ڪتاب اھڙا جن اھڃاڻ

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    ڪتاب اھڙا جن اهڃاڻ تي رايو

    اظھر امر

    سڀ کان پهريان مان دل سان ٿورائتو آھيان پنھنجي محبوب قابل احترام سائين محمد مٺل جسڪاڻي جو جنھن فقير سليمان لغاري جو مرتب ڪيل ڪتاب مون کي تحفو طور ڏئي فقير بشير احمد لغاري جھڙي انمول شخص بابت زبردست ڄاڻ رکڻ جو موقعو ڏنو. اول مون کي فقير بشير احمد لغاري بابت ڪا به ڄاڻ ڪان هئي, فقير بشير احمد بابت ڄاڻڻ لاء "اھڙا جن اھڃاڻ" ڪتاب منھنجي لاء ايترو ضروي هيو جيئن ننڍڙي ٻار کي ريجهائڻ لاء ڪو رانديڪو هوندو آھي. منھنجو جڏھن کان ادبي ڪتابن سان لڳاءُ ٿيو تڏھن کان ڪوشش ۾ آھيان تي سنڌ جي مختلف ادبين بابت ڄاڻ هٿ ڪيان انهن بابت ڪجھ نه ڪجھ لکان. پر اُھا سڀئي ڄاڻ هٿ ڪرڻ لاء هڪ تي وقت ۽ ٻيو وڌ کان وڌ مطالعي ۽ مشاهدي جي ضرورت آھي.
    ڪتاب "اھڙا جن اھڃاڻ" جڏھن منھنجي هٿن تائين پهتو تڏھن آرام سان ويهي ڪتاب پڙھڻ بجاء ڪتاب يڪدم کولي پڙھڻ شروع ڪيم ڪتاب جو مطالعو جيئن شروع کان ڪرڻ شروع ڪيم منھنجو عقل دنگ رهجي ويو هن ڪتاب کي پڙھڻ سان منھنجي لاء ڄاڻ جو خزانو نڪري پيو فقير بشير احمد لغاري بابت مونکي ڪا ڄاڻ نه هئي پر جڏھن فقير سليمان جي مرتب ڪيل ڪتاب جا صفحا کولندو ويس پڙھندو ويس ڄاڻ جو هڪ وسيع سمنڊ وهي پيو.
    "اھڙا جن اھڃاڻ" ڪتاب ٻن حصن تي سرجهايل آھي هڪ حصي ۾ فقير سائين جي شخصيت تي لکيل سنڌي جي مختلف اديبن جا مضمون آھن ٻئي حصي ۾ وري فقير بشير احمد جي سندن ڪتاب "پورب منھنجو پنڌ" ۾ جيڪي مضمون رهجي ويا هئا اُھي شامل ڪيا ويا آھن.
    حصي پهرين ۾ فقير سائين جي شخصيت بابت جيڪي لکيل ويچار آھن اُھي سنڌ جي ناميواري اديبن ليکڪن جا آھن جن کي فقير بشير احمد بابت وڌيڪ ڄاڻ هئي جيڪي فقير سائين سان مختلف وقتن مخلتف محفلن توڙي فقير سائين بابت ڄاڻ رکندا هئا.
    اُھي سڀئي شخص فقير بشير احمد بابت مختلف رايا لکن ٿا. انهيء مختلف رايا پڙھڻ کان پوء جيڪي اُھو ثابت ڪن ٿا تي فقير بشير احمد لغاري سنڌ جي تاريخ جو هڪ اھڙو بابت هيو جيڪو ڪي ورهين ياد رهندو سندس علم عقل ڏاھپ ۽ تحقيق ۽ ادبي خدمتون سنڌي ادبي حلقن توڙي سنڌ جي تاريخ ۾ ياد رکيون وينديون.
    فقير بشير احمد جي شخصيت تي جن پنھنجا ويچار لکيا تن ۾ ڊاڪٽر قادر بخش مگسي, محمد خان ملڪاڻي ,خليل کوسي, عثمان راھوڪڙو, اڪرم قمبراڻي, شبير لغاري, مٺل جسڪاڻي, فقير سليمان لغاري, عمر احمداڻي, محب ڀيل, عبدالخالق مهر, علي جان لغاري زاهد ڪنڀار جا مضمون ۽ سائين مٺل جسڪاڻي جو فقير بشير احمد کان ورتل انٽر ويو به هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. ۽ انهي کان علاوه فقير بشير احمد جا بقايا مضمون جيڪي ڪتاب پورب منھنجو پنڌ" ۾ شايع ٿيڻ کان رهجي ويا هئا اُھي شامل ڪيا ويا آھن. "زبان" الحاج حضرت مولانا عبدالرحيم لغاري" تعليم" فن موسيقي" سُر مائي" ايم مصري راجا جون ادبي خدمتون"زاهد ڪنڀار" ۽ سخي مرد جھڙا خوبصورت مضمون هن ڪتاب جو حصو آھن ٻين ادبي ڪتابن کان "اھڙا جن اھڃاڻ" هڪ الڳ ۽ منفرد ڪتاب آھي.
    فقير بشير احمد جو جنم فيبروري 1945ع ۾ ضلع ميرپور خاص جي تعلقي ڊگهڙي جي مشهور ڳوٺ غلام علي لغاري ۾ ٿيو. پاڻ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان تعليم حاصل ڪيائين بعد ۾ گورنمينٽ هاء اسڪول ڊگهڙي مان حاصل ڪيائين فقير انٽر ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد مان ڪئي ۽
    هتان ئي 1970 ۾ بي اي آنرس جي ڊگري حاصل ڪيائين جنھن کان پوء فقير سائين سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي انٽر نيشنل رليشن( بين الاقوامي تعلقات) جي شعبي ۾ 1974 ۾ ڪيائين.
    فقير بشير احمد جون ادبي خدمتون به تاريخ ۾ ياد رکيون وينديون. فقير بشير احمد پنھنجي نالي سان پنھنجي ڳوٺ ۾ لائبريريء قائم ڪئي, پير سائين پاڳاري وارن سان ويجهو تعلق هجڻ ڪري سندس لائبريريء جو افتتاح به پنھنجي مرشد پير سائين پاڳاري شاھه مردان شاھ کان ڪرايائون سندس لائبريريء ۾ لڳ ڀڳ 20 هزار ڪتاب موجود آھن. فقير بشير احمد سنڌ جو بهترين قلم ڌڻي تحقيقدان, دانشور ۽ تاريخدان هيو. پاڻ سنڌ جي مختلف ٿيندڙ پروگرام ۾ سندس لکيل مقالا پڻ پڙھيا هيا. سندس هڪ ڪتاب "پورب منھنجو پنڌ" شايع ٿي اسان جي هٿن ۾ آھي سندس رهيل مواد پڻ شايع ٿي جلد اسان جي هٿن ۾ هوندو.
    "اھڙا جن اھڃاڻ" ڪتاب جو مهاڳ منھنجي محبوب سائين محترم مٺل جسڪاڻي صاحب لکيو آھي ٻه اکر مُشير لغاري ۽ مرتب پاران فقير سليمان لغاري اداري طرفان محب ڀيل پُراڻ پبليڪيشن جهڏو طرفان هن ڪتاب کي گلدستي جيان سينگاري اسان پڙھندڙ اڳيان پيش ڪيو آھي. هي ڪتاب فقير بشير احمد جي لائبريريء ۽ فقير سائين جي ذاتي زندگي فقير سائين جي ادبي خدمتن جو واضع ثبوت آھي, جن به دوستن هن ڪتاب جو مطالعو ناهي ڪيو اُھي ضرور ڪن. مون هن ڪتاب تي جيڪو ڪجھ لکيو اُھو شال قبول پوي فقير بشير احمد لاء دعاڳو رهندس رب پاڪ کيس جنت ۾ جايون عطا فرمائي آمين.

    هلال پاڪستان ۾ شايع ٿيو.
     
    Abdul Wahid Soomro هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    خوبصورت تبصرو
     
  3. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    محبتون قرب لک ٿورا ادا
     
    Abdul Wahid Soomro هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو