سورهيه بادشاه جنهن ساهه ڏيئي ويساه ڏنو.

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏21 مارچ 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اهم اهو ناهي هوندو ته ڪو ماڻهو ڪيترو عرصو زندهه رهي ٿو پر اهم اهو آهي ته اهو ڪهڙيء ريت زندهه رهي ٿو.سنڌ جا سورهيه بادشاهه حضرت سيد صبغت الله شاه راشدي شهيد رحمت الله عليه کي 20 مارچ 1943ع تي انگريزن خلاف آزاديء جي جنگ وڙهندي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾سوريء چاڙهيو ويو پر هو اڄ به ڪروڙن انسانن جي دلين ۾ زندهه آهي.سورهيه بادشاهه سنڌ ڌرتيء جو اهو بهادر سپوت آهي جنهن ساهه ڏيئي اهو ويساهه ڏنو ته غلاميء جي زندگيء کان عزت جو موت بهتر آهي.وقت ثابت ڪيو ته هو سنڌ جي سورهين جو بادشاهه آهي.هو جڏهن پنهنجي بهادر حر جماعت جو پڳدار بڻيو ان وقت سندس عمر رڳو ٻارهن سال هئي.هن ان عمر ۾ ئي محسوس ڪيو ته انگريزن جو رويو سنڌين خلاف نهايت ئي تعصب ڀريو ، ظالماڻو ۽ ذلت آميز آهي سو هن انهن خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪيو.ههن برطانوي راڄ خلاف ماڻهن کي متحد ۽ منظم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اهڙيء طرح هڪ تاريخي جدوجهد جي شروعات ٿي.پير سائينء جو گڙنگ بنگلو انهيء تاريخي جاکوڙ جو مرڪز بڻجي ويو.هن پنهنجن پوئلڳن کي آزاديء جي جنگ لاء تيار ڪيو ۽ انهن جي جنگي تربيت جو بندوبست ڪيو.پير صاحب “وطن يا موت“ ۽ ”آزادي يا ڪفن“ جو نه رڳو نعرو بلند ڪيو پر پاڻ ان تي نعري تي عمل به ڪري ڏيکاريو.آزاديء جي ان جدوجهد جي تاريخ ۾ قربانين جو هڪ عظيم داستان اڪريل آهي،بهادري ۽ شجاعت جا قابل فخر مثال موجود آهن ۽ پير صاحب ۽ سندس وفادار ويڙهاڪن تي ٿيل ظلم ۽ ستم جون دردناڪ ڪهاڻيون لڪيل آهن.پر ستم جا سڀ وار ۽ ظلم جا سڀ هٿيار سورهيه ۽ سندس سرفروش پوئلڳن تي بريء طرح ناڪام ويا.هڪ مستاڻو نعرو هو جيڪو هر ظلم ۽ ستم تي ويتر اڃا وڌيڪ بلند ٿيندو ٿي ويو.نيٺ انگريز سرڪار سورهيه بادشاهه کي گرفتار ڪري جيل جي سيخن پويان واڙي ڇڏيو پر سنڌ مان آزاديء جي اها تحريڪ پوء به جاري رهي.اها شايد رڳو سنڌ هئي جنهن ۾ 1942ع ۾ برطانوي راڄ کي مجبور ٿي مارشل لا لڳائڻي پيئي.پر ڇا مرشل لائون آزاديء جي متوالن کي پنهنجي منزل ۽ مقصود جي جاکوڙ کان روڪي سگھن ٿيون؟اها سورهيه بادشاهه جي حر جماعت جي ئي تحريڪ هئي جنهن انگريزن جا ڏند کٽا ڪري رکيا هئا ۽ انهن کي مارشل لا لڳائڻي پئجي ويئي هئي.دنيا ۾ هلندڙ ٻين آزاديء جي تحريڪن ۾ حر تحريڪ هڪ منفرد مقام رکي ٿي .اها ويهين صديء جي هڪ مثالي، بهادراڻي هٿيار بند جدوجهد هئي جيڪا سدائين تاريخ ۾ ياد رکي ويندي.انگريزن جي ڏاڍ،مڪر،لالچ ۽ ظلم خلاف سنڌ جو ٻيو ڪوبه سردار،پير يا مير ان هوصلي سان سامهون نه ٿيو جنهن جرئت سان سورهيه بادشاهه سامهون ٿيو.سنڌ جا اڪثر وڏيرا ان وقت به انگريزن جا پير چمي رهيا هئا ۽ انهن کان جاگيرون ۽ ٻيون رعايتون پني رهيا هئا پر سلام آهي سنڌ جي هن سورهيه بادشاهه کي جنهن آزاديء لاء پنهنجو سڀ سک چين ٿڏي هڪ اهڙي رستي جي چونڊ ڪئي جيڪو رستو رڳو سورهيه ئي اختيار ڪندا آهن.سنڌ ۽ پوري ننڍي کنڊ کي انگريزن جي ناپاڪ پيرن کان آزاد ڪرائڻ هن جو خواب هو ۽ ان خواب جي تعبير لاء هو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاء تيار هو ايستائين جو پنهجو ساهه گهورڻ لاء پڻ.هن انگريزن پاران ملندڙ مختلف تمغا ۽ لقب قبول ڪرڻ بدران پنهنجي لاء صرف ”سورهيه“ جو لقب پسند ڪيو ۽ سندس سامهون سهڻي لطيف جو هي پيغام هو ته

    سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار،

    هڻ ڀالا،وڙهه ڀاڪرين،آڏي ڍال ۾ ڍار،

    مٿان تيغ تراڙ،مار ته متارو ٿئين.

    هن کي پنجٽيهه سالن جي جوانيء ۾ ڦاهي ڏيئي امر ڪيو ويو.مسٽر ڪارگل جيڪو پري صاحب جي ڦاسيء وقت ضلعي مئجسٽريٽ هو تنهن سورهيه بادشاهه جي بهادري،جرئت ۽ حوصلي جي گواهي ڏيندي چيو ته جنهن صبح تي هن کي ڦاسي اچڻي هئي ان رات به پير صاحب معمول جيان جيلرسان شطرنج کيڏي رهيو هو ۽ پر هوصلو اهو جو جيلر هن کان هڪ راند به کٽي نه سگھيو. انگريزن جي طاقتور حڪومت سورهيه بادشاهه جي حر فورس کان گھڻو ڊنل هئي،هنن هزارين حرن کي شهيد ڪيو ۽ هزارين حرن کي جيل ۾ وجھي ڇڏيو.سندن گھرن تي گوليون واسيون ويون ۽ ڪن جي چوڻ مطابق مٿانئن بمباري به ڪئي ويئي.انهن کي پنهنجن ڪٽنبن سميت جنگي ڪيمپن ۾ رهڻ لاء مجبور ڪيو ويو ۽ هڪ ظالم قانون ”حر آرڊيننس“ نافذ ڪيو ويو جنهن مطابق ڪنهن به حر کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم هو پر سورهيه بادشاهه جي شهادت جي رڳو ڪجهه سالن بعد انگريزن کي پنهنجا ٽين ٽپڙ ويڙهڻا پيا.سورهيه بادشاهه ڪنهن خاص گروهه يا جماعت جا نه پر پوري سنڌ بلڪه پوري دنيا جي حريت ۽ آزادي پسند قافلن جو سرواڻ آهي.هڪ اهڙو سرواڻ جنهن تي هر آزادي پسند فخر ڪري سگھي ٿو.هڪ اهڙو سچو ۽ سورهيه سرواڻ جنهن ساهه ڏيئي ويساهه ڏنو ته آزادي هڪ اهڙي نعمت آهي جنهن لاء سڀ ڪجهه قربان ڪري سگھجي ٿو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو