بهتر زراعت، بهتر معيشت

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ Talib hussain solangi طرفان آندل موضوعَ ‏10 مئي 2019۔

  1. Talib hussain solangi

    Talib hussain solangi
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2019
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    دادو
    بهتر زراعت، بهتر معيشت!

    طالب حسين سولنگي ۔

    ان ڳالھہ ۾ ڪو بہ شڪ ناهي تہ بهتر زراعت سان ئي ، بهتر معيشت حاصل ڪري سگهجي ٿي!
    پوء کڻي اها معيشت ملڪي خزاني لاء هجي يا کڻي هڪ ننڍي کان ننڍي خاندان جي ڇو نہ هجي!
    بلڪل اهڙي ريت اسان جي ملڪ جي ماڻھن ۽ حڪومت جي معيشت جو دارومدار بہ زراعت سان ئي سلهاڙيل آھي۔
    جيڪڏھن رڳو سنڌ صوبي جي ڳالھہ ڪجي تہ، تڏھن بہ سنڌ جا ماڻھون ججهي مقدار ۾ زراعت تي ئي ڀاڙين ٿا۔
    زراعت جا ڪم ڪار ٻين ڪمن ڪارين کان گهڻا آھن، جنهن ۾ وڏو حصو زراعت ۾ مزدوري ڪندڙ ماڻهون آھن، ۽ ان کان علاوه چوپائي مال جي پالنا بہ زراعت تي ئي ٿئي ٿي، مطلب هر ساهدار شئي کي زنده رهڻ لاء زراعت جو ئي سهارو وٺڻو پوي ٿو، انڪري اسان کي وڌ کان وڌ بهتر زراعت لاء مثبت قدم کڻڻا پوندا۔
    سنڌ جو آبادگار چاهي ٿو تہ هو پنهنجي فصل مان وڌ کان وڌ پيداوار حاصل ڪري ۽ سٺو ناڻو ڪمائي، انهي ڪوششن ۾ سنڌ جو آبادگار هر وقت محنت ۽ جتن ڪندو رهي ٿو، ايتري قدر جو هاڻي تہ زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو بہ ڀرپور نموني استعمال ڪيو وڃي ٿو، ۽ آبادگارن طرفان ڀرپور پيداوار لاء هر قسم جا جتن ڪيا وڃن ٿا!
    پر هتي مون کي نهايت افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ سنڌ جي آبادگارن سان سرڪاري سطح تي ڪا بہ مدد نٿي ڪئي وڃي، جيڪو عمل نهايت ڳڻتي وارو آھي!
    سنڌ حڪومت جي سستي چئجي يا لاپرواهي چئجي، بحرحال، سرڪاري سهڪار کان سواء آبادگارن جون ڪوششون ڪو لاڀ حاصل نہ ڪنديون ۔
    مونکي سنڌ سرڪار طرفان ڪو بہ اهڙو منصوبو نظر نٿو اچي، جنهن سان زراعت کي بهتر کان بهتر بڻائي سگهجي !

    مثال طور ، زراعت جي سڌاري لاء سرڪار طرفان سڄي سال ۾ هڪ ڏينهن بہ سيمينار يا ميٽنگ نٿي ڪرائي وڃي، جنهن جي ڪري زراعت بابت ڪا سوچ ويچار يا ڪو منصوبو طئہ ٿي سگهي۔
    زراعت کاتي ۾ زرعي گريجوئيٽ ئي بهتر حڪمت عملي جوڙي سگهي ٿو، پر ڪافي عرصي کان زراعت کاتي ۾ ڀرتيون ئي ناهن ٿيون، زراعت کاتي کي هٿ وٺي پوئتي ڍڪيو پيو وڃي۔

    فرض ڪريو جيڪڏھن قدرتي آفتن جي ڪري آبادگارن جو لکن جو فصل تباھہ ٿئي ٿو تہ ، سرڪار طرفان آفت سٽيل علائقي واسين آبادگارن جي بہ واهر ٿيڻ گهرجي، جنهن لاء سرڪاري سطح تي زرعي آفيسرز جي اهڙي سٿ هئڻ گهرجي، جيڪا آفتن ۾ تباه ٿيل زراعت جو ڪاٿو لڳائي حڪومت کان آبادگارن کي انصاف ڏياري سگهي ۔!

    سنڌ سرڪار کي بهتر زراعت لاء سنجيده قدم کڻڻ گهرجن، زراعت کاتي کي طاقتور بڻايو وڃي تہ جيئن هو پنهنجو ڪم بهتر نموني ڪري سگهي، ان کان علاوه آبادگارن لاء سستا پيڪيج ڏيڻ گهرجن، جن ۾ زرعي ڀاڻ، زرعي پاڻي ۽ زرعي مشينري تي سبسڊي ڏئي آبادگارن کي سهارو ڏنو وڃي تہ جيئن سنڌ جي زراعت بهتري طرف وڌي سگهي۔!
    سنڌ جو آبادگار سدائين زرعي جنسن جي اگهن کان مايوس رهيو آھي، اها ڳالھہ بہ وڏي اهميت رکي ٿي تہ، جيڪڏھن زرعي جنسن جا صحيح اگھہ نہ مليا تہ زراعت تمام پوئتي ڌڪجي ويندي، انڪري سرڪار کي گهرجي تہ زرعي جنسن جا اگھہ، فصل تي ٿيندڙ خرچ کي اڳيان رکي پوء ئي ڪو بهتر اگھہ مقرر ڪيو وڃي، تہ جيئن آبادگار طبقو معاشي طور ڪنگال ٿيڻ کان بچي تہ جيئن بهتر زراعت اپائي سگهي، جيڪڏھن آبادگار زرعي جنسن مان ڪو لاڀ حاصل نہ ڪندو تہ آبادگار زراعت ۾ دلچسپي ڪو نہ وٺندو ۽ سنڌ جي زراعت گهڻو پوئتي هلي ويندي، انڪري ئي چيو وڃي ٿو تہ بهتر زراعت، بهتر معيشت۔۔
     
    اظهر امر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو