“غريبن” لاء نئين وزارت غريبن کي مبارڪ هجي!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏31 مارچ 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ڪپتان حڪومت غريبن جو ”احساس“ ڪندي انهن لاء هڪ نئين وزارت قائم ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي، خبر ناهي ته اها وزارت غربت کي ملڪ مان هميشه لاء ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي يا مورڳو غريبن کي ئي اڳئين جهان جي ٽڪيٽ وٺائيندي.سمجهه ۾ نٿو اچي ته هاڻوڪن حڪمرانن کي ملڪ جا مسئلا سمجهه ۾ نٿا اچن يا وري اهي به ماضيء جي حڪمرانن جيان غريب عوام سان چٿرون ڪري رهيا آهن.پهرين خوشخبري ڏني ويئي ته غريبن کي پنجاهه لک گھر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏنيون وينديون.اهو اعلان وقت جي ڪنهن لهر ۾ لڙهي ويو.وري عوام کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه ڏينهن ۾ ملڪي معيشت اهڙي ته آسمان تي پهچندي جو هر طرف خوشحالي ئي خوشحالي نظر ايندي،اها ”خوشحالي “ به سڀني ڏسي ورتي.تيل،گئس ۽ بجليء جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري غريبن جي خوب خبر ورتي ويئي بعد ۾ فرمايو ويو ته گئس جي نامناسب بلن تي وزير اعظم جي ننڊ ڦٽي پيئي آهي ۽ هن حڪم ڏنو آهي ته صارفين کان گئس جي مد ۾ ڦريل پئسا ترت واپس ڪيا وڃن پر نوڪرشاهي ۽ تيل ۽ گئس واري وزير ان حڪم کي اهڙو ته پٺيء پويان اڇلايو جو اڃا تائين عوام کان ڦريل ڏوڪڙن مان ٽڪو به واپس ناهي ٿيو ان جي ابتڙ گئس جي اگھن ۾ وڌيڪ اضافي لاء سمري تيار ٿي چڪي آهي.ظاهر آهي ته ان قدم لاء به اهو ئي ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ وارو بيان ڏنو ويندو ته انهن قيمتن وڌڻ سان غريبن تي ڪو اثر نه پوندو.سبحان الله! ڇا ته سٻاجھي حڪومت آهي جنهن جي طرفان ڪيل ڪنهن به قسم جي مهانگائيء جو غريبن تي ڪو به اثر نٿو پوي.وڌيڪ غريبن جي ”خدمت“ لاء باقائدي هڪ نئين وزارت قائم ڪئي ويئي آهي پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اڳ ۾ وزيرن ۽ مشيرن جي جيڪا فوج ظفر موج موجود آهي اها ڪهڙي ڪم ۾ رڌل آهي،عوام ته انهن جا منهن ڏسڻ لاء ئي سڪي رهيو آهي ۽ جن مان ڪوبه ميڊيا تي اچي پنهن جي وزارت جي ڪارڪردگي ٻڌائڻ لاء تيار ناهي البت ڪجهه وزير جيڪي ميڊيا تي اچن به ٿا ته اهي به اصل ملڪي مسئلن ۽ سندن حڪومتي ڪارڪردگيء بابت ڳالهائڻ بدران يا ته عمران خان جي شان ۾ قصيدا بيان ڪن ٿا يا وري ماضيء جي حڪمرانن جي ڪرپشن جون ڪهاڻيون بيان ڪن ٿا ته ڪڏهن وري ملڪي خزانو خالي هئڻ جو ماتم ته ڪڏهن ٻين رياستي ادارن جي ڪمن ۾ مداخلت جو تاثر پيدا ڪري انهن ادارن کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.سڀني کي خبر آهي ته هن وقت ملڪ لاء وڏي ۾ وڏو چيلينج معاشي بحران آهي ۽ اهو ڏينهون ڏينهن گهٽجڻ بدران شديد ترين ٿيندو ٿو وڃي.ڪجهه دوست ملڪن کان مليل ڏوڪڙ ن تي فتح جا شاديانا وڄايا پيا وڃن پر ماڻهن کي اصل حقيقتون ماضيء جي حڪمرانن جيان ئي صحيح نه پييون ٻڌايون وڃن ته اهي ڏوڪڙ رڳو بينڪن ۾ رکڻ لاء آهن.گذريل حڪومت نو ارب ڊالر ملڪي خزاني ۾ ڇڏيا هئا ۽ اهي ٻاهريان ڏوڪڙ ملڻ باوجود هن وقت ملڪي ناڻي جا زخيرا رڳو ڏهه ڏهائي ڇهه ارب ڊالر آهن ته پوء گذريل ڏهن مهينن ۾ هن حڪومت ان صورتحال کي ڇا بهتر ڪيو؟ هي جو دنيا کي 15 ارب ڊالر زخيرن وارو انگ ٻڌايو پيو وڃي ان ۾ سڌي سنئين غلط بياني آهي جو ان ۾ مختلف ماڻهن جا بينڪن ۾ رکيل پئسا به ڳڻيا پيا وڃن.وفاقي وزير خزانه جيڪو هونئن ته پنهنجو پاڻ کي افلاطون سمجھندو آهي سو هاڻي ڪنهن به شيء جي ڪابه وضاحت ڏيڻ لاء تيار ناهي ۽ هتان هتان جون ڳالهيون ڪري وقت ٽپائي رهيو آهي.مٿان وري عوام مٿان اهو ٿورو ته اسان آئي ايم ايف وٽ تڪڙو ان ڪري نه وياسين ته جيئن عوام تي مهانگائي ۽ ٽيڪسن جو بار نه پئجي سگھي جڏهن ته سڄي دنيا کي خبر آهي ته انهن آئي ايم ايف وٽ وڃڻ کان اڳ ئي انهن جا اڌو اڌ شرط مڃي ڇڏيا ۽ رهيل شرط هاڻي مهانگائيء جي نئين طوفان جي صورت ۾ پورا ڪيا پيا وڃن ته جيئن وڏي نڪ جي ڏاڍائيء سان عوام کي اها خوشخبري ڏني وڃي ته ”اسان عوامي مفاد ۾ آئي ايم جا ڪيترائي سخت نه مڃيندي غريبن کي رليف مهيا ڪري ڇڏيو آهي.“ اهڙين حرڪتن سان ماڻهن ۽ دنيا کي بيوقوف بنائي نٿو سگھجي.عوام جي ٻي ڪنهن به ڳالهه سان دلچسپي ناهي ته اوهان جي خزاني جي حالت ڇا آهي يا خزانو ڪير خالي ڪري ويا.عوام کي رڳو اوهان جون ڦوڪون ۽ وعدا ياد آهن ته اسان کي تخت تي ويهاريو ته پوء ڏسو ته اسين ڪيئن ٿا کير ۽ ماکيء جون نديون وهايون! جيئن جيئن وقت گذري رهيو آهي ماڻهو حڪومت جي ڪارڪردگيء کان سخت مايوس ۽ متنفر ٿي رهيا آهن ۽ جيئن جيئن وقت گذرندو ملڪ جي معاشي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي ويندي ۽ عوام جون اذيتون وڌنديون وينديون ڇو ته نٿو لڳي ته هنن حڪمرانن وٽ ان معاشي صورتحال مان نڪرڻ جي ڪا صلاحيت يا ڏانء آهي.ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد جيئن ئي عوام جون مهانگائي ۽ بي روزگاريء سبب دانهون نڪرڻ لڳن ٿيون ته حڪومت انهن کي ڪنهن نه ڪنهن ٽرڪ جي بتيء پويان لڳايو ڇڏي.ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته ٿورو صبر ڪريو،ماضيء جي حڪمرانن کان ڪرپشن جو سمورو پئسو جلد واپس وٺي ملڪي خزاني ۾ جمع ڪرايو ويندو ته ڪڏهن ٻڌايو وڃي ٿو ته ملڪ مان تيل ۽ گئس جا وڏا زخيرا هٿ اچڻ وارا آهن ۽ اسان به عرب ملڪن وانگر عيش ڪنداسين.ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته سيپيڪ مڪمل ٿيڻ ڏيو سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.ڇا سنجيده حڪمران ان قسم جي غير سنجيده حرڪتن ذريعي غريبن جي تقدير بدلائيندا آهن.ماضيء جي حڪومتن جي جن جن پاليسين ۽ پروگرامن تي دل کولي تنقيدون ڪيون وييون اهي سڀ پاليسيون هاڻوڪا حڪمران پاڻ اختيار ڪري رهيا آهن.بيواهن کي پئسا ڏينداسين،پوڙهين کي ڪڪڙيون ۽ بيضا مهيا ڪنداسين ، نوجوانن کي اٺ ۽ گھوڙا ڏينداسين.انهن نمائشي ڪمن ۽ ڪجهه تصويرون ڪڍائڻ سان دنيا ۾ ڪٿي به ڪا معاشي خوشحالي نه آئي آهي ۽ نه ئي غريبن لاء ڪا الڳ وزارت قائم ڪرڻ سان غربت ختم ٿيندي آهي.اهو صحيح آهي ته هاڻوڪي حڪومت کي تمام خراب معيشت ۽ سخت ڇڪتاڻ وارو سياسي ماحول مليو آهي پر ڏسڻو آهي ته حڪومت انهن چيلينجن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت به رکي ٿي؟ انهن وٽ اهڙو قابل عمل ۽ حقيقي پروگرام ۽ طريقه ڪار به آهي جنهن سان اها ان بحران مان ٻاهر نڪري سگھي ۽ ڇا حڪومت جا سڀ وزير ۽ مشير هڪ مدبر ۽ منظم ٽيم جي حيثيت ۾ ان معاملي کي حل ڪرڻ لاء ڪا گڏيل ڪوشش به ڪندي نظر اچن ٿا؟انهن سوالن جو جواب نه ۾ ئي لڳي ٿو.اڃا تائين ته حڪومت جي حالت اها آهي جو اها سندن پنهن جي جماعت ۽ ٻين اتحادين جي جھيڙن،جھگھڙن ۽ تڪرارن نبيرڻ ۾ ئي پوري آهي.هڪڙو خوش ٿئي ٿو ته ٻيو ناراض ٿي وڃي ٿو.کين خوش ڪندي ڪندي وزارتون ۽ مشيريون ئي پوريون ٿي چڪيون آهن ۽ هاڻي کين کپائڻ لاء نيون جڳهيون ٺاهيون يا تلاش ڪيون پييون وڃن.غريبن جي وزارت ٺهي ٿي ته اميرن ڪهڙو ڏوهه ڪيو انهن جي به هڪ عدد وزارت هئڻ گھرجي،اهڙيء طرح هڪ نوجوانن جي ته هڪ وري پوڙهن جي وزارت هئڻ گھرجي.اهڙيء طرح ملڪي خزاني ۾ پيل چند ڏوڪڙ انهن ئي شوقن ۾ پورا ڪيا وڃن،باقي غريب ڄاڻن ۽ غريبن جي قسمت! پر هڪ ڳالهه هاڻوڪن حڪمرانن کي به چڱي نموني ياد رکڻ گھرجي ته سندن حڪومت کي اپوزيشن مان خطرو هجي يا نه پر انهن جي حڪومت جڏهن به ختم ٿيندي ته اها ان معاشي بحران ۽ مهانگائي سبب ختم ٿيندي.وڌيڪ مرضيء جا مالڪ آهن ڀلي سڪون جا سرندا ۽ سڀ ٺيڪ جا ساز وڄائيندا رهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو