ڪپتان سان آخر ڪهڙو مسئلو آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    [​IMG]

    شفيق الرحمان شاڪر

    ڪو مڃي يا نه پر اها حقيقت آهي ته عمران خان ذاتي طور تي نه ته بدديانت آهي ۽ نه ئي دوکيباز ۽ نه ئي بدنيت.پر تبديلي ته پري رڳو حڪومت جيئن تيئن هلائڻ لاء به فقط انهن ئي خوبين جو هئڻ ڪافي ناهي هوندو. بلڪه جڏهن اوهان ڪو اهڙو نظريو سا سوچ کڻي صدين جي اسٽيٽس ڪو کي للڪاريو ٿا ته اتي خطرا ۽ چيلينج نهايت ئي وڌي ويندا آهن جو هڪ مدي خارج ڪرپٽ نظام ۽ انهيء تي شروع کان ڪنهن نه ڪنهن طرح قابض طاقتور مافيا سان مهاڏو اٽڪائڻ ڪا ٻارن جي راند نه هوندي آهي. اصل ڳالهه اها ناهي هوندي ته اوهان ڪيترا سچا، مخلص ۽ درد دل رکندڙ آهيو پر ناڪاميء جو بنيادي سبب اهو جڙندو آهي جو اوهان کي اها خبر نه هوندي آهي ته اوهان جو حريف ڪيڏو چالاڪ،مڪار،طاقتور ۽ اٽڪلباز آهي! اها ڳالهه ته هيستائين صاف ۽ واضح ٿي چڪي آهي ته جناب عمران خان ۽ سندس ٽيم حڪومت سنڀالڻ کان پهرين ان سلسلي ۾ ڪوبه اڳواٽ هوم ورڪ نه ڪيو هو جنهن ڪري مختلف اهم مامرن ۾ وک وک تي مونجھارا محسوس ٿي رهيا آهن جيڪي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ عوامي مايوسين جي شڪل اختيار ڪنداٿا وڃن.ڪن مامرن ۾ ان مايوسيء جون حقيقتون ٺوس سبب به رکن ٿيون پر مايوسين جي هڪ ڊگھي لسٽ اها به آهي جيڪا خود عمران خان جي حڪومت پنهنجن ڊگھين دعوائن ۽ سامهون هن جي سالن جي تجربي ڪار ۽ چالاڪ سياسي ٻاون پنهنجي پوري پراڻي سنگت ذريعي سر جي انداز ۾ هر هنڌ ڳائيندي ، وڄائيندي ۽ عوام کان انهيء تي زبردست داد وصول ڪندي پيدا ڪئي آهي. اسان جي عوام ۾ هونئن به جذباتيت ۽ جلدبازي ڪٽي ڪٽي ڀريل آهي سو اهي به ڪنهن به معاملي جو حقيقت پسندي ۽ انصاف سان جائزو وٺڻ بدران يا ته ڪنهن رهبر کي آسماني مخلوق بنائي ڇڏيندا آهن يا وري کيس انهن سمورين خرابين جو به ذميدار قرار ڏيئي کيس خوار ڪندا رهندا آهن جن خرابين ۾ ڀلي هن جو ٽڪي جو به عمل دخل نه رهيو هجي.اهو اسان جو هڪ خطرناڪ قومي رجحان آهي جيڪو اسان جي ذاتي زندگين کان وٺي ادارن تائين پسي سگھجي ٿو جن ادارن ۾ سوشل ميڊيا سان گڏ عام ميڊيا جو به هڪ ڳچ حصو شامل آهي.حالانڪ ميڊيا بنيادي طور تي ڪو سياسي گروپ نه پر حڪومتن توڙي مخالف ڌر تي واچ ڊاگ جو ڪم ڪندو آهي پر اسان وٽ حقيقتن کي لڪائڻ يا مسخ ڪرڻ،ڪنهن جي ڪردار سازي يا ڪردارڪشيء ۾ ميڊيا جي ملايل حصي جو ڏاڍ مڙسيء سان ڀلي انڪار ٿيندو رهي پر حقيقت اها آهي ته اڪثر انصاف جون گھرجون پوريون نٿيون ڪيون وڃن.انهيء جا جيڪي سبب هجن پر سچ اهو آهي ته هن وقت ميڊيا جو هڪ حصو موجوده حڪومت جي ڪاميابين ۽ ڪامرانين جي ساراهه ۽ وزير اعظم جي دورانديشي جا داستان ٻڌائيندي نٿو ٿڪي ۽ ملڪ ۾ سموري تباهي ۽ خرابيء جو ذميدار ڪجهه خاص سياسي ڌرين کي ئي قرار ڏئي رهيو آهي جڏهن ته ميڊيا جو هڪ ٻيو حصو وري ماضيء جي انهن سمورين ناڪام پاليسين ۽ منصوبن جي لاء به موجوده حڪومت جو گھيراء ڪندي نظر اچي ٿو سو جتي هڪ طرف حڪومت ۽ مخالف ڌر گڏجي عوام جون متيون منجھايون آهن اتي ان قسم جي ميڊيا به وسان نه گھٽايو آهي.بهرحال،هاڻي اچون ٿا ان معاملي طرف ته آخر ڪپتان سان ڪهڙو مسئلو آهي.ٻن ،مسئلن جو ذڪر ته اچي چڪو ته عمران خان ۽ سندس ٽيم اڳواٽ ڪوبه هوم ورڪ نه ڪيو هو شايد انهن کي اها خوشفهمي يا غلط فهمي هئي ته هنن ۾ ايتري ته ذهانت، قابليت ۽ صلاحيت موجود آهي جو هو حڪومت ملندي ئي سڀ سڌو ڪري وٺندا ، جيڪر ايئن آهي ته پوء اها به هڪ خطرناڪ بيماري” اوور ڪانفيڊنس “آهي. ٻين لفظن ۾ ڪنهن به مقابلي ۾ پنهنجي حريف کي ڪمزور سمجھڻ پنهنجي شڪست جي امڪان طرف پهريون قدم هوندو آهي.عمران خان جي لاء ٻيو اهم مسئلو سندس پنهنجي ناتجربيڪاري ۽ سامهون تجربيڪار ۽ وڙهيل چڙهيل سياسي حريف آهن جن مان سڀني سان هو هڪ ئي وقت سياسي طور تي ڦٽايو ويٺو آهي.عمران خان سان ٽيون مسئلو هن جا پنهنجا ۽ سندس وزيرن مشيرن جا غير ذميداراڻا ۽ غيرضروري بيان آهن جن تي سندس حڪومت کي يا ته بار بار يو ٽرن يا مختلف تاويلون ڪرڻيون پئجي رهيون آهن.ڪجهه اهڙا ڳجھا معاملا جيڪي مختلف رياستي ادارن ۽ حڪومت جي وچ ۾ بحث هيٺ اچن ٿا عمران خان جا ڪجهه هلڪا وزير ۽ مشير انهن معاملن کي به کڻي آڻي ميڊيا جي سونهن بنائين ٿا جنهن ڪري به ڪيترائي مونجھارا ۽ غلطفهميون جنم وٺي رهيون آهن.هڪ ٻيو اهم مسئلو جيڪو هن وقت عمران خان کي درپيش آهي سو اهو ته تحريڪ انصاف جي شروعاتي ۽ نظرياتي ماڻهن مان عمران خان وٽ هاڻي رڳو چند ماڻهو ئي رهجي ويا آهن ٻي باقي سموري فوج انهن اڳواڻن جي آهي جن جي اڪثريت پاڪستان پيپلز پارٽيء سان اختلافن سبب اها پارٽي ڇڏي عمران خان وٽ آئي آهي ۽ انهن مان گھڻا پي پي جي ڀيٽ ۾ نون ليگ جي باري ۾ وڌيڪ سخت موقف رکن ٿا ۽ انهن جوٽارگيٽ رڳو نون ليگ ئي بڻيل آهي.اهي اڳواڻ عمران خان کي ڪنهن نه ڪنهن طرح متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته پي پي قيادت خلاف سخت موقف اختيار نه ڪرڻ گھرجي.جنهن جو ثبوت اوهان کي ان صورت ۾ ملندو ته پي پي قيادت پاران عمران خان خلاف نهايت ئي سخت زبان اختيار ڪرڻ باوجود تحريڪ انصاف جي وزيرن ۽ مشيرن طرفان ان تي ڪو خاص ردعمل نٿو اچي. هاڻي عمران خان جي لاء مشڪل اها آهي جو هو جيڪر پنهنجن اهڙن مشيرن جي ان راء سان اتفاق ٿو ڪري ته پوء حڪومت جي سمورين احتسابي دعوائن جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي ۽ دنيا محسوس ڪرڻ لڳندي ته تحريڪ انصاف به ماضيء جي حڪمرانن جيان رڳو هڪ خاص سياسي ڌر کي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي.عمران خان حڪومت ڪريڊٽ کڻڻ جي چڪر هڪ ٻيو مسئلو به هروڀرو پنهنجي ڳچيء ۾ وجھڻ تي سندرو ٻڌي بيٺل نظر اچي ٿي سو آهي احتساب واري جاري عمل ۾ خوامخواهه ٽپي پوڻ.هي ٻڌجي ويندو،هن کي جيل ۾ وڌو ويندو وغير وغيره حالانڪه احتساب جي عمل لاء جڏهن ادارا موجود آهن ته پوء اهڙي بيانبازي ڪرڻ جو ڪو جواز موجود ناهي ۽ نه ئي انهيء جو ڪو فائدو آهي سواء انهيء جي جو حڪومت پنهنجي اصل ڪم ۽ ٽارگيٽ کان هٽي ڪري سخت سوالن ۽ تڪرارن جي گھيري ۾ اچي وڃي.حڪومت کي ته پنهنجو سمورو ڌيان انهن فضول قسم جي بحثن ۾ کپائڻ بدران عوامي ڀلائيء جي منصوبن ۽ حڪومتي ادارن کي درست ڪرڻ طرف لڳائڻ گھربو هو جيڪو بدقسمتيء سان حڪومت هيل تائين نه ڪري سگھي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو