سنڌي ڊرامن جو ليجنڊ اداڪار گلاب چانڊيو به وڇڙي ويو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2019۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    سنڌي ڊارمن جو ناميارو اداڪار گلاب چانڊيو به وڇڙي ويو
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري

    پنهنجي ڌرتي جي هر فرد کي ڪنهن نه ڪنهن فن منجهه چوٽي جو ٽلينٽ موجود آهي سنڌ ڌرتي دنيا جواهو نرالو خطو آهي جتان جو هر فرد ڪنهن نه ڪنهن فن ۾ نرالي مهارت رکڻ جي نهايت شاندار ڄاڻ رکندڙ طور پنهنجو نالو روشن ڪرڻ ۾ ناهي ڪيٻايو اهڙي طرح سنڌي يا اردو ڊارامن منجهه پاڪستان سطح تي پاڻ مڃرائڻ طور اداڪار گلاب چانڊيو کي اهو اعزاز حاصل رهيو آهي ته هن پاڪستان ٽيليويزن منجهه پنهنجي فن جا جوهر اداڪاري طورڏيکارڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي پاڻ پنهنجو نالو پنهنجي ڌرتي جو نالو ڏيهان ڏيهه نروار ڪرڻ ۾ ڪڏهن به پوئتي ناهي هٽيو پنهنجي فن کي هميشه اجاگر ڪندو رهيو مڱر ڪالهه سنڌي ڊرامن جي بهترين اداڪاري دل جي تڪليف ۽ شگر جهڙي موذي مرض سان جنگ ڪندي ڪندي سنڌي ڊارمن ۽ ٽيليويزن جي ادڪارن کان هميشه لاءِ رسي ويو گلان چانڊيو پاڻ 1980ع ڌاري سنڌي ڊارمن منجهه ادڪاري ۾ ڪندي پير پاتو پاڻ پي ٽي تي اداڪاري جا گر اجاگر ڪندو رهيو سنڌي ڊرامن منجهه هو (وڏيري ) جو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ تمام وڏي شهرت پڻ ماڻي شهرت جو سبب سنڌي ڊارامو (نوري ڄام تماچي ) بڻيو پاڻ ان ڊرامي منجهه شاندار ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو تنهن بعد هن جي شهرت سنڌ جي وستي واهڻ ننڍي وڏي ڳوٺ منجهه واهه گلاب چانڊيه واهه جي ڌم مچائي ڇڏي تنهن بعد سندس جي شهرت ۾ رات ڏينهن اضافو ٿيندي نظر آيو ان کان پوءِ سندس جي ٻن ڊرامن ماروي ۽ چنڊگرهڻ پڻ مشهوري جا سبب بڻيا گلاب چانڊيو پنهنجي ادڪاري ۽ ڊائلاڪ واري فن سبب سندس جو پورهيو هميشه نهايت شاندار ۽ پاڻ مڃائڻ ۾ ڪامياب نظر آيو انکانسواءِ هن جي ڪيترن ئي ڊرامن ماڻهن جي دلين تي هن جي فن جا اثر ڇڏيا انهن ڊرامن منجهه غلام ،گردش ، بيوفائين ، ساگر کا موتي ، سانس لئي آئي بهو ، جهنگل ، ٽيپوسلطان ، زينت وغيره سندس جي زندگي جا ڪامياب ڊراما رهيا پاڻ سنڌي اردو ڊرامن کان علاوهه فلمن ۾ به پنهنجي فن جا جوهر جرڪيا انهن فلمن ۾ الزام ، طوفان ، غلام ، محب شيدي وغيره ۾ پڻ ڪاميابي ماڻي گلاب چانڊيو پاڻ سنڌي ڊرامن جي وڏن وڏن نالن ادڪارن جهڙوڪ نور محمد لاشاري مرحوم صاحب ، صلاح الدين تنيو ، انور سولنگي ، محمود ، سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پنهنجي فن کي عام ماڻهن تائين نهايت وڏي شوق سان نڀائيندو رهيو سنڌي ڊرامن جو هي ناميارو اداڪار پاڻ نوابشاهه جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ شهمير خان چانڊيو کان پنهنجي زندگي جو سفر 6 جنوري 1958ع سومر ڏينهن کان شروع ڪيو هو پاڻ ابتدائي تعليم پڻ پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي هيائين تنهن بعد هو مختلف اسڪول ڪاليجن مان تعليم حاصل ڪندو رهيو مڱر هر هڪ انسان کي موت جو ذائقو چکڻو آهي سنڌي ڊرامن جو هي هيرو اداڪار زندگي جي آخري ڏينهن منجهه نهايت ڪمزو ٿي ويو هو ڇو جو سندس شگر جي بيماري ۽ دل جي تڪليف زندگي کي نپوڙي ڇڏيو هو پاڻ ڪراچي جي خانگي استپال منجهه ڪافي عرصي کان علاج ڪرائي رهيو هو مڱر سنڌ جي هن نهايت شاندار اداڪار کي بيمارين ۽ موت ٽڪ ٻڌي مٿان مهمان ٿي بيهي رهيا پاڻ ڪالهه ڪراچي شهر جي خانگي اسپتال منجهه زندگي جا 61 سال 12 ڏينهن گذاري سمورين ساٿين ۽ گهر ڀاٿين کان موڪلائي سنڌي ڊرامن ۽ فلمن کي الوداع چئي هميشه هميشه لاءِ سڀني کان موڪلائي ويو سندس کي هاڻ ورسي ڏينهن ياد ڪيو ويندو سندس جي فن جا اثر سوين سال ماڻهن جي دلين تائين رهندا پنهنجي ڌرتي کي وري گلاب چانڊيو جهڙا اداڪار مشڪل سان مکي سگهندا سندس جو ڪردار نهايت منفرد مقام رکندڙ هو پاڻ ته ناهي رهيو سندس ڪردار هميشه ڳائنجدو رهندو س منهنجي دعا ته الله تعالي سندس جي مغفرت فرمائي ۽ پوئيرن کي صبر جي تلڪين ادا ڪري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو