لطيف جي گيتن جهڙي صائمـ

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ ثاقب بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2018۔

  1. ثاقب بلوچ

    ثاقب بلوچ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2018
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ
    ماڳ:
    تعلقو ٺري ميرواھ ضلعو خيرپور ميرد
    اڄ موئن ڌڙي جي مٽي چوي ٿي تـ اهڙا ڪهريل ظلم تـ ڪڏھن منهجي قديميت ۾ بـ نـ ٿيا جيڪي ظلم اڄ جي سنڌ جي دجالي دور ۾ عام آھن, لاڙڪاڻي کي اڄ موئن معيار ٿو ڏي, اها ننگري جتي ڪالھ هڪ ثمينا جي ڳائيندڙ آواز کي دٻايوويو هو اڄ انهي لاڙڪاڻي جي ميروخان ۾ ھڪ معصوم گل جيان ٻھڪندڙ نياڻي کي ازيتن سان قتل ڪيو ويو, هو تـ معصوم هئي هو صرف گهر جو رستو ڀلجي وئي, مگر هن دجالي دور جا ماڻھون انسانيت مان ڀلجي ويا آھن,
    ڇا معصوم صائمـ جروار کي اهو حق نـ هو تـ هو ٿيهلو کڻي اسڪول وڃي سگهي, پنهجي سرتين سان راند رچائي سگهي, اهو ڪو پهريون ڪڙڪيل ڪهر ناهي , انهيء ئي پي پي جي پئرس لاڙڪاڻي جي ست سالا ساحل ڪوريجو ۽ پنهج سالا سنڌو سومرو, خانپور جي نو سالا سرور پونهر, قصور جي ڇهه سالا زينب, مردان جي چارسالا عاصمـ, عمرڪوٽ جي اميشا, ٺل جي فضيلا سرڪي انهن سمورن مظلومن کي ازيت جو نشانو بڻايو ويو. اڃا ڪيترا قهر ڳڻايان,
    ڪيتري نـ افسوس جي ڳالھ آھي تـ حڪمرانن جون ڌيئريون ڇوٽن ڪپڙن ۾ بـ محفوظ آھن ۽ سنڌ جي سادن سانگهين جون معصوم ۽ سٻاجهڙيون نياڻيون ستن ڪپڙن ۾ بـ ازيت جو نشانو بڻجن ٿيون, صائمـ جروار جيڪا هن دجالي دور جي سماج کان اڻواقف هئي ان کي ڪهڙي ڪل تـ هن سنڌ ڌرتي جتي لطيف سرڪار جي سر ٻولي ٿي ۽ جتي قلندر جو رڪس ٿئي ٿو, جتي موئن ڌڙي جي مٽي آھي اتي انسانيت کي داغيندڙ درندا هوندا جن جي اندر جو انسان موئل هوندو, اهي حيا و شرم کان خالي هوندا, ان معصوم نينگر کي ڪهڙي خبر تـ انهن ماڻھن جي چهرن پٺيان چهرا چهڙيل آھن, جيڪي حيوانيت جا چهرا آھن. جي انهن درندن کي جانور چئجي تـ اها جانور جي توحين آھي ڇو جو ڪتو بـ ان گهر جي باتي کي ڏاٺ ناهي ڏييندو جتان هو کائيندو آھي, هي هڪ صائما جروار جو قتل ناهي هي سنڌ جو قتل آھي, سنڌ جنهن ڪالھ ھندستان مان آيل مهاجرن جي نياڻين مٿان شفقت جو هٿ رکيو هو ۽ انهن جي مٿي تي پنهجائپ جي پوتي رکي هئي, جتي نياڻن کي ست قرآن سمجهيو ويندو هيو, اتي اڄ صائما جو روح چوندي هوندي تـ مونکي ست قرآن نـ صرف انسان سمجهيو ها, اي سنڌ ڌرتي تو تـ هميشا ننگن کي ساک ڪري رکيو پر اتي منهجي عزت محفوظ ناهي رهي, مان تـ هڪڙي ننڍڙي جان هئس مان تـ اڃا دنيا جي دستور کان ئي اڻواقف هئس, اڄ تنهجي ننگري ۾ ڪنهن دندري جي ساھ مان وحشيت جي دپ آئي جنهن مونکي ازيتن سان قتل ڪيو, اي منجهي ڌرتي اهو مان ڄاڻان ٿي تـ مونکي ڪئين چيٻاٽيو ويو, مون تي ڪهڙڪيل قهر جو تـ ڪير اندازو ئي نٿو لڳائي سگهي. منهجي ڌرتي هڪ دانهن توکي آھي, ٻي دانهن لطيف سرڪار ۽ مخدوم بلاول کي ڏيندس, تـ اي ڀٽائي جنهن ماروئڙن تي تو بيت لکيا انهن اڄ تنهجي بيتن جو قتل ڪيو, اي مخدوم بلاول جنهن سنڌ لاء تو سر ڪٽايو اڄ ان ئي سنڌ جي واسين سنڌ جو قتل ڪيو, پر افسوس آھي اڄ جي حڪمرانن تي جن جو ضمير صدين کان مئل آھي, جن کي صائمـ جي سور جو احساس ئي ڪونهي. گلگت جي ملالا لاء تـ دنيا واجهائي ٿي پر سنڌ جي صائما جي سور کان واقف هوندي بـ اڻواقف آھن, اڄ صائمـ سان گڏ سنڌ بـ دفن ٿيو پر اسان جي نااهل حڪمرانن جو وار بـ ناهي چريو, اهي ووٽ وٺڻ لاء تـ فڪرمند هوندا آھن ۽ اسيمبلين ۾ اپوزيشن خلاف تـ ڳالائيندا آھن پر ڪنهن مظلوم تي ٿيل ظلم تي نٿا واجهائن, انهن جو پنجهيون نياڻيون تـ محفوظ رهندا آھن پر سنڌ جون نياڻيون ازيت جو شڪار ٿينديون آهن, آخر ڪيسيتائين سنڌ کي بار بار قتل ڪيو ويندو, ۽ ڪڏھن اسان جا حڪمران نشيلي ننڍ مان اٿندا ۽ لطيف جي ننگري جي واهر ڪندا سنڌي ماڻھو ته سڄي دنيا لاء درد رکي ٿو ,دنيا ۾ ڪٿي به ڪو واقعو ٿئي ته
    اسان سڀني کان اڳڀرا هوندا آھيون پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته
    سنڌ جي سورن جو ڪنهن کي به احساس ڪونهي صائمـ جروار قتل انهي ڳالھ جو ثبوت آھي. برهال بحثيت هڪ عام فرد جي مان گذارش ٿو ڪريان هن دجالي دور جي حڪمرانن کان تـ اهي صائـمـ جو سور محسوس ڪن جئين قصور جي زينب لاء واجهائيو ويو ائين ئي سنڌ جي صائمـ جي واهر ڪئي وڃي, ان نياڻي جي روح کي انصاف ڏياريو وڃي, ۽ صائمـ جي وارثن جو زخم ڀريو وڃي, ۽ جئين اسيمبلين ۾ حڪمرانن جي مفاد ۾ بل منظور ٿيندا آهن ائين ئي انهن مظلوم ماڻھن جي لاء بـ ڪا قانون ٺاھي وڃي جئين هن ملڪ جي قانون ۾ غريبن لاء انصاف ڪجھ سستو ٿي سگهي, ۽ صائمـ جي قاتل کي سرعام عبرتناڪ سزا ڏني وڃي جئين وري ڪا صائم ازيت جو شڪار نـ بڻجي, ۽ بار بار سنڌ جو قتل نـ ٿئي,
     
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    اسان پڻ حڪومت وقت کان مطالبو ٿا ڪيون ته ڏوهارين کي پڪڙي سرعام ڦاهي ڏني وڃي ته وري اهڙو ڪڌو ڪم نٿي سگهي، اسان جي سنڌي سماج ۾ هي ناسور وڌندو ٿو وڃي پر انتظاميه ڪو به تدارڪ نٿي ڪري نه ئي ان سلسلي ۾ ڪي قانوني سختيون لاڳو ٿي ڪري، حڪومت جي ذميداري آهي ته قانون جي عمل کي يقيني بڻائي...

    ٻيو اوهان جو موضوع وقتائتو آهي ضرور لکندا رهو پر لفظن جي جوڙ جڪ جو خيال رکيو وڃي.. جئين اوهان جي مِضمون جو موضوع ڏنل آهي " لطيف جي گيتن جهڙي صائمه"... ان جڳهه تي جيڪڏهن هي لکيو وڄي ها ته اڄا بهتر لڳي ها " لطيف جي بيتن جهڙي صائمه"
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو