اڃان ساھ باقي آ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ساجد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2018۔

  1. ساجد سنڌي

    ساجد سنڌي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏7 فيبروري 2018
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    شاگرد
    اڃان ساھ باقي آ

    گزريل رات مون توسان پنهنجو حال ء عشق اورڻ جي جيڪو ذريعو فيسبڪ کي سمجهي ڪري توڏانهن فرينڊ ريڪوئسٽ موڪلي ۽ هيلو هاء وارو پيغام پڻ تو لاء ڇڏيو اي منهنجا پرين ليڪن تو موٽ ۾ منهنجي ريڪوئسٽ ڊليٽ ڪري , ۽ مونکي بلاڪ ڪري تمام ڏکويندڙ ردعمل ظاهر ڪيو ڄڻ ته ڪنهن منهنجي دل ۾ پوکيل ٻير جي وڻ جا تازا ڦُٽيل ٻور ڪنهن ماري ڇڪي روڙيا هجن يا ڪنهن ظالم ڪاڇي جي خشڪ پٽوڙي تي ڪنهن تلور جهڙي مسافر پکي جو ڪنهن تيز ڌار اوزار سان سيس ڌار ڪيو هجي, ليڪن پوء به مون دل ۾ اميدن جي گلن جي ٻوٽن وري پاڻي ڏيندي ۽ شهيد بشير خان قريشي جي سنڌ کي خوشحال ڏسڻ واري ان اميد وانگر مان اڃان انهي اميد ۽ آس جي ٻرندڙ ڏيئي کي ٻاريندو پيو اچان ۽ آءُ به پنهنجي قلم جي جستجو ۽ لڳن سان تنهنجي من اندر گلاب جا گل پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندس ڇاڪاڻ ته قلم ساڻ ماڻهو ڀلي عشق جو ميدان ۾ هجي يا سياست جي ميدان ۾ جيڪڏهن قلم چاهت ۽ لڳن ساڻ هٿ ۾ کنيل آهي ته پوء ڪابه شيء ان اڳيان ناممڪن ناهي ۽ هائو تنهنجي اميد ۽ آسري کي دل ۾ رکندي ۽ انهي آس کي قرآن جي آيات وانگر من ۾ سانڍي آءُ لکندو رهندس ڇو ته منهنجي سر جا سائين
    اڃا ساھ باقي آ
    پرين لکڻ ڏي اڃا رات باقي آ !
     
    آخري ترميم: ‏8 ڊسمبر 2018

هن صفحي کي مشهور ڪريو