سنڌ براڊڪاسٽنگ ڪاپوريشن جي هڪ مڪمل سنڌي ويبسائيٽ

'اهم سنڌي ويب سائيٽس' فورم ۾ شمشير نظاماڻي طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2018۔

  1. شمشير نظاماڻي

    شمشير نظاماڻي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    سنڌ براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن يا ايس بي سي سنڌ، سنڌ جي ماڻھن کي مختلف خبرن ۽ مسئلن کان آگاھ ڪرڻ لاءِ فيس بڪ تي جوڙيل ھڪ صفحي جو نالو آھي، جنھن کي محدود وقت ۾ توقع کان وڌيڪ مڃتا ملي، فيس بڪ تي ايس بي سي سنڌ نالي پيج 2014ع تي جوڙيو ويو، جڏھن ان لاءِ ھي ويبسائيٽ 2018 جي ڊسمبر ۾ جوڙي وئي.

    ايس بي سي سنڌ ڪنھن ھڪ ماڻھو جي ملڪيت يا سوچ جو نالو ناھي، ايس بي سي سنڌ ۾ سنڌ جا ڪيترائي ڏاھا، سياسي ڪارڪن، اديب، تعليمدان لائيوو ٿيندا رھن ٿا. اھا اسان جي پاليسي آھي تہ ماڻھن کي ھر مسئلي تي ڳالھائڻ جي اجازت ھجي، ھر مڪتبہ فڪر جو ماڻھو پنھنجا خيال پيش ڪري، اھو قوم پرست ھجي يا وفاقي خيالن جو، مذھبي ماڻھو ھجي يا صوفي ۽ سيڪيولر، ايس بي سي سنڌ انھن جي لاءِ ھر وقت کليل پليٽفار طور انھن کي موقعو فرھام ڪندي آھي تہ مثبت خيالن سان اھي پنھنجا رايا عوام اڳيان رکن.

    اسان جي فيس بڪ جيان، ھي ويبسائيٽ پڻ ھر مڪتبہ فڪر جي ماڻھن لاءِ ھميشہ کليل رھندي جتي اھي پنھنجي ۡخيالن جو اظھار ڪري سگهن ٿا. انٽرنيٽ تي سنڌي ۾ خبرن جي حوالي سان آزاد يا عوامي ويبسائيٽون نہ ھجڻ جي برابر آھن، ان لاءِ اسان ھن ويب سائيٽ جي شروعات ڪئي آھي، جتي عام سنڌي جي آواز کي ھڪ اھڙو پليٽ فارم مھيا ڪجي جتي ھو وڌيڪ سگهاري نموني عوام سان پيش اچن.
    ويبسائيٽ جو ڀيرو لڳايو
     
    الھي بخش هيء پسند ڪيو آهي.
  2. الھي بخش

    الھي بخش
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏31 آڪٽوبر 2017
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ماڳ:
    ھوت جو اھڻ
    شمشير نظاماڻي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو