ماسٽر جانب علي بلاولي جو آواز ۽‌منهنجو غزل

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ
    دوستو چند ڏينهن پهرين پنهنجو هڪڙو غزل توهان سان شيئر ڪيو هُئم انهي ساڳي غزل کي ترنم جو روپ ڏنو آهي سنڌ سلامت جي راڳي ماسٽر جانب علي بلاولي، پيارا ساٿيو،جيئن ته اڀرو لڏو آهيون ان ڪري هميشه جيان هي غزل به بغير سازن جي آهي بهر حال جيڪو ڪجهه آهي توهان سڀني دوستن جي نظر آهي ۔ هن غزل جو هي رنگ توهان کي ڪيئن لڳو توهان جي راين جو شدت سان منتظر رهندس
    ساڳي غزل جي تصويري شڪل به پيش خدمت آهي​
    [​IMG]
    پيش آهي سنڌ سلامت جي پنهنجي پيش ڪش انڪار ڪونه گهرجي اقرار جو مان عادي غزل ترنم ۾‌​

    [MP3]http://www.fileden.com/files/2009/12/2/2672587/Janub%20Ali%20Bilawali%20.mp3[/MP3]​
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ماسٽر جانب علي بلاولي جو آواز ۽‌منهنجو غزل

    سائين نثار ناز صاحب [​IMG] توهان جي شاعري کي ترنم ۾ به ٻڌو سيين ۽ تمام گهڻو مزو آيو، پر هڪ توهان سان ضرور شڪايت ڪبي ته مان ۽ ڀاء رشيد سمون صاحب به سنڌ سلامت جا حصا آهيون مگر اوهان پنهنجي ارپنا ۾ اسان کي ياد ناهي ڪيو ان جو ڪو خاص سبب۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ماسٽر جانب علي بلاولي جو آواز ۽‌منهنجو غزل

    الا ! ممتاز غلطي ٿي وئِي ۔ سبب اهو ته توهان سڀ سنڌ سلامت جي چمن جا گُل آهيو، منهنجا ننڍڙا پيارا ڀاءُ آهيو، سڀ جا سڀ منهنجي سامهون آهيو، جيڪي نالا توهان ارپنا ۾ ٻُڌا اهي رڪارڊنگ ويلي فوري دل تي تري آيا، ان ڪري منهنجا جاني بغير اسڪرپٽ جي رڪارڊ ٿي ويا ان هُوندي به سڀني سنڌ سلامت جي دوستن کي بغير نالا وٺڻ جي پڻ اهو گيت ارپيو اٿم۔ وري ڪنهن ٻي آڊيو ۽ وڊيو ۾ توهان سڀني مٺن ماڻهن جا نالا ضرور وٺندس پنهنجي ارپنا ۾ ۔ ٺيڪ آهي ادا۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ماسٽر جانب علي بلاولي جو آواز ۽‌منهنجو غزل

    مهربانيون ۽ وڏا وڙ توهان جا ​
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ماسٽر جانب علي بلاولي جو آواز ۽‌منهنجو غزل

    ادا ممتاز وڏن وڙن جي ڳالهه ته ٺيڪ آهي پر سڀ کان پهرين اها ڳالهه ٻُڌائي ته تو هي مُڇن واري تصوير ڪهڙي چرئي جي لڳائي آهي ۽ اها تصوير ڪٿان هٿ ڪئي آهي، لڳي ٿو ته ڪنهن پاڳل خاني کان ڀڳل آهي، پر هڪڙي ڳالهه آهي ته اهو همراهه منهنجو ڏٺل آهي پر ڪٿي ڏٺو اٿم اهو ياد ڪونه ٿو اچي۔
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ماسٽر جانب علي بلاولي جو آواز ۽‌منهنجو غزل


    ادا ڳولڻ سان ته الله به ملي ٿو وڃي، هي ته توهان جي تصوير آهي، توهان کي ته خبر آهي ته مون وٽ سنڌ جي ڪافي شاعرن، اديبن جي تصويرن جو ذخيرو موجود آهي، جيڪي وقت به وقت مان سنڌ سلامت جي فورم تي به ونڊ ڪندو رهندو آهيان۔
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ماسٽر جانب علي بلاولي جو آواز ۽‌منهنجو غزل

    ٻن ٽن ڏينهن کان اها اڻ تڻ هئي ته اهو گيت ڪيئن ٻڌجي جو آفيس ۾ وقت نه پئي مليو ته اسپيڪر آن ڪري ٻڌجي، گهر ۾ مون واري روم ميٽ اڄڪلهه استعيفا ڏني آهي ۽ هندستان وڃڻ جي تياري سبب سڄو ڏينهن پنهنجي پتني سان نيٽ ٽو فون تي لڳو پيو آهي، خئير اڄ صبح صبح سان وارو ملي ويو ته اسپيڪر آن ڪري ٻڌي سگهان ۔۔۔

    مزو اچي ويو، خاص طور ته گيت کان اڳ بناڪا گيت مالا طرز تي اوهانجو آواز ۽ ارپنا انکاپو بلاولي آواز ۾گيت، اوهانجي شاعري ته هون به ماشاء الله، انقلابي انداز رکي ٿي ۔۔۔

    ڪيوبا جي آزادي ۾ يا ڪيترن ملڪن جي آزادي واري جدوجهد ۾ شاعرن ۽ بلاولي قسم جي ڳائڻن ايترو ته اهم ڪردار ادا ڪيو جو ۔۔۔ گوريلا جنگ جي بي تاج بادشاه چي گويرا هڪ هنڌ لکيو هو ته اسان جڏهن به ٿڪجي ڪرندا هئاسون ته اسانجا شاعر دوست ۽ ڳائڻا دوست اهڙا ته گيت ڳائيندا هئا جو اسانجو ايمان تازو ٿي ويندو هو، جذبا چوٽ چڙهي ويندا هئا ۽ ڪيڏانهن ويو ٿڪ، ڪيڏانهن ويون مايوسيون، اٿي کڙا ٿيندا هئاسون ۽ وري وڙهڻ جي سگهه گڏي ڪري دشمن تي ڀرپور حملا ڪندا هئاسون ۔۔۔

    سو ڀائڙا ناز، اوهانجي هن گيت ۾ پڻ اهڙي قسم جي خوبي نظر آئي پر افسوس جو اسين هن وقت ميدان جنگ ۾ ناهيون، نه ته اوهانجا گيت به ايمان تازي ڪرڻ لئه ڪافي آهن ۔۔۔

    اوهانجي مهرباني جو اوهان هي گيت سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ کي ارپيو آهي ۔۔۔ رب العالمين اوهانکي پنهنجي پناهه ۾ رکي ۔۔۔ آمين
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ماسٽر جانب علي بلاولي جو آواز ۽‌منهنجو غزل

    سائين هڪ ته اهڙي بهترين طريقي سان ڏنل ارپنا۔۔۔ ٻيو وري ايتري بهترين شاعري ٽيون وري سائين بلاولي صاحب جي مٺڙي ۽ سُر ڀريل آواز ۾ ڳايل هي بهترين ونڊ سنڌ سلامت جي اسٽوڊيو جي هڪ يادگار ترين پيشڪيش آهي۔۔۔
    جيڪڏهن هي طرز سائين بلاولي صاحب ويٺي ويٺي هڪ هنڌ ئي ٺاهي آهي ته پوءِ ته مان سندن چاهيندڙن ۾ شامل ٿي ويو آهيان مهرباني سائين نثار ناز صاحب۔۔ الله توهان جي لفظن جي ذخيري ۾ اڃان به اظافو رکي ۽ سدائين توهان ۾ بهتر کان بهتر شئي پيش ڪرڻ جي چاهُه ۽ هڪ مهان شاعر جيان توهان جي لفظن جي اُڃ برقرار رکي۔۔۔
    سائين بلاولي صاحب کي اسان جا سلام ڏجو
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ماسٽر جانب علي بلاولي جو آواز ۽‌منهنجو غزل

    دوست ابڙا بس يار ڪڏهن ڪڏهن دل جي دروازي تي اهڙي شاعري به دستڪ ڏئي وجهندي آهي، مٿان جانب علي بلاولي پنهنجي مڌُر آواز ۾ منهنجا ڇيهه ئي ڇڏائي ڇڏيندو آهي، توکي خبر هُئڻ کپي ته منهنجي وڏي پُٽ محمد علي جي شادي جا ڏينهن ٻڌجي چُڪا آهن، ان ڏينهن مطابق شادي جو وليمو انشاءالله 7 آگسٽ 2010 تي ٿيندو گهر ۾ ڪافي سارا ڪم آهن، هڪڙو ئي في الحال مرد ماڻهو آئون آهيان جو دعوتن جو بار ، شادي جي خريدارين جو بار، اٿي ويٺي جو بار سموري جو سمورو منهنجي ڪُلهن تي آهي ايترين سارين مصروفيتن جي باوجود ڏات جي ديوي مهربان آهي سو ڪمپيوٽر جي ڪِي کي آزمائي ٿوري گهڻي شاعري لکي ڇڏيندو آهيان، شاعري ڪهڙي آهي ، ڇا ٿو لکان ان جا مهربان جج توهان سنڌ سلامت جا سمورا دوست آهيو، وڏي ائڊمن سدائين چوندو آهي ته نثار ناز جو سنڌ سلامت لا ڪيل سمورو ڪم هڪ طرف ۽ نثار ناز جي شاعري هڪ طرف، خير توهان منهنجي هن شاعري کي جانب علي بلاولي جي آواز ۾ ٻُڌي پنهنجي اندر ۾ اُها محسوس ڪيو هن ڀيري جانب علي بلاولي جڏهن پنهنجا سُر راڳ مالڪوس ۾ ڇيڙيا ته هڪ لمحو مون محسوس ڪيو ته اها شاعري مونکي ڪو ٻي دنيا وارو اندر ۾ ويهي لکائي ويو آهي، يارو گُلن کي آڻيو واري مصرع تي جڏهن جانب علي پنهنجي سُر کي آزمايو سمجهيم ته منهنجو اندر ڪڍي ويو آهي جانب علي بلاولي۔ جڏهن به جانب علي بلاولي مون سان ملڻ ايندوآهي ته پنهنجي انمول سُرن جي ورکا ڪري ويندو آهي مون مٿان، ۽ جانب علي جڏهن منهنجي شاعري جي ڌُن ٺاهي شاعري پنهنجي ڊائري واسطي کڻي ويندو آهي ته چوندو آهي ته سائين ناز هر ڀيري توهان جي در تان مونکي ڪا زبردست انمول سوکڙي توهان جي نڪور شاعري جي صورت ۾ ملي ويندي آهي۔ اهو سڀ توهان جي همت افزائين جو نتيجو آهي جو مون جهڙي ڏيهه جي ڌڪاريل ماڻهو پنهنجي ڪويتائن کي سينگارڻ شروع ڪيو آهي، باقي منهنجي گيتن جو محور سدائين منهنجي ديس سنڌ جي ڌرتي ئي رهندي ۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ماسٽر جانب علي بلاولي جو آواز ۽‌منهنجو غزل

    ادا اسد ڄامشورائي مست شال جُڙيو هُجين۔ مهرباني جو منهنجي هن گيت کي سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي يادگار ترين پيشڪش چيو۔ بلڪل ادا ماسٽر جانب علي اها ڌُن منهنجي شاعري جي ڏسڻ جي ٺيڪ پنجن منٽن بعد ترتيب ڏني، ماسٽر جانب علي بلاولي لئي ۾ ڪافي سارن فنڪارن کان تمام گهڻو اڳتي آهي، هو اڪثر ايندو رهندو آهي، مون سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ سدائين چوندو آهي ته سائين توهان سان ڪچهري جيڪڏهن نٿو ڪريان ته بي سڪون هوندو آهيان۔ هڪڙي ڳالهه توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته ماسٽر جانب علي بلاولي جي والد بُزرگوار مرحوم نظير ٽکڙائي جو شمار سنڌ جي مڃيل شاعرن ۾ ٿيندو آهي۔ توهان جي نيڪ تمنائن وارا پيغام اڄ با قائده توهان جي هن ڪامينٽس کي هتان مشاهدو ڪرائي ماسٽر جانب علي بلاولي کي پهچائي ڇڏيا اٿم۔ پاڻ تمام گهڻو خوش ٿيو۔ توهان جي پرخلوص سلامن جي جواب ۾ کوڙ سارا سلام موڪليا اٿس توهان سميت سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين کي۔
     
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ماسٽر جانب علي بلاولي جو آواز ۽‌منهنجو غزل

    جانب بلاولي جو سريلو آواز هميشه توهان جي خوبصورت شاعري ڳائيندي ئي ٻڌو آهي۔۔۔ هر دفعي وانگي هن دفعي به دل جا تار وڄائي ويو۔۔۔ پر اڄ جي توهان جي آندل آڊيو کي ٻڌي منهنجي به چهري تي مرڪ اچي وئي ۔۔۔ لڳي ٿو توهان وڊيو جي ايڊيٽنگ کي سمجهڻ کان پوءِ آڊيو جي ايڊيٽنگ به سمجهي چڪا آهيو۔۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو ”ڪي پل ڪنهنجي ڪاڻ“ واري ريڪارڊنگ ۽ هن ريڪارڊنگ ۾ واضح فرق آهي۔۔۔۔
    ڪئي دفعا سوچيم ته توهان جي شاگرد کي ڪجهه سوائي منٿ ڪجي ته جيئن وڊيو آڊيو ايڊيٽنگ سبقن جي ذريعي سمجهائي ته ڪجهه پنهنجو به موڳو پن ختم ٿئي ۔۔۔۔ پر لڳي ٿو هاڻي اها سوائي منٿ توهان کي ڪري به مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو۔۔۔۔
    هڪ دفعو ٻيهر خوبصورت شاعري، آواز ۽ ريڪارڊنگ ونڊ ڪرڻ لاءِ لک لائق
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ماسٽر جانب علي بلاولي جو آواز ۽‌منهنجو غزل

    شڪر الحمد الله جو وڏي ائڊمن جي چهري تي اسان جي هي شاعري ٻُڌي مُرڪ ته آئي ، سدائين موڊ آف رهندو آهي وڏي ائڊمن جو۔ ڇا ڪجي وڏي ائڊمن ته موڊ آف جو ٻيو نالو هوندو آهي۔ سائين رشيد لک ٿورا جو توهان کي منهنجي شاعري ماسٽر جانب علي بلاولي جي آواز ۾ سُٺي لڳي، ادا اها سوائي منٿ منهنجي شاگرد کي ڪجان ! اهڙا سبق هو بهتر نموني ڏئي سگهي ٿو باقي وڊيو ايڊيٽري ۽ آڊيو ايڊيٽري وارا پند اڃان پاڻ کان پري آهن اسان ته مڙئي ٿاڦوڙا ساڦوڙا هڻي پار پوندا آهيون۔ ۔
     
  13. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ماسٽر جانب علي بلاولي جو آواز ۽‌منهنجو غزل

    مهرباني سائين
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ماسٽر جانب علي بلاولي جو آواز ۽‌منهنجو غزل

    سائين مان توهان جي هن بهترين آڊيو غزل کي پنهنجي موبائل ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي پيو ٻڌندو آهيان
     
  15. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ماسٽر جانب علي بلاولي جو آواز ۽‌منهنجو غزل

    سائين قبلا توهان جي مهرباني جو هن عاجز کي اوهان ياد ڪيو. لفظن کي سر جي لباس چار چنڊ لڳائي ڇڏيا سائين بلاولي جو تمام مڌر آواز آهي جو ڪنهن به شاعري کي ڳائي ته سهڻي لڳندي ليڪن سائين نثارناز جي نازڪ شاعري مٿان وري سائين جو پرسوز آواز سون تي سهاڳي جو ڪم ڪيو. الله تعالي توهان کي آباد رکندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو