ڇا سنڌي چوسڻن آوازن جا وسرڳ ممڪن آهن

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,811
    ورتل پسنديدگيون:
    27,198
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڇا سنڌي چوسڻن آوازن جا وسرڳ ممڪن آهن

    ڊاڪٽر الطاف جوکيو

    اسان جي دوست ايوب شيخ هڪ دفعي فون تي ڪچهري ڪندي، اهو سوال ڪيو هو ته ”اسان وٽ سنڌ ۾ آخر رسرچ ڪلچر پيدا ڇو نه ٿو ٿئي؟“ ڇونه اهڙي عنوان تي ڪو سيمينار ڪرائجي! مون چيومانس ته يار ان عنوان تي جيڪي ڳالهائيندڙ ايندا اهي ضرور نالي وارا ئي عالم هوندا ۽ مان سمجهان ٿو ته انهن جي پيدا ڪيل ماحول سبب ئي تحقيق جو ڪلچر پيدا نه ٿي سگهيو آهي. ان بعد وڏن وڏن نالن جا ٿيل غير سنجيده رويا بيان ڪيامانس، ته دوست خاموش ٿي ويو.
    اهو اسان جي پوري سنڌ جو الميو آهي، جو سياسي يا چاپلوسيءَ جي بنياد تي ماڻهو آندا ٿا وڃن، جنهن سبب اسان وٽ علمي يا تعليمي ماحول کي وڏو ڌڪ رسي ٿو، جنهن لاءِ قومي سطح تي سالن تائين ڀوڳڻو پوي ٿو. جيڪو لوهر جو ڪم آهي سو ڊکڻ کان ئي وٺبو. مطلب ته مناسب هنڌ تي مناسب ماڻهوءَ کان ڪم نه ورتو ويندو ته ڪم جو ڪهڙو حشر ٿيندو!
    هر ماڻهوءَ جي مهارت پنهنجي مخصوص فيلڊ سان سلهاڙيل رهي ٿي. هو پنهنجي فيلڊ ۾ هوندڙ خالن کي ئي ظاهر ڪرڻ ۽ ان کي پر ڪرڻ جي صلاحيت رکي سگهي ٿو. ان لاءِ لازم آهي ته ان جي تنقيدي نظر ايتري ته پختي هجي جو پيدا ٿيندڙ ڪنهن خال بابت ڄاڻائڻ ۽ ان جي حل بابت آگاهي ڏيڻ جي سگهه رکي. اها پڪ سمجهڻ گهرجي ته تنقيدي اڀياس اهو مثبت لاڙو آهي، جنهن سان هڪ علمي ماحول پيدا ٿيندو آهي ۽ ڪنهن ڪم ۾ رواني ايندي آهي. اهو به ياد رهڻ گهرجي ته نقاد آل رائونڊر نه هوندو آهي، جيڪو سڀني علمن ۽ ادبي صنفن تي مهارت رکندو هجي ۽ صرف لکڻ يا ڳالهائڻ جو مظاهرو ڪري، ڪو تنقيد جو حق ادا ڪندو هجي!
    تازو سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران ڇپجندڙ ’سنڌي ٻولي جرنل‘ ۾ شبير ڪنڀار جو هڪ پيپر ’سنڌي لکت ۽ ڪمپوزيشن ۾ وسرڳن جي واهپي جا عيب ۽ انهن جا حل‘ پڙهيم. شبير ڪنڀار، ڪمپيوٽنگ انجنيئرنگ جو اهو ماهر آهي، جيڪو ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان هڪ اداري جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ڪم به اهڙو جيڪو ادارن کي ڪرڻ کپندو آهي، پر ان جي جڳهه تي هڪ سٻاجهو ماڻهو، پنهنجو عشق پيو نڀائي. جس آهي اهڙن ماڻهن کي جيڪي پنهنجي فيلڊ ۾ غير معمولي ڪم ڪري، ڌرتيءَ جي ٿڃ ملهائين پيا.
    اسان وٽ ’وسرڳي ـهـ‘ جيڪا ’جهه ۽ گهه‘ ۾ ڪم اچي ٿي، ان تي چند عالمن پاران ڪم ڪيو ويو آهي پر پرنٽ ميڊيا توڻي درسي ڪتابن ۾ ڪافي وقت کان غير سنجيدگي رهي آهي. شبير ڪنڀار اهڙن معاملن کي سڌو ڪرڻ لاءِ سنڌي سوفٽ ويئر ۽ فونٽن جو ڪم ڪري پيو. منهنجون ساڻس ان بابت ڪچهريون ٿينديون رهيون آهن، ڪمپيوٽنگ انجنيئرنگ بابت جيڪي ٽيڪنيڪل ڳالهيون ڪندو آهي ته منهنجي به سمجهه کان چڙهيل هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته هر ماڻهوءَ جي پنهنجي فيلڊ ٿئي ٿي. ان موقعي تي جڏهن شبير ڪنڀار لسانيات جي معاملن کي ڇيڙيندو ته ضرور کانئس به ڪي ڪوتاهيون ٿينديون، ان جو سبب ته ڪنهن ماڻهوءَ وٽ غير معمولي سطح تي سڀ مهارتون يڪجا ٿيڻ ممڪن ڪونهي. شبير ڪنڀار ان پيپر ۾ ڪل ويهه وسرڳ آواز ڄاڻايا آهن، جن مان اَٺَ: ’ٿ، ڀ، ٺ، ڌ، ڍ، ڇ، ڦ ک‘ هڪ اکري آهن، جڏهن ته ٻه: ’جهه ۽ گهه‘ ٻه- اکرا (Digraph) آهن، جيڪي سنڌي آئيويٽا ۾ پڙهايا وڃن ٿا. ان کان علاوه پنج ’مهه، نهه، ڻهه، لهه، ڙه‘ سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ صورتخطيءَ جي خيال کان ڏنل آهن، جيڪي غالباً محمد ابراهيم جويي جي ڪوششن جو نتيجو آهن. ٽي اضافي وسرڳ’ڏه، ره ۽ وه‘، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ اترادي ٻوليءَ جي نسبت ڄاڻايا هيا. شبير ڪنڀار ان ۾ ٻه اضافي ’ڳهه ۽ رنهه‘ ڄاڻايا آهن، جن جا مثال: ’ماڳهين‘ ۽ ’ڪارنهن‘ ڏنا اٿس.
    اصولي طور ’رنهه‘ ۾ ’نون گهُڻو‘ آيل آهي، ان مان مراد ته ان ۾ ’اَن‘ جو گهُڻو سُر، ’ر‘ ۽ ’هه‘ کي الڳ ٿو ڪري، ان سبب ’رنهه‘ کي ڪنهن به صورت ۾ وسرڳ نه ٿو چئي سگهجي. ان لاءِ ڄاڻايل مثال ’ڪارنهن‘ جو جيڪڏهن ڇيد ڪجي ته ’ڪ+ آ، ر + اَن، هه + اِن‘ بيهندو، جنهن ۾ ڇهه آواز يعني ٽي وينجن (Consonants)، هڪ ڊگهو سُر (long vowel) ۽ ٻه ڇوٽا گهُڻا سُرnasal short vowels) ) آهن. ان خيال کان ’ر‘ ۽ ’هه‘ الڳ الڳ پد ۾ بيهن ٿا. جڏهن ته وسرڳ جو آواز هڪ ٿيندو آهي ۽ ’ـهـ‘ جي ڳنڍ سان اکر ٻٽو ٿيندو.
    ’ڳهه‘ کي وسرڳ ڄاڻائي ان جو مثال ’ماڳهين‘ ڄاڻايو اٿس، جيڪو صورتخطيءَ ۾ ’ڳ‘ سان گڏ ته آهي ليڪن صوتيات جي نسبت الڳ ٿيندو. ان لاءِ بنيادي ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ’وسرڳ‘ آواز، ڪنھن اوسرڳ وينجن آواز ۾ ڦڦڙن مان ڌوڪ ملائڻ سبب بيھندو آهي؛ جنھن سبب هن جو الڳ ڪو مخرج ڪونه هوندو آهي، بلڪ ڪنھن مخرجي وينجن آواز ۾ ڦڦڙن جي ڌوڪ وڌائڻ سان وسرڳ وينجن آواز نڪرندو آهي. مثلاً ’ج‘ سخت تارون وارو ڳرو ڌوڪڻو آهي، يعني هن جو مخرج سخت تارون آهي؛ ساڳئي مخرج وٽ صرف ڦڦڙن جي ڌوڪ وڌائڻ سان ’جهه‘ جو آواز نڪرندو.
    واضح هجڻ گهرجي ته وسرڳ ڌوڪڻو آواز (Plosive) ٿيندو آهي، جنھن کي اچارڻ ۾ ڦڦڙن جي ڌوڪ شامل هوندي آهي؛ ۽ اهو پيٽ ڇھه جي مدد سان ’وات جي کوپي مان ٻاهر نڪرڻ‘ سان ادا ٿيندو آهي. جڏهن ته ’ڳ‘ اَڌوڪڻو/ چوسڻو (Implosive) آواز آهي، جنھن کي اچارڻ مھل وات واري کوپي ۾ خال بيھاري، هوا کي اندر چُسڪو ڏبو آهي، تڏهن ان جو اچار بيھندو آهي. مقصد ته صوتيات جي نسبت وسرڳ آوازن ۽ چوسڻن آوازن جو رخ هڪٻئي جي ابتڙ آهي. ان کي سولو ائين سمجهي سگهجي ٿو ته ’ڀ، ٿ، جهه وغيره‘ وات مان هوا ڪڍڻ سان ادا ٿيندو آهي، جڏهن ته ’ٻ، ڄ، ڏ ۽ ڳ‘ وات سان هوا چوسي اندر ڪرڻ سان ادا ٿيندو آهي. ان حالت ۾ ڪنهن به چوسڻي آواز جو وسرڳ هجڻ ممڪن ئي ناهي.
    مون پنهنجي ٿيسز ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڄاڻايل ’ڏه‘ وسرڳ کي شامل رکيو ۽ ان کي بغير ڪنهن پيراميٽر تي ڏسڻ جي اڳتي ڪري ڇڏيو. هاڻي اهو احساس ٿئي ٿو ته جيڪا به نئين ڳالهه سامهون اچي ته ان کي تنقيدي نظر سان ڏسي بعد ۾ اڳتي ڪجي، نه ته محققن جي حوالن ۾ پئي ڦرندي. هونئن به اسان تنقيدي حوالي سان علم کان وڌيڪ ماڻهوءَ کي اهميت ڏيندا آهيون.
    سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران ڇپجندڙ ’سنڌي ٻولي‘ جرنل جي ڪنهن به پيپر تي ٻن ماهرن جي راءِ هوندي آهي، تنهن کان پوءِ اهو پيپر ڇپجندو آهي. خبر ناهي ته شبير ڪنڀار جو اهو پيپر ڪهڙن لسانيات جي ماهر عالمن جي ور چڙهيو، جن کي اها به خبر نه پئجي سگهي ته ڄاڻايل اضافي وسرڳ ’رنهه‘ ۾ ’نون گهُڻو‘، ’ر ۽ هه‘ کي الڳ ٿو ڪري. ماهرن کي صوتيات جي بنيادي ڄاڻ هجي ها ته ان پيپر جي بروقت تصحيح ٿي وڃي ها ۽ هڪ غلط ڳالهه عوامي سطح تائين نه پهچي ها. البت، چوسڻن آوازن جو وسرڳ نه ٿيڻ ته اونهي اڀياس جو نتيجو آهي، جيڪو مون باريڪ بينيءَ سان آواز جي بنيادن کي سامهون رکي جاچيو.
    جڏهن اهڙا بي تڪا نڪتا، ماهرن جي نظر مان گذرڻ بعد تحقيقي جرنل ۾ ڇپجي ٿا وڃن ته پوءِ لازم ٿو ٿئي ته اهڙن نڪتن تي علمي انداز ۾ بحث ڪجي ۽ ان بابت ڪو اڪيڊيمڪ پيپر لکجي. اهو سوچي، ’سنڌي ٻولي‘ جرنل لاءِ مون هڪ پيپر لکيو ۽ اٿارٽيءَ ڏانهن موڪليو، ڪجهه ڏينهن بعد جواب مليو ته چيو ٿو وڃي ته اسان جو ئي ڇپيل پيپر ۽ وري اسان ئي ان تي تنقيدي پيپر ڇاپيون اهو مناسب نه ٿو لڳي. افسوس اهڙي سوچ تي! اهڙي تنقيدي عمل کي ’ڪنهن جي پويان پوَڻ‘ ٿو سمجهيو وڃي. حقيقت ۾ هن قسم جو تنقيدي عمل، سنڌي ٻوليءَ سان محبت ڪندڙن لاءِ باعث مسرت هجڻ گهرجي، پر هتي اهڙي عمل کي عيب سمجهيو ٿو وڃي ۽ لسانيات جي بڻايل بتن جي ڪرڻ جو انديشو سمجهيو ٿو وڃي.
    سچ پچ ته دل گهرندي آهي ته اهڙا محقق اڳتي اچن، جيڪي اسان کي مانُ ڏيڻ لاءِ اسان جي ڪم جي علمي ڇنڊڇاڻ ڪن ۽ هڪ علمي سلسلو هلي پوي. بهرحال سنڌ جي علمي ادارن جو اهو حال ڏسي، ويچار ٿئي ٿو ته ڪيئن ممڪن آهي ته اسان وٽ رسرچ ڪلچر کي هٿي ملي سگهندي ۽ اسان جو نوجوان طبقو لسانيات جهڙن شعبن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ساه کڻندو!

    aliphjeem@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو