تبديلي خادم گهراڻو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏17 جون 2018۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    تبديلي خادم گھراڻو
    اسلم ڳوٺ جو هڪ اڪيلو پڙهيل لکيل نوجوان هو . جيڪو ڳوٺ کان شهر تائين پڙهڻ لاءِ پهتو هو . هن محنت ڪئي جنهن جو سلو هن کي هڪ سٺي نوڪري جي نالي ۾ ملي ويو . ڳوٺ هنن جو پنهنجو هو ڳوٺ ۾ جيڪي به رهندڙ هئا سڀ پاڻ ۾ مائٽ هئا . ڳوٺ اسلم جي ڏاڏي جي نالي تي هو . اسلم ڇهين مهيني ڳوٺ جو ڀيرو ڪندو هو . ڳوٺ وارن جي خبر وٺندو هو هي ءُ ڳوٺ سائو سرسبز هوندو هو جنهن ۾ هر طرف باغ ٻنيون هونديون هنيون ٻڪريون رڍون مينهيون ڳئون هونديون هنيون پيون چرنديون هنيون . جڏهن اهي گوهر شام جو وثاڻين ايندي هئي ته ان هلڻ جي ڪري جيڪا مٽي اڏامندي هئي ان مان پياري سهڻي خوشبوءِ پئي ايندي هئي . اسلم هڪ ڀيري ڳوٺ آيو رات جو سڀني کي پنهنجي اوطاق تي سڏايو . ڳوٺ وارا سڀ حيرن ٿي ويا ته اڳ اسلم ائين ڪڏهن به نه ڪيو آهي اڄ خبر نه آهي ڇو سڀني کي گھرايو آهي هرڪنهن جي پنهنجي پنهنجي راءِ هئي . جڏهن سڀ اچي گڏ ٿيا ته هرڪو اسلم ۾ نهارڻ لڳو ته خبر نه آهي ڇا ٿو چوڻ چاهي ؟ سڀني جي اڻ تڻ ان وقت ختم ٿي جڏهن اسلم چيو ته آئون توهان جو آهيان توهان منهنجا آهيو توهان روح آهيو آئون جسم آهيان پاڻ هڪ ٻئي کان ڪڏهن به جدا ٿي نٿا سگھون چاهي ڪيڏا به طوفان ڇو نه اچن . پر اڄ آئون اوهان کان جدا ٿيڻ جي موڪل وٺڻ لاءِ آيو آهيان سڀيئي ان تي حيرت ۾ پئجي ويا ته تون اسان جو مان شان آهين اسين توکي ڪيئن پاڻ کان جدا ڪنداسين جنهن تي اسلم چيو ته هميشه جي لاءِ نه پر ڪجھه سمي جي لاءِ سو به جيڪڏهن توهان مون کي کلي موڪل ڏيندا ته ٺيڪ آهي نه ته آئون اتي ئي رهندس . اتي هڪ پرئي ماڻهو اسلم کان پڇيو ته تون ڪيڏانهن ٿو وڃڻ چاهين جنهن تي اسلم چيو ته ٻاهر ملڪ ۾ هڪ سٺي اداري ۾ مون کي نوڪري ملي آهي جنهن سان چهن سالن جو معاهدو ٿيندو ان ۾ نوڪري ڪرڻ چاهيان ٿو جتي پگھار به سٺي آهي وقت ته ڳالهين ۾ گذري ويندو پر مون سوچيو ته ائين وڃڻ سٺو نه آهي مون کي پنهنجا موڪل کلي ڏين دعائن سان ڏين جيئن آئون ڪامياب رهان پنهنجي ديس پنهنجي ڳوٺ جو نالو بلند ڪريان . جنهن تي سڀ ئي هڪ ٻئي جي منهن ۾ ڏسڻ لڳا آخر انهن اشارن ۾ هڪٻئي سان ڳالهايو پوءِ ڳوٺ جي وڏي اٿي اسلم کي سيني سان لڳايو هن کي چمندي چيو ته اها مٺي سڀني ڳوٺ وارن جي اٿئي اسان جون دعائون توسان گڏ آهن ڀلي تون پنهنجي منزل طرف روانو ٿي پر پنهنجي حال احوال کان آگاه ڪندو رهجان هن چيو ته منهنجي هڪ خواهش آهي ته ڳوٺ جي ٻارن کي علم سان منور ڪجو علم کان سواءِ اوندهه آهي پاڻ ۾ محبت قرب سان رهجو ٻڌي ۾ طاقت آهي .
    ائين وقت پنهنجي رفتار رمز سان گذرندو رهيو اسلم ڇهن سالن کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ اچي رهيو هو هن ڪنهن کي به اچڻ جو نه ٻڌايو هن سوچيو ته ڳوٺ پهچي سڀني کي حيرت ۾ وجھندس . جوڏهن هي ڳوٺ جي ڀرسان لنگھندڙ بس مان لهي ڳوٺ طرف هلڻ لڳو ته هي حيرت ۾ پئجي ويو جيڪي نمن ٽالين ٻبرن ٻيرن جا وڏا وڻ هئا اهي سڪا پيا هئا زمينن ۾ پوک نه هئي بنجر لڳيون پيون هنيون جڏهن هي پنهنجي رستي تي پهتو ته هن ڏٺو ته رستي جي ڀر ۾ وهندڙ واٽر جنهن مان ڳوٺ وارا پاڻي ڀري ڇڻڪار ڪندا هئا اهو واٽر سڪو پيو هو ان ۾ رڳو ڊڀ هئا رستي مٽي سان ڀريل هئي هلندي ماڻهو ڌوڙ ۾ ڀرجي ٿي ويو هن کي پنهنجي ڳوٺ ۾ مال جي گوهر به نظر نه آئي جيڪي ڇوڪرا چاري ڊرڪو ڊرڪو ٽر ٽر هون امان هون چوندا هئا اهي آواز به ٻڌڻ ۾ نه آيا واڻ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو سائو هو ٻيا سڪا پيا .جڏهن هن اسڪول جي طرف نگاهه ڪئي ته ان کي به تالو هو . هن جو من صفا ڀري پيو جڏهن ڳوٺ پهتو ته ڳوٺ وارا حيران ٿي ويا سڄي ڳوٺ ۾ هن جي خبر باهه وانگر پکڙجي ويئي . سڀ ڳوٺ وارا اچي هن سان مليا پر هن جي چهري تي مرڪ نه هئي جنهن تي ڳوٺ جي پرئي مڙس چيو پٽ توکي خوش ٿيڻ گھرجي وطن واپس وريو آهين مون سوچيو ته وڏي تبديلي اچي ويئي هوندي رستا پڪا هوندا ڳوٺ ۾ لائيٽ گئس هوندي ساوڪ واريون جھولندڙ ٻنيون هونديون پر هي ڪهڙي تبديلي آهي . جنهن تي هن کي پرئي پڙس چيو پٽ هر شيءِ پاڻي تي آهي پاڻي جيون آهي چاهي انسان هجي جانور هجي ٻني ٻارو هجي جيت جڙو هجي پر اسان جو سنڌو هاڻي اهڙي موج ۾ نه آهي جنهن ڪري واهن شاخن واٽرن ۾ پاڻي نه آهي غريب ويچارا سورن ۾ آهن جيڪي پاڻي جي لاءِ سڪي رهيا آهن . ها چاچا مون اهڙا فوٽو سوشل ميڊيا تي ڏٺا آهن جتي ماڻهو پاڻي جي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن ڪٿي جانور انسان هڪ ئي جاءِ تان پاڻي پي رهيا آهن . جنهن تي جيڪي ڳوٺ جو نوجوان پڙهيل هئا انهن چيو هاڻي تبديلي جي ضرورت آهي ادا اسلم تون اليڪشن ۾ بيهه جنهن تي اسلم چيو ته پاڻ غريب ڇا ڪري سگھنداسين جنهن تي هنن چيو ته ابتدا ڪجي . اسلم چيو جيئن ڳوٺ وارا فيصلو ڪن جڏهن اليڪشن جو اعلان ٿيو ته ڏتڙيل علائقن مان ڪيترائي غريب اليڪشن ۾ بيٺا . اسلم کي اچي ٻڌايائون ته تون فارم ڀر ٿر جي هڪ غريب مينگھواڙ عورت به فارم ڀريو آهي هاڻي تبديلي اچي چڪي آهي قدم تبديلي طرف وڌي رهيا آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو