ڌانڌلي، خوشحالي ،سازش ۽ مهانگائي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    *خيرن سان خوشخبري اها آهي ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاء هڪ پارلياميني ڪميشن مقرر ٿي چڪي آهي جيڪا اها جاچ ڪندي ته انهن چونڊن ۾ ڪنهن ڪهڙيون ڪهڙيون ڌانڌليون ڪيون،ڪميشن جنهن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جا هڪ جيترا ميمبر شامل آهن اها ترت ئي تحقيقات ڪري مکڻ مان وار ڪڍي وٺندي.يعني اهڙا ماڻهو جيڪي پاڻ به انهن ئي چونڊن ۾ کٽي آيا آهن اهي اهو فيصلو ڪندا ته اليڪشن ۾ جيڪي هارائي ويا هئا انهن کي ڪنهن هارايو هو؟هاڻي جيڪر اهو ثابت ٿئي ٿو ته هارائيندڙن ڌانڌلين جي نتيجي ۾ هارايو هو ته پوء ان سوال جو ڇا ٿيندو ته ڇا کٽيندڙن به ساڳين ئي ڌانڌلين جي نتيجي ۾ نه کٽيو هو؟

    *اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف فرمايو آهي ته موجوده چونڊ نتيجا اهو واضح ڪري رهيا آهن ته ايندڙ وقت ڪنهنجو آهي؟هن صاحب اهو به انڪشاف ڪيو ته سندس حڪومت ۾ نهايت ئي سستائي هئي ۽ عوام نهايت خوشحال زندگي گذاري رهيو هو. جيستائين ايندڙ وقت ڪنهنجو آهي وارو سوال آهي ته ايندڙ وقت ڪنهنجو به هجي پر ميان صاحب جو هرگز ڪونهي جو في الحال ملڪ جي سياسي ڪتاب مان سندس نالو ئي ڪٽجي چڪو آهي، رهيو سوال سندس حڪومت ۾ عوام جي خوشحاليء جو ته اها ته هن وقت به صاف نظر اچي رهي آهي جو موجوده حڪومت کي واپس آئي ايم ايف اڳيان جھولي پکيڙڻي پئجي رهي آهي،اها سڀ خوشحالي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟

    *سموريون سياسي ڌريون ۽ ميڊيا جو هڪ وڏو حصو ڪات ڪهاڙا کڻي عمران خان پويان پيل نظر اچي ٿو ڄڻ ته ماضيء جي سمورين ملڪي مسئلن،معاشي مصيبتن ۽ غير ملڪي قرضن جي لاء عمران خان ئي ذميدار هجي.جن ملڪ تي ٽيهه ٽيهه سال حڪومت ڪئي انهن جي خراب حڪمرانيء خلاف چپ سبيل نظر اچن ٿا جڏهن ته رڳو ٻه مهينا پهرين آيل حڪومت سخت تنقيد جي ور چڙهيل نظر اچي ٿي.هن حڪومت جون جيڪي ناڪاميون آهن سي آهن پر اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته گذريل حڪومتن جي غلط پاليسين ۽ نااهلين کي به هن حڪومت جي کاتي ۾ وڌو وڃي.

    *موجوده حڪومت جي آئي ايم ايف وٽ وڃڻ واري خواهش تي ملڪ ۾ جيڪو ماتم متل آهي اهو سمجهه کان ٻاهر آهي.ڄڻ ته حڪومت پاڪستان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آئي ايم ايف وٽ وڃڻ وارو گناهه ڪري رهي آهي.ماضيء جا جيڪي مهربان پنهنجن سمورين نااهلين ۽ بدديانتين سبب ملڪ جي عوام جو وار وار غير ملڪي قرضن ۾ جڪڙي ملڳڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو اهي به ان فيصلي خلاف واويلا ڪري رهيا آهن.انهيء کي چئبو آهي “ ابتو چور چوڪيدار کي دٻائي!” منجھائن ڪوبه اهو ٻڌائڻ لاء تيار ناهي ته ته موجوده ابتر معاشي صورتحال ۾ جيڪر آئي ايم ايف نه وڃجي ته پوء ڇا ڪجي؟

    *خبر اها به آهي ته حڪومت عوام مٿان بجليء جو بم ڪيرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ اٽڪل پوڻا چار روپيا في يونٽ بجلي مهانگي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.ٻئي طرف حڪومت جا وزير مشير عوام کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ڪجهه ڏينهن تڪليف برداشت ڪرڻي پوندي پوء سکن جون هوائون لڳڻ شروع ٿي وينديون.ان مهانگائيء جي طوفان مان جيڪي معجزاتي طور تي زنده سلامت بچي ويندا اهي سکن جون هوائون انهن جي حصي ۾ ئي اچي سگھنديون! باقي نه رهيگا بانس نه بجي گي بانسري.عوام کي گھرجي ته گڏجي اهو گانو ڳائڻ شروع ڪري ڏئي ته “ بهارين ڦر ڀي آئينگي مگر هم تم نهين هونگي.”

    *پيپلز پارٽيء جي چيئرمين بلاول ڀٽو صاحب فرمائي ٿو ته جمهوريت خلاف سازشون ٿي رهيون آهن ۽ هن وقت جمهوريت کي سخت خطرو لاڳو آهي.بلاول صاحب اهو واضح نه ڪيو ته جھمهوريت کي آخر ڪنهن مان خطرو آهي ، خود سياستدانن مان يا غير سياسي قوتن مان؟بلاول صاحب کي گھرجي ته هو جمهوريت،عوام،سازش ۽ آئيني آرٽيڪلن جون آکاڻيون ٻڌائڻ بدران ٿر ۾ روزانو مرندڙ معصومن جي زندگيء جو فڪر ڪرڻ گھرجي.في الحال ته ٿر ۽ سنڌ جي ٻين ڏڪار ستايل علائقن جي غريب ماڻهن جي زندگين کي خطرو آهي!

    *پي ٽي آئي جي فيصل واوڊا فرمايو آهي ته جيڪر سنڌ حڪومت ٽينڪر مافيا خلاف ڪاروائي نه ڪئي ته وفاقي حڪومت ڪراچيء لاء سنڌو دريا جو پاڻي بند ڪري ڇڏيندي.موصوف وفاقي حڪومت ۾ آبي وسيلن جو وزير آهي.اهڙي وزارت ته نه اڳ ۾ ڪڏهن سڻيسين نه ٻڌيسين.هن اهو به فرمايو ته دروات ڊيم جي رهيل رقم جيڪر سنڌ حڪومت وفاق کي ادا ڪري اهو ڊيم پنهنجي انتظام هيٺ نه آندو ته پوء وفاقي حڪومت اهو ڊيم ڪنهن پرائيويٽ ماڻهوء کي وڪڻي ڇڏيندي. ڪٿي هڪڙو چريو،ڪٿي ٻه چريا پر هتي ته پوري آڪهه ئي چري! هي وزير آهن يا جٺ؟ عجيب فضول ۽ حماقت ڀريون خبرون ڪندا ٿا رهن. عوام جون شيون وڪڻڻ جو مرض لڳي ٿو ته هنن کي به ساڳيو ماضيء جي حڪومتن وارو لڳل آهي.وزير موصوف جذبات ۽ جوش خطابت ۾ اهڙي ڳالهه ڪري ويو آهي جنهن تي آئين جي ڀڃڪڙيء جو ڪيس جڙي سگھي ٿو.جتي اهڙا آپي کان ٻاهر نڪتل وزير هجن اتي آبي وسيلن جوبه خدا ئي حافظ آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو