ماضيء جو آئينو ؛ ڀٽو،سيلاب ۽ سياست !

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اهڙي برسات پهرين ڪڏهن به نه ٿي هئي.رڳو ٻارهن ڪلاڪن ۾ اٺن انچن کان به مٿي برسات ٿي چڪي هئي.لياري ۽ ملير جي پرسڪون ندين ۾ وحشت ڀرجي چڪي هئي ۽ ٻئي پنهنجا بند ٽوڙي چڪيون هيون.ڪراچي زبردست ٻوڏ جي نشاني تي هئي.1977ع ۾ جولاء جي شروع ۾ٿيندڙ برساتن سبب ٽي سو پنجاهه کان به وڌيڪ ماڻهو مري چڪا هئا.ڪجهه ذريعن جي اندازن مطابق اهو انگ هزار کان وڌي ويو هو.ٻوڏ جي نتيجي ۾ ويهه هزار ماڻهو بي گھر ج0هن ته سوين گم ٿي ويا هئا.ڪجهه ئي ڏينهن بعد فوج اقتدار تي قبضو ڪيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي هٽائي ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ڪري ڇڏي.جنهنجي نتيجي ۾ جنرل ضياء يارهن سالن تائين اقتدار ۾ رهيو.سماجي ۽ سياسي بحثن ۾ اڪثر ڀٽي جي زوال جو ذميدار سياسي عدم استحڪام کي قرار ڏنو وڃي ٿو.مخالف ڌر جي جماعتن ڀٽي جي خلاف زبردست احتجاجي تحريڪ جي شروعات ڪئي ڇوته سندن خيال مطابق ڀٽي جي اقتدار تي گرفت مضبوط ڪندڙ 1977ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي هئي. 1977 ۾ سڙڪن تي مخالف ڌر جون جماعتون ئي نه پر ٻوڏ جو پاڻي به هو. ڪراچيء جي ڪجهه علائقن ۾ پنجن کان اٺ فٽ تائين ٻوڌ جو پاڻي بيٺل هو.سياسي وڳوڙن توڙي ٻوڏ ملي ڪري ملڪي معيشت کي تباهه ۽ برباد ۽ ڀٽي جي حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو جيڪا پوئين سال جي ٻوڏ سبب اڳي ئي لڏي رهي هئي. ذوالفقار علي ڀٽي جي سياسي استحڪام کي به رڳو هڪ بلڪه هر سال باقائدگيء سان ايندڙ سيلابن گھڻو نقصان پهچايوهو.هتي هڪ ضروري سوال سوچڻ لائق آهي ته جيڪر 1977ع ۾ پنجيتاليهه سالن جو بدترين سيلاب نه اچي ها ته انهن گرمين ۾سياسي ۽ سماجي صورتحال ڇا هجي ها؟1977ع کان اڄ تائين ڪراچيء ۾ مون سون برساتون ٿي چڪيون آهن پر ٻائيتاليهه سال گذرڻ باوجود اهو شهر اڄ به سيلاب جو مقابلو ڪرڻ جي لائق ناهي.

    قدرتي آفتن کي حڪومتن لاء زبردست ڏکيائين جو سبب سمجھيو ويندو آهي.خاص طور تي اهڙين حڪومتن لاء جيڪي اهڙين آفتن سان منهن ڏيڻ ۾ ناڪام ٿين ٿيون.معاشي ترقيء جا ماهر ته ايستائين به چون ٿا ته غريب ماڻهو قدرتي آفتن کان وڌيڪ پنهنجن نااهل حڪمرانن سبب موت جو شڪار بڻجن ٿا ڇوته اهي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاء اڳواٽ انتظام ۽ قدرتي آفتن بعد مناسب رليف ۽ امداد جو بندوبست ڪرڻ ۾ ناڪام وڃن ٿا.ڪولمبيا يونيورسٽيء جي ”جيفري سيڪس“ مطابق قدرتي آفتن ۽ موسمي تبديلين جا خطرناڪ اثر دنيا جي ڪيترن ئي نسلي ۽ علاقائي تڪرارن کي جنم ڏين ٿا.اهي قبيلا جن صدين کان ڪنهن سان چراگاهون ۽ پاڻي نه ورهايو هو انهن کي سندن زمين ۽ پاڻي ورهائڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي جنهنجو نتيجو آخر نيٺ قتل ۽ فساد جي صورت ۾ ئي نڪرندو آهي.قدرتي آفتون ئي ڪجهه حد تائين ان ”عرب بهار“ جون ذميدار آهن جيڪا وچ اوڀر جي انهن جابر حڪمرانن کي ته مشڪل سان ئي هٽائي سگھيون آهن جيڪي واشنگٽن جي ايوانن ۾ ويٺل لابسٽس جي حمايت وڃائي چڪا هئا.ڏڪار ۽ کاڌي جي شين جي قيمتن ۾ بي پناهه واڌ ٿيڻ سان عوام ۾ غصي لهر پيدا ٿي جيڪا ايتري قدر وڌي جو انهن کي روڊن رستن تي گهلي آئي.70ع جي ڏهاڪي جو آخري عرصو ان خطي ۾ افراتفري ۽ ڀڃ ڊاهه سان ڀرپور رهيو هو.ايران اندران ڀڃ ڊاهه جو شڪار هو ڇوته ايراني مولوي رضا شاهه پهلويء جي حڪومت ڪيرائڻ وڃي رهيا هئا. افغانستان ۾ بادشاهت جي نظام کي زوريء هٽائي اقتدار ۾ ايندڙ سوشلسٽ حڪومتون انهن عسڪريت پسند هارين جي دٻاء ۾ اچي زوال پذير ٿي رهيون هيون جن کي آمريڪا،سعودي عرب ۽ پاڪستان مان تعاون ۽ امداد حاصل هئي.اولهه اڃا تائين چين کي پوريء طرح قبول نه ڪيو هو ۽ هڪ معمو ۽ لاڳيتو خطرو بڻيو رهيو.

    پر ٻوڏون ته رڳو پاڪستان نه پر هندستان ۾ به آيون هيون ۽ نه رڳو 1977ع ۾ پر ان کان پهرين به آيون هيون.حقيقت ۾ سيپٽيمبر 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي پهرئين چونڊيل وزير اعظم طور پنهنجي پهرئين آمريڪي دوري تي هو.ڀٽي کي جولاء ۾ دوري تي وڃڻو هو پر صدر رچرڊ نڪسن جي بيمار ٿيڻ سبب آخري وقت تي اهو دورو منسوخ ڪيو ويو هو.ڀٽي کي جولاء ۾ فوجي امداد ۽ ڪڻڪ گھرڻ امريڪا وڃڻو هو.پر ٻوڏ سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيو.1973ع جي ٻوڏ ۾ ڪپهه ۽ چانورن جا بيٺل فصل برباد ٿي ويا هئا.ڪروڙن ڊالرن جي رقم جي گڏ ٿيل ڪڻڪ تباهه ٿي چڪي هئي.سال 1973ع ۾ جنهن معاشي ترقيء جو اندازو اٺ سيڪڙو لڳايو ويو هو اهو ٻڙي سيڪڙو رهجي ويو هو.ٻوڏ کان اڳواٽ رٿابندي ڪرڻ ۾ ڀٽي جي حڪومت نهايت ئي بريء طرح ناڪام ٿي هئي.مخالف ڌر جي جماعتن ڀٽي تي بد انتظاميء جا الزام هنيا.آمريڪا مدد ڪرڻ لاء اڳيان وڌيو۽ ٽن ڪروڙ ڊالرن سان گڏ هڪ لک ٽن اناج جي مدد مهيا ڪيائين.ڪنهن به ملڪ کي ڏنل اها وڏي ۾ وڏي امداد هئي.جيڪڏهن امداد جي انگن اکرن جي هن دور جي پس منظر ۾ ڳالهه ڪجي ته 1973ع ۾ پاڪستان جي سراسري في ڪس آمدني اسي ڊالرن کان وڌيڪ نه هئي.ڀٽي پنهنجي اقتدار کي مضبوط بنائڻ لاء ٻوڏ واري اشوء جو استعمال ڪيو.هن معاشي بحاليء تي ڌيان کپائڻ بدران معاشي تحفظ جي اهڙي ايجنڊا اختيار ڪئي جنهن نجي شعبي سان سندس سمورا لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا.انهيء دوران هن جو پنهنجن مخالفن سان سختيء سان پيش اچڻ سواء تباهيء جي ٻيو ڪجهه به نه هو.هن بلوچستان ۽ سرحد ۾ مخالف قبيلن ۽ سياستدانن خلاف فوجي ڪاروائي ڪئي،پنهنجن مخالفن کي جيل ۾ وڌو ۽ نشر اشاعت جي ذريعن کي بند ڪرايو.ان ۾ ڪا حيرانيء جي ڳالهه ناهي ته جنرل ضياء ڀٽي جي هٿان زخمي ٿيندڙن جي وچان پنهنجي حمايت جو رستو ڳولهي ورتوهو.جيڪڏهن عوام وٽ ڀٽي جي حڪومت ڪو گرم تئو هئي ته ضياء جو اقتدار به ٽانڊن کان سواء ٻيو ڪجهه نه هو.سخت گير بلڪه غير انساني سزائن لاء جنرل ضياء جي پسنديدگيء سماج ۾ تشدد جو ٻج پوکيو.سر عام ڦاسين،ڪوڙن ڦٽڪن هڻڻ جهڙين سزائن ماڻهن کي تشدد کان بي حس ڪري ڇڏيو هو.ان بدترين تشدد جي انتها اها هئي جو ڪيئي ڏهاڪن بعد جڏهن طالبان سر ڪپيل لاشن کي سوات جي هڪ چوڪ تي ٽنگڻ شروع ڪيو.

    اسيء جي ڏهاڪي جي آخرتائين ٻوڏون تباهي مچائينديون رهيون. سال بسال سيلابي پاڻي فصل برباد ڪندو رهيو جنهن سبب پاڪستان اناج ٻاهران گھرائڻ تي مجبور ٿي ويو ۽ ملڪ پاڻ ڀري هئڻ واري خواب جي تعبير حاصل نه ڪري سگھيو.سيلاب سبب پاڪستان ۾ ٿيندڙ شديد ترين تباهي واضح طور تي 2010ع ۾ ڏسڻ ۾ آئي جڏهن ڪروڙين ماڻهو بي گھرٿيا ۽ هزارين ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا.

    سيلاب يا ٻوڏون اڄ به عوام لاء تباهه ڪندڙ آهن،ايئن جيئن ستر جي ڏهاڪي تائين هئا پر هاڻي سيلابن ۽ قدرتي آفتن سان سياسي اشرافيا کي ڪو نقصان نٿو رسي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو