ڪجهه ته جمهوري ۽ اخلاقي قدرن کي مان ڏجي!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏10 فيبروري 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    538
    ورتل پسنديدگيون:
    614
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    هر وقت جمهوريت جمهوريت جي قوالي ڳائيندڙ اسان جا نام نهاد سياستدان اڄ ڪلهه ڇاڪري رهيا آهن؟شايد عوام ۽ ملڪ سامهون بيٺل سڀ مسئلا ۽ مشڪلون ختم ٿي وييون آهن جنهن ڪري بحث لاء اهڙو ڪو موضوع نه رهيو آهي جنهن تي اهي ڳالهه ٻولهه ڪن.ان ڪري اهي هاڻي هر وقت هڪ ٻئي جا پٽڪا اڇلي رهيا آهن.گذريل ڪجهه مهينن کان ته انهن هڪ ٻئي جو جيڪو حشر ڪيو آهي انهيء مان ته لڳي ٿو ته اسان جي سياست پنهنجي اخلاقي وجود کان بلڪل بي نياز ٿي چڪي آهي.ڇا هاڻي سياست رڳو بيهودگي،فحش زباني،گار گند ۽ هڪ ٻئي جا پٽڪا لاهڻ جو مقابلو آهي جتي ميدان رڳو اهو کٽيندو جيڪو وڌيڪ بد زبان،بد تميز ،ڪوڙو ۽ اخلاق کان آجو هوندو؟ابوالڪلام آزاد چيو هو ته سياست جي سيني ۾ دل نه هوندي آهي.هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا سياست جي اکين ۾ حيا به نه هوندي آهي؟ٿورو ڪجهه عرصو پهرين جو هڪ منظر ڏسو،بيگم ڪلثوم نواز بيمار ٿئي ٿي ان کي لنڊن نيو وڃي ٿو.هتي شور مچي ٿو ته اهو سڀ ڊرامو آهي،ڪلثوم نواز کي ته ڪا به بيماري ڪانهي.پوء خبر اچي ٿي ته سندس طبيعت وڌيڪ خراب اهي ۽ کيس وينٽيليٽر تي رکيو ويو آهي.مريم نواز ماڻهن کي دعا جي اپيل ڪري ٿي.هاڻي شور مچايو وڃي ٿو ته ڪلثوم نواز ته ڪڏهوڪي الله کي پياري ٿي چڪي آهي،هاڻي رڳو سياسي مفادن لاء کيس وينٽيليٽر تي رکيو ويو آهي.ٿورو غور ڪريو، سياسي دشمني ۽ نفرت ۾ ماڻهو ان قدر سنگدلي ء تي لهي آيا جو پهرين ته هڪ بيمار کي بيمار مڃڻ کان انڪار ڪيائون ۽ پوء وري هن کي زندهه تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ويٺا.سياسي لاڳاپا به ٿين ٿا ۽ نفرت توڙي محبت جا رويا به سياست ۾جنم وٺن ٿا پر ڇا ڪو اخلاقي طور تي ان حد تائين به ڪري سگھي ٿو جو انسان ان قسم جي غير انساني روين جو شڪار ٿي وڃي.ڳالهه ته نهايت سادي آهي ته جيڪر ڪو بيمار آهي،ڪنهن تڪليف ۾ ورتل آهي،يا موت ۽ حياتيء جي ڇڪتاڻ ۾ ڦاٿل آهي ۽ وينٽيليٽر تي آهي ته شريفاڻو رويو ته اهو آهي ته ان لاء خير جو ڪلمو چئجي ۽ هن جي حق ۾ دعا ڪجي.جيڪر ڪنهن کي نفرت جي باهه ڪجهه وڌيڪ ئي تپائي رهي هجي ته هو پنهنجي نفس تي ضابطو رکي گھٽ ۾ گھٽ خاموش رهي.پر ڪنهنجي بيماري يا درد جو تماشو اڏائڻ پنهنجي طبيعت ۾ موجود گندگيء کي ظاهر ڪرڻ ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟اهو ان ڳالهه جو به اعلان آهي ته اسان جو اخلاقي ڏيوالپڻو ڪيترو شدت اختيار ڪري چڪو آهي ۽ جمهوري نعرن ۽ سياسي شعور جي نالي تي اسان جيڪو ناچ نچي رهيا آهيون اهو بيهودگيء سواء ٻيو ڪجهه به ناهي.ٻيو منظر عمران خان جي باري ۾ آهي،سندس سياست ۽ ڪارڪردگيء کي نشانو بنائڻ بدران ڪهڙيء طرح سندس ذاتي زندگيء کي بحث هيٺ آندو ويو.ڪڏهن ڪجهه نون ليگي اڳواڻن جي زبان ذريعي ته ڪڏهن ريحام خان جي قلم ذريعي جن کي پڙهي ۽ ٻڌي ڪري ڪنڌ شرم مان جھڪيو وڃي.اهي ته رڳو ٻه مثال آهن نه ته اوهان پنهنجي آسپاس ڏسو ته اوهان کي هڪ لفظي بدبوء اٿندي محسوس ٿيندي.پنهنجو پاڻ کي سياسي ڪارڪن سڏائيندڙن جيڪي ڪجهه رويو هڪ ٻئي کي اگھاڙو ڪرڻ ۾ اختيار ڪيو آهي انهيء کي ڏسي ڪري اهو سوال جائز آهي ته ڇا سياست هاڻي رڳو ان شيء جو نالو رهجي ويئي آهي ته هاڻي نه رڳو سياست جي ميدان ۾ موجود مخالفن جون مڇون پٽيون وڃن پر انهن سان گڏ سندن مائرن،پيئرن ۽ ڀينرن جي عزت به انهن مقدس ايوانن ۽ ميڊيا جي چوراهن تي مٽيء ۾ ملائي وڃي ۽ اهڙي ڪڌي طريقي سان پنهنجي اندر جي ڍڪيل گندگي ٻاهر گھٽين م ڍير ڪئي وڃي. عام ماڻهن جا مسئلا قومي ايجنڊا ۽ پارٽي پروگرام تان غائب آهن.انهنجو احساس ڪنهن کي به نٿو ستائي جن کي جيئڻ لاء روز ڪيترا جتن ڪرڻا پون ٿا.سياسي بحث جاري آهن،آئيني ترميمون زير بحث آهن،آئين تي مرڻ ۽ قربان ٿيڻ جون دعوائون ٿي رهيون آهن.سازشن جا داستان ۽ انتقام جا افسانا ٻڌايا پيا وڃن.پنهنجن مجبورين جا قصا ۽ پنهنجن ڪارڪردگين جا ترانا ڳائجي رهيا آهن پر ان سموري جمهوري نظام واري جمهوري بحث مان جيڪر ڪو غائب آهي ته اهو ويچارو جمهور آهي.ڪو به ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ لاء تيار ناهي ته سندن دردن جي هنن وٽ ڪهڙي دوا ۽ سندن ڦٽن جو هنن وٽ ڪهڙو مرهم آهي؟سندن سورن جي خاتمي لاء هنن وٽ ڪهڙي منصوبا بندي آهي؟بس ڳالهائي رهيا آهن ۽ ڳالهائيندا ٿا وڃن،بنان ڪنهن اصول ۽ بنان ڪنهن اخلاقي ضابطي جي.هڪ ٻئي جا جھنڊا پٽيندا ٿا وڃن،هڪ ٻئي جا ڪرتوت کوليندا ٿا وڃن.نه انهن کي اهو ٿو خيال ٿئي ته کين ڪروڙين اکيون ڏسي رهيون آهن ۽ نه کين اهو ٿو احساس ٿئي ته اهي پنهنجو پاڻ کي دنيا سامهون تماشو بنائي رهيا آهن.اها آهي شاندار تهذيب جيڪا هنن کي هيستائين هن نام نهاد جمهوريت سيکاري آهي؟ٽاڪ شوز ڏسو،جلسن جو حال ڏسو،ڪا پريس ڪانفرنس ڏسي وٺو،سوشل ميڊيا تي انهن اڳواڻن جي ڪارڪنن جو عام رويو ڏسو.اهي هر هنڌ تي هڪ ٻئي تي گل وسائي رهيا هوندا.ڪجهه سٺن ۽ باڪردار سياستدانن کي ڇڏي ڪري باقي هر طرف اوندهه نظر اچي ٿي.اهي اڻ ڄاڻائيء ۾ نه پر ڏسي وائسي اهڙو ماحول پيدا ڪن ٿا ته جيئن ماڻهن جو اصل مسئلن طرف ڌيان ئي نه وڃي ۽ اهي انهيء ڌماچوڪڙيء جو مزو وٺندي وندريا ويٺا هجن.انهن ملڪي ۽ سماجي سطح تي اهڙو ته هيجاني ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي جو جيڪو جيترو وڌيڪ بد زبان،بد ڪلام،بد تميز ۽ بد اخلاق آهي اهو سندس قيادت وٽ ايترو ئي وڻندڙ ۽ هيرو آهي.جنهن ۾ وڌيڪ گاريون بڪڻ جي صلاحيت هوندي سو ئي مقابلو کٽيندو.دليل ۽ منطق سان ۽ سليقي سان ڳالهه ڪرڻ جو رواج ئي ختم ٿيندو ٿو وڃي.سهپ ته بلڪل نه رهي آهي.اڳي ٽاڪ شوز جي نالي سان بدتميزيء وارو دنگل لڳندو هو هاڻي ته اسيمبلين اندر به اها وبا ڪاهي پيئي آهي.اسيمبلين ۾ ذاتي حملن،ڪردار ڪشين ،الزام تراشين ۽ طعنا زنين سواء جيڪر ڪنهن ٻي ڪا شيء ڏٺي هجي ته ٻڌائي.ڪوڙ جو هڪ سمنڊ آهي ۽ ان ۾روزانو ٻڏڻ وارا لکين بيوقوف.ان ڪري جمهوري قدرن تي ڀروسو رکندڙ هر ماڻهو اهو سوچڻ تي مجبور آهي ته ڇا هاڻي سياست رڳو بيهودگي،فحش زباني،گار گند ۽ هڪ ٻئي جا پٽڪا لاهڻ جو مقابلو آهي جتي ميدان رڳو اهو کٽيندو جيڪو وڌيڪ بد زبان،بد تميز ،ڪوڙو ۽ اخلاق کان آجو هوندو؟
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو