ويلنٽائن ڊي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ڪوي آصف جسڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2019۔

  1. ڪوي آصف جسڪاڻي

    ڪوي آصف جسڪاڻي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 فيبروري 2019
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ويلنٽائن ڊي
    سنڌيا ويلنٽائن جي ڏيهاڙي لطيف ورسٽي ڪنهن فرانس جي ڇوڪري جيان جرڪي پئي هيئي، اڇا ۽ ڪارا ڪڪر آڪاس تي هڪٻئي کي ڊوڙائي رهيا هئا ۽ سج لڪ لڪوٽي راند جيان ڪنهن گھڙي قبضي ۾ اچي پئي ويو ته ڪنهن وقت دور پئي فرلانگھون پاتائين، اهڙي سُندر منظر هيٺان ورسٽي جو زيرو پوائنٽ وارو روڊ حسينن جي ٽولن سان سينگاريل هو، ڪيترائي چهرا چنڊ جي چهل پهل جيان چِل ولايون پئي ڪيون،سينٽرل لائبريري واري روڊ سان لڳل اسٽريٽ لائيٽن جي هيٺان پريمي جوڙا هڪٻئي سان مزاقون ڪئندا، ويلنٽائن ڊي ملهائيندا سائنس مينجمنٽ فيڪلٽي ۽ ايجوڪيشن فيڪلٽِي ڏانهن قريب پئي ٿيا انهن ٽولن جي پيه مان وري ڪجھ هيکلا روح اهڙِي وڻندڙ موسم ۾ جوڙن کي هٿ هٿ ۾ ڏسي ڪري نظرون روڊ ۾ کُپائي پوئتي رهجي پئي ويا۔
    انهي وقت منهنجون نظرون جوڀن ڀريل سينن سان ڪتاب لڳل پريـــــن کي تڪي رهيون هيون، ڪنهن ويل تون اداس چهرن ۾ نظر پئي آئين ته مان ڀلجي مهتاب کي پئي چيو ٰ
    ٰ ڏس پيارا سامهون سنڌيا ٿي اچي، اڄ هي گلاب جو گل ڏيئي وِيش ٿو ڪيانس اڄ ضرور ريسپانس ڏيندي ڇو جو انسان جي دل ۾ ڪهل جو ٽائيم ڪنهن الارم جيان سيٽ ناهي ٿيل هوندو اهو ته ڪنهن گھڙي به اچي سگھي ٿو پرين!، ٰ ٰ
    پر مهتاب اهڙيون ڳالهيون ٻڌي مرڪي مون کي پڪ پئي ڏياري ته ڪوي اها سنڌيا نه پر ڪا ٻي پري آ ۽ اهڙا لفظ ٻڌي منهنجا قدم بار بار رڪجي پئي ويا!.
    ائين ئي روڊ اسان جي پيرن هيٺان کسڪي رهيو هو ۽ سامهون اچي ويئي هيئي سائنس مينجمنٽ فيڪلٽي جنهن جي داون ۾ نمن جا ٻوٽا هوا ۾ پنهنجا پن پئي ڇاڻيا ساڄي پاسي کان ٻيرن جو ننڊڙو ٻيلو حسينن کي ڏسي مهڪي پيو هو ۽ اسين اپسرائون جي راڻين جي ٽولين جي اڳيان پويان ٿيندا فيڪلٽي ڏانهن موڙ کاڌو هيو ته تنهن وقت تون مون کي فيڪلٽي جي ڪاريڊور ۾ سکين ساڻ ڳالهائيندي نظر آئي هيئن ته محسوس ٿيو هو ته منهنجا پير هوا ۾ کڄي رهيا هئا، فيڪلٽي جي داعون ۾ ڇڻيل پنن کي لتاڙيندو، فيڪلٽي جي ڏاڪن وٽ پهتو هيس، تو ٻاهر نڪرندڙ سيهڙي تان لهندڙ پهرين ڏاڪي تي مس پير رکيو هيو ته سج جي روشني جا ڪرڻا تنهنجي چهري سان ٽڪرايا هئا ۽ تو مهان ڪوي شيخ اياز جو ڪتاب ((ڪٿي ته ڀڃڀا ٿڪ مسافر ))تيز روشني کان بچڻ لاءِ پنهنجي مک جي کاٻي پاسي کان سجائي رکيو هو ، تنهن وقت اهو ڪتاب ڊائمنڊ جي سنهڙن ذرڙن مٿان گلاب جو گل جيان پسيو هيم،مان چڙهندڙ ڏاڪي تي پير رکيو هيم ته تون به بلڪل سامهون بيٺي هئين،انهي ڏينهن تو پنهنجي ماروي جي ديس جو ٿري لباس ڪري ورسٽي آئي هئين تنهنڪري تنهنجي لباس تي لڳل رنگ رنگين ڪاون جي اولڙن منهنجي ڳاڙهي شرٽ تي جهرمر ڪري روشن ٿي کيڏڻ شروع ٿيا هئا،تنهنجي حسين مک تي وار واسينگ بڻجي لهي آيا هئا،تنهنجي نيڻن ۾ نيلاڻ ڀوڏيسر جي تلاءُ جي نيلي پاڻي جيان سج جي روشني لڳڻ سان جرڪي رهي هيئي ۽ آئون جرڪندڙ نيڻن ۾ تلاءُ جي وچ ۾ بيٺل سڪل وڻ جيان نظر اچي رهيو هيس، منهنجي نظرن جا ڪرڻا تنهنجي نيرن اکين سان ٽڪرائجي پرڙا هڻندا خواب نگر جي دنيا ۾ وڃي پهتا هيا،انهي ديس ۾ جتي تنهنجي وجود ڇير جيان ڇمڪڻ شروع ڪيو هيو هو،ڇمڪندڙ وجود ۾ منهنجي وجود تنهنجي وجود سان ملڻ لاءِ مس پير پاتا هيا ته تو مختصر پلڪن جي ڪهاڻي کي چپٽي وڄائي شيخ چلي جي آنن واري ڪهاڻي جيان ٽوڙي ڇڏيو هو،مونکي فيڪلٽي جي ڏاڪيڻن جي سينٽر تي پنهنجي رستا روڪ جو احساس ڏياريو هيئي ته مان ڇرڪي ڪري مرڪي پيو هيس،منهنجي مرڪ شايد تنهنجي چهري کي ڏاڙهون جيان ڳاڙهو ڪري ڇڏيو هو ۽ تو هر روز جيان پنهنجي ٿري لباس جي ٻانهن کي ڪونجيندي ڪاوڙ ۾ چيو هيو؛
    ’’ هي روز روز جي رستا روڪ ڇو؟ تون چوڻ ڇا ٿو چاهين؟ تون ڪنهن ٻين ڇوڪرين جي رستا روڪ ڇو نٿو ڪرين منهنجي ئي.....!!ٰ ٰ ٰ
    مان هڪ هٿ سان توڏي گلاب جو گل وڌائيندي ٻي هٿ سان پنهنجي دل تي هٿ رکيندي صادق فقير جي ڪلام سان مخاطب ٿيو هيس:
    ٰ ٰ سنڌيا هن دل ۾ آهن صرف تو لاء ئي هزار ڳالهيون پر تون نه ڳالهائين ته ڪنهن ٻي سان وڃين ڏس ته ڇا ڳالهائجي!ٰ ٰ
    تو هٿ مان گلاب جو گل وٺي مروڙيندي چيو هو؛
    ٰ ٰ ’ڏِس جيڪو تون ڏسين ٿو اهو ڪڏهن به ناهي ڪڏهن ڪڏهن انسان جيڪو ڏسندو آ اهو هوندو ناهي پليز! تون ڪلاس ۾ هي ساهن جا هيڻا سُر هي نظرن جا نشانه بند ڪر!ٰ ٰ ٰ
    تنهنجا اهڙا لفظ ٻڌي مان هڪ پير پوئتي هٽائيندي پنهنجا ٻئي هٿ هوا جي هلڪن جھوٽن ۾ کولي پنهنجي تخليقي شعر جي لفظن سان مخاطب ٿيو هيم؛
    سنڌيا!!
    ’’ تون مون کي چوين ٿي پردو ڪيان جيڪڏهن ڪفر خدا جو هجي نه ته!
    اڄ توکي سائنس فيڪلٽي جي سامهون دنيا اڳيان ٻيهر ٻيهر سجدو ڪيان!’’
    ’’’ ڪافر! ڪافر! تو شوخي نگاهن سان نهاريندي چيو هو؛ اها غلطي ڪري مون کي پاڻ سان گڏ ڪُفر ۾ شامل نه ڪجان!ٰ ٰ ٰ
    منهنجا ۽ تنهنجا لفظ ٻڌي تنهنجون باڊي گارڊ چمچين وڏا وڏا ٽهڪ ڏنا هئيا!
    تو انهن ڏانهن نهاري مرڪندي وري مونسان مخاطب ٿي هئين؛
    ’’ يونيورسٽي جي ڇوڪري پويان ڊوڙن پنهنجي پاڇولي پويان ڊوڙن هوندو آ جڏهن تو جھڙا ۽ اسان جي ٿهري حليم باغي جهڙا ڀڄي ڀڄي ٿڪبا آهن يا ته اهي شاعر ٿيندا آهن يا ڪافر ٿي ويندا آهن!ٰ ٰ
    تنهنجي ۽ منهنجي ماجرا ڏسي فيڪلٽي جي اڳيان سڀ جوڙا بيهي رهيا هئا ۽ مان تڪيندڙ جوڙن جي نگاهن ڏانهن هٿ کڻي چيو هو؛
    ’سنڌيامحبت ڪرڻ گناه ٿوڙي آهي چري ڏس هي سڀ جا سڀ به محبت جا پياسي آهن مان به پنهنجي پنهنجي پياس اجهائڻ ٿو چاهيان!ٰ ٰ
    تو پنهنجي چپڙن تي مرڪ ڦهلائي وري مُشڪي ڪري بيٺل سڀني جوڙن ڏانهن نهاريندي ڳالهايو هيئي؛
    ٰ ٰ ٰ هي سڀ انهي سمنڊ جا مير بحر هوندا آهن،جيڪي سمنڊن جا ترا ماپڻ لاءِ اميدون جا جهاز ڪاهي نڪري پوندا آهن،جن مان تمام ڪيترائي جڏهن سمنڊ جهاڳي ڏور نڪري ويندا آهن ۽ سڀ ڪجھ وڃائي خالي هٿ کڻي واپس گھر اچي ويهندا آهن،ڪيترائي پنهنجي پار جو طرف وساري سمنڊ ۾ مليل ڪنهن هيکلي وجود واري ٻيٽ تي رهي پوندا آهن، پر ڪنهن ٿورڙي وقت کان پوءِ سمنڊجون بي رحم ويرون ۽ بدلجڻدڙ آبهوائون مٿان سمنڊ جا ناز نخرا ڏسي پنهنجي ڪيل غلطين منجھ پوري زندگي دوڪي واري ڄار م لڳل مڇي جيان ڦاسڻ کان پوءِ فتڪڻ بند ڪري ويندا آهن!ٰ ٰ ٰ
    تنهنجون اهڙيون خريون ڳالهيون ٻڌي بيٺل ڪيترا جوڙا فيڪلٽي ۾ داخل ٿي وڃڻ شروع ٿيا هئا ۽ ڪيترا ئي بيهي هڪ ٻئي کي مسڪرائي ڪري ٺوٺون هڻي رهيا هئا.
    ’’ پر سنڌيا!ٰ ٰ ٰ
    تون منهنجا لفظ ٻڌڻ کان اڳ ۾ ئي سهيلين ساڻ هلڻ شروع ڪيو هيئي، تنهنجي پويان تنهنجي ئي هٿن سان مروڙيل گل جي ٽڪرن هوا تي تنهنجي پيرن جي پويان ڊوڙن شروع ڪيو هو گلاب جي ٽڪرن کي ڏسي منهنجو وجود سڪل وڻ جيان ٽڙڪو ڪيو هو ۽ آئون فيڪلٽي جي ڏاڪيڻ تي گوڏا کوڙي ويهي رهيو هيس،منهنجي زهن ۾ فيڪلٽي جي سامهون ٻير ۽ نمن جا وڻ گول ڦيرڻ شروع ٿيا هئا،منهنجي نظرن ۾ فيڪلٽي جو روڊ ور وڪڙ کائي رهيو هو تون زيرو پوائنٽ واري روڊ ڏانهن موڙ کائي وئي هئين،تنهنجي اها پهرين تخليف نه ڀوڳي هيم پر تنهجون اهڙيون ورتائون ڪلاس ۾ اشارن طور ٻڌي اٿي ويندو هيم ، مهتاب منهنجي ڪيفيت سمجھي ويندو هو ۽ مان ٻاهر لان ۾ ويهي سگريٽ وات ۾ پاڻ وجھندو هيم ته هو ماچيس جي تِري ڌوکائيندو هيو ائين ان ڏينهن به مهتاب بنا ڳالهائڻ جي ماچيس جي تِيري ڌوکائي هيئي ۽ مان سگريٽ ۽ مهتاب جو سهارو وٺي هاسٽل تي پهتو هيس...........
    [​IMG]
     
    آخري ترميم: ‏13 فيبروري 2019
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,849
    ورتل پسنديدگيون:
    2,485
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڪهاڻي سٺي آهي. دوست نئون لڳي ٿو. ڪجھ پروف ۾ غلطيون آهن ، خيال ۽ تصور جو سلسلو ڪٿي ڪٿي ڪٽجي ٿو وڃي، اظهار ڪرڻ لاءِ لفظن جو انتخاب ڪجھ حد کان وڌيڪ تڪلف جي انداز جو ورتو ويو آهي، جنهن کي سڌارڻ جي ضرورت آهي. ڪوشش جاري رکو، ان شاءَ الله هڪ ڏينهن سٺا ڪهاڻيڪار بڻجي ويندا. ڪجھ ڪهاڻين جي ڪتابن جو مطالعو جاري رکو ته هوند بهتر.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو