر 55 کان 60 سال آهي ته ۽ هنن ترقي آفته ملڪن جي ماڻهن جي سراسري عمر 80 کان 85 سال آهي. اسان وٽ جيتن ۽ بيمارين کان بچڻ لاءِ پهريون ۽ آخري حل بغير زرعي ماهرجي مشوري زهريليون دوائون پنهنجي فصل مٿان ڇنڪار ڪرڻيون آهن پر ٿيڻ ته ائين گهرجي ته هتان جا زرعي ادارا به ٻاهرين ملڪن جيئان حياتياتي ضابطو(Biological control) ۽ نامياتي پوکيراهي (Organic Farming) جهڙا طريقا آبادگارن تائين متعارف ڪرائڻ سان گڏ انهن جي ٿوري گهڻي ڄاڻ به انهن تائين پهچائن ته جيئن هتان جي آبادگارن جو ناڻو به ضايع نه ٿي ۽ انسان جي صحت ۽ فطرت تي پڻ اهڙا ناڪري اثر نه پئجي سگهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو