ڇا جمھوريت ئي سمورن دردن جي دوا آهي؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏1 نومبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    فرض ڪريو ته جمهوريت جو باني ”روسو “ جيڪر زندهه هجي ها ته اڄوڪي جمهوريت ڏسي ڇا ڪري ها؟ شايد آپگھات ڪري ڇڏي ها.جيڪر انسان جي تاريخ تي نظر وجھبي ته مٽيء جي خمير مان جنم وٺندڙ هي ڳالهائيندڙ جانور شعور جي منع ٿيل وڻ مان تعمير ۽ تخريب،هاڪار ۽ ناڪار،گناهه ۽ پرهيزگاري،محبت ۽ نفرت جهڙن ميون جو ذائقو چکي چڪو آهي.ان کي سندس شعور ڪنهن به زمين تي امن سان رهڻ ناهي ڏنو.آدم جي اوسر کان اڄ تائين انساني نسل جا ٻه مکيه ٽولا سدائين پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون رهيا آهن.هڪڙو حڪمرانن يا اشرافيا جو ٽولو ۽ ٻي عام رعيت! ۽ آسمان جي اک ڏٺو آهي ته سدائين اشرافيا جو ٽولو ئي ظالم ۽ رعايا مظلوم رهندي ٿي اچي. جنهن ڏينهن حاڪم ۽ محڪوم جو اهو ٽڪراء،آقا ۽ غلام جو اهو فرق،بندي ۽ مالڪ جي اها وڇوٽي،جابر ۽ مجبور جي اها دشمني ۽ ظالم ۽ مظلوم جو اهو جھيڙو ختم ٿي ويندو انهيء ڏينهن ملائڪن جي مسجود حضرت انسان کي پوري روء زمين جي بادشاهت جو چمڪندڙ تاج پهرائي اشرف المخلوقات جي بلند ۽ بالا تخت تي ويهاري ڇڏيو ويندو.هي تضاد،هي فساد ۽ هي عناد ان ڏينهن ختم ٿي ويندو.خدا جي زمين تي امن جي ديوي راڄ ڪندي ۽ انسانيت پنهنجي تخليق جي مقصد جي منزل ماڻي وٺندي.تڏهن ئي انسان انسان کي غلام بنائي کيس ڪهڻ.ڪپڻ.مارڻ ،مصيبت ۾ وجھڻ،ايذائڻ ۽ آزارڻ،سور ۽ صدما ڏيڻ ڇڏي ڏيندو.انهيء ئي ڪيميا ۽ انهيء ئي نسخي پٺيان انساني نسل جا ڏاها صدين کان ڪنهن رڃ ۾ رلندا رهيا آهن.انهيء ئي معمي کي سلجھائڻ لاء سقراط،افلاطون،ارسطو،ميڪاولي،ڪارل مارڪس،روسو،نيٽشي ۽ لينن جهڙن مفڪرن ۽ فيلسوفن پنهنجي گيان ۽ ڌيان سان نظرين ۽ فڪرن جا ڍير لڳائي ڇڏيا،انقلابن جنم ورتو،سلطنتن پاسو ورايو،حڪومتون ٺهيون ڊهيون،دنيا جي گولي تي ڪيترين ئي هاڪاري ۽ ناڪاري تبديلين جنم ورتو،انسانن هڪ ٻئي جي سرن جا فصل به ڪپيا،ڪنڌ لٿا،لاش لتاڙيا ويا،رت جون رانديون ٿيون پر جيئن پوء دنيا وڌيڪ تباهي ۽ برباديء جي ڪن ڏانهن ڌڪبي ويئي.گذريل صديء جي شروعات ۾ دنيا جي اهل دانش روسوء جي پيش ڪيل جمهوريت واري نظريي کي انسانيت جي مسئلن ۽ مونجھارن،جھيڙن ۽ فسادن جو آخري حل قرار ڏنو پر ڇا ان جمهوريت دنيا جي بکين جو پيٽ ڀري ڇڏيو؟ انگ اگھاڙن کي تن تي ڍڪڻ لاء ڪا چادر ملي ويئي؟خونخوار انسان نما درندن ڪا تهذيب سکي ورتي؟ڇا معصوم ۽ بي گناهه ٻارڙن جو بي مقصد جنگين ۾ مرڻ ۽ معذور ٿيڻ بند ٿي ويو؟بدقسمتيء سان جمهوريت واري ناقص ۽ هزارين عيبن سان ٽمٽار نظريي کي اهڙي ته متبرڪ انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي ڄڻ ته اهو ڪو آسماني صحيفو هجي؟هڪ اهڙي طرز حڪومت جنهن ۾ ماڻهن کي ڳڻيو ته وڃي ٿو پر توريو نٿو وڃي.جتي ڪنهن عادل ۽ اهل حڪمران جي چونڊ سوچ سمجهه ۽ ساڃاهه رکندڙ ماڻهن جي راء سان ڪرڻي هئي اتي هر خاص ۽ عام،پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل،عالم ۽ جاهل،ذهين ۽ ڪند ذهن،داناء ۽ نادان،قانون کي مڃيندڙ ۽ قانون ٽوڙيندڙ ايستائين جو عقل جي انڌي کي به اهو اختيار ملي ويو ته اهي حڪومت جي واڳ جنهن کي گھرن تنهن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏين.جيڪر انڌو انڌي جي رهنمائي ڪندو ته ضرور ٻئي کڏ ۾ ڪرندا.ڦورو ۽ غاصب قسم جي طبيعت رکندڙ مافيا اڳيئي جمهوريت کي ٽريپ ڪرڻ جا ڪرتب سکي رکيا هئا.هر قسم جي ميڊيا جي ذريعن کي خريد ڪري پنهنجي نيڪناميء جي شهرت ذريعي ووٽ حاصل ڪندڙ اهي ئي پراڻا سرمائيدار ، جاگيردار۽ ڏوهاري قسم جا ماڻهو وري ٻيهر عوام جي ووٽ ذريعي عوام تي مسلط ٿيندا رهيا ۽ اولهه توڙي اوڀر ۾ ماڻهن کي اها غلطفهمي پيدا ٿي پيئي ته اهي نمائندا انهن جا پنهنجا چونڊيل آهن.هن وقت جيڪر اولهه ۾ ڪٿي ڪا جمهوريت ڪجهه ڪامياب به ٿي آهي ته ان جي ڪاميابيء جو راز چونڊون يا ووٽ شماري ناهي.حقيقيت ۾ هڪ ڊگھي جمهوري عمل ذريعي اتان جي عوام کي ايڊيوڪيٽ ڪيو ويو آهي تڏهن اهي هاڻي پنهنجو ووٽ ڏيڻ وقت پنهنجو ۽ پنهنجي پوري قوم جو فائدو سڀ کان پهرين سوچين ٿا تنهن هوندي به هارس ٽريڊنگ ۽ لفافن ۽ لوٽن جي سياست اولهه جي بهترين جمهوريتن ۾ اڄ به موجود آهي.بدقسمتيء سان اسان جي ملڪ ۾ ان اونداهين دور مان روشن دور ۾ داخل ٿيڻ جو عمل ڪڏهن شروع ئي ناهي ٿيو جيڪو اولهه ۾ ٿيو آهي.اسين ڄاڻون ٿا ته آباديء جي اڪثريت سدائين سطحي ذهنن تي مشتمل هوندي آهي جيڪي ماضيء جي واٽ تي هلندي انهن ئي ماڻهن کي پنهنجو حڪمران چونڊيندي آهي جن جو انهن تي رعب ۽ دٻدٻو هوندو آهي.اهڙيء طرح هميشه بادشاهيء کي جمهوري لباس پهرايو ويندو آهي.زمين جي سيني مان نڪرندڙ هر خزاني تي هر انسان جو برابر حق آهي.جيستائين زمين جي گولي تان ذاتي ملڪيت جو غلط تصور مٽايو نٿو وڃي تيستائين آسمان هيٺان اهو ظلم ٿيندو رهندو.سرمائيداري هجي يا قوم پرستي،شهنشاهيت هجي يا سيڪيولرزم،اشتراڪيت هجي يا سوشلزم،بادشاهي جمال هجي يا جمهوري تماشو،انسانيت جي رڳن مان رت وهندو رهندو جيستائين زمين جي واسين ۾ خدائي انعامن جي ورهاست انهن جي حقيقي ضرورتن مطابق نٿي ڪئي وڃي.تيستائين جمهوريت به هڪ رڃ آهي.هڪ اهڙو خوبصورت ۽ دلين کي وڻندڙ دوکو جيڪو اولهه جي نام نهاد مهذب ملڪن ٽين دنيا جي اٿندي اٿندي ڪرندڙ ۽ ڪري ڪري اٿندڙ عوام تي مسلط ڪري ڇڏيو آهي.هڪ اهڙو ڪاغذي گل جنهن ۾ ڪا خوشبوء ناهي.هڪ اهڙو مفلوج ٿيل انساني عضوو آهي جيڪو انساني وجود تي هڪ بيڪاربار آهي.هڪ اهڙو ناڪارا نظام جيڪو ڪيترن ئي ملڪن ۾ بريء طرح ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ جيڪر ڪٿي هن خزان ۾ ورتل وڻ کي پاڙون هڻڻ جو موقعو مليو به آهي ته اتي به ان جي آبياريء لاء مصر جي نيل دريا جيان مسلسل جوان خون جي قرباني ڏيڻي پيئي آهي.آدم جي اولاد جي بيقراريء جو حل اڃا تائين ته ڪنهن به انساني نظام هٿ نه ڪيو آهي.هاڻي انسانذات کي هڪ اهڙي نظام جي گھرج آهي جيڪو ٻاهرين ڪائنات کان سواء سندس پنهنجي اندر ۽ ذات سان به ميل کائيندو هجي.اولهه جي مفڪرن کي ته اهو خطرو لڳل آهي ته سندن زبانن تي ڀلجي به جيڪر ان قسم جي ڪنهن نظام جو نالو ڪڏهن آيو ته ڪليسائن جا پادري پنهنجن ڪڇن ۾ بائيبل هڻي ڊوڙندا سندن خلاف وڌندا نه ته سچ ته اهو آهي جو انسان کي ڪنهن اهڙي نظام جي ضرورت آهي جيڪو انساني سوچن جي غلطين،ذهنن جي تعصب،دلين جي ڪيني ۽ طبيعتن جي حرص ۽ هوس کان پاڪ هجي.جيئن مولانا ابوالڪلام آزاد چيو هو ته ” اسان کي انگريزن جي دسترخوان جي چٻاڙيل ڪراهت انگيز هڏين تي ڪفايت ڪرڻ جي عادت ڇڏڻي پوندي.“

    ڪڏهن اوهان غور ڪيو آهي ته جمهوريت جي دعويدارن جي اها بنيادي دعويٰ ئي غلط آهي ته اڪثريت جي راء سدائين صحيح هوندي آهي.بلڪ حقيقت اها آهي ته عام طور تي جمهوريت ۾ اڪثريت جي راء کي رد ڪري ڇڏيو ويندو آهي.مثال هڪ سو ماڻهن جي نمائندگيء لاء ستن اميدوارن اليڪشن ۾ حصو ورتو،انهن مان ڇهن اميدوارن گڏيل طور تي 79 ووٽ حاصل ڪيا ۽ ستين اميدوار رڳو 21 ووٽ حاصل ڪيا ته اهو انهن ماڻهن جو نمائندو چونڊجي ويو جڏهن ته سو مان 79 ماڻهن يعني اڪثريت هن کي رد ڪري ڇڏيو هو.

    جيستائين مستقبل ۾ جمهوريت جي بقا جو سوال آهي ته دانشورن جون ڊگھيون نظرون ايڪيهين صديء ۾ ان جون آخري هڏڪيون ٻڌي رهيون آهن. اها بانسري هاڻي گھڻو وقت وڄي نه سگھندي.نالي واري مفڪر ”ڊين ايگي“ جي چوڻ مطابق ؛ ”ويهين صديء جي درٻاري عالمن ۽ دانشورن شاهي تخت کي جن ڪلهن جو سهارو ڏيئي رکيو هو انهن ۾ هاڻي پهچ نه رهي آهي.“ ۽ ويهين صديء جي ضمير ۽ فرنگين جي مجذوب ”اليگزينڊر سولز نيٽسن“ جو هي نعرو جنهن کي فيض احمد فيض شعر جو ويس پهرايو آهي سو اڄ به هماليا جي ڇاتيء تي رت سان لکيل نظر اچي ٿو ته

    اي خاڪ نشينو! اٺ بيٺو! وو وقت قريب آ پهنچا هي،

    جب تخت گرائي جائينگي، جب تاج اڇالي جائينگي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو