چيف جسٽس جون اميد ڏياريندڙ ڳالهيون.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    چيف جسٽس جناب آصف سعيد کوسا صاحب فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي جيڪي وڻڻدڙ ڳالهيون ڪيون انهن سان هن گھٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ اميد جي ڪا ٿڌي هوا محسوس ٿي آهي.هن جو چوڻ هو ته هن وقت ملڪ ۾ جيڏانهن ڏسجي ٿو رڳو مايوسي ۽ ڊپريشن نظر اچي ٿي.هڪ طرف ملڪ جون موجوده معاشي حالتون تمام خراب آهن ته ٻئي طرف پارليامينٽ طرف ڏسجي ٿو ته اتان به ڪا سٺي خبر نه پيئي اچي بلڪه حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبر هڪ ٻئي سان وڙهندي نظر اچن ٿا.هن چيو ته هو ان تي تبصرو نٿو ڪري ته انهيء خراب معاشي صورتحال جو ذميدار ڪير آهي پر حقيقت آهي ته عوام کي انهن حالتن تي سخت ڊپريشن آهي،جڏهن ان ڊپريشن کان بچڻ لاء ڪرڪيٽ جي ميدان طرف منهن ڪجي ٿو ته اتي به ڊپريشن ئي وڌي ٿي.هن جو چوڻ هو ته مايوسين ۽ ڊپريشن واري ان ماحول ۾ هن وٽ قوم کي ٻڌائڻ لاء ڪجهه خوشخبريون آهن جن جو تعلق اسان جي عدالتي نظام سان آهي. هن چيو ته سندس خيال مطابق ملڪ جي عدالتي نظام ۾ شروع کان ئي ٻه بنيادي ۽ اهم خاميون موجود رهيون آهن جن مان هڪڙي انصاف ۾ دير جڏهن ته ٻي ڪوڙيون شاهديون آهن.هن چيو ته انهن خامين متعلق مختلف موقعن تي مختلف جج صاحب پنهنجن مختلف فيصلن ذريعي آگاهه ڪندا رهيا آهن پر ان رخ ۾ بدقسمتيء سان ڪو خاص ڪم نه ٿي سگھيو.اسان خدا جي فضل سان ان طرف ڌيان ڏنو ۽ اسان جي ان معاملي ۾ پوري ڪميٽمينٽ آهي ته ان نظام ۾ بنيادي تبديليون آنديون وڃن.هن سوال ڪيو ته اسان جي سماج ۾ جڏهن ڪنهن ڏوهاريء کي جيل جي سيخن پويان موڪليو وڃي ٿو ته انهيء تي ماڻهو خوشيون ته ملهائين ٿا پر ڪڏهن ڪنهن اهو به سوچيو آهي ته ڇا اهو واقعي انصاف جي اصولن مطابق جيل ويو يا کيس بي گناهه سزا ڏني ويئي؟ سندس پوين يعني گھر ۽ ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ سندس ٻارن جو آخر ڪهڙو قصور آهي؟ ڇا سندس گھر ۾ ٻارن جو پيٽ پالڻ وارو ڪو موجود آهي يا نه؟ اهي آخر ڪهڙيون سماجي حالتون آهن جيڪي ڪنهن ماڻهوء کي ڏوهه ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون؟ اهي اهڙا سوال آهن جن جو جواب اسان اڄ تائين ڳولهڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي.هن چيو ته انصاف ۾ دير انصاف کان انڪار جي مثال آهي جڏهن ته سڀني کي خبر آهي ته ماڻهو قرآن تي حلف کڻي به عدالتن ۾ ڪوڙ ڳالهائين ٿا.انهيء ڪري اسان جو سمورو ڌيان ان طرف رهيو ته انهن ٻنهي معاملن کي انصاف مطابق بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.هن چيو ته عدالتن ۾ ڪوڙيون شاديون پيش ڪرڻ نهايت ئي سنگين معاملو آهي. جڏهن هرڪو مڃي ٿو ته عدالتن ۾ ڪوڙ ڳالهايو وڃي ٿو ته پوء ڇا انهيء بنياد تي سمورن ڏوهارين کي باعزت بري ڪري ڇڏجي يا وري انهن ڪوڙين گواهين جي بنياد تي بي گناهن کي سزائون ڏنيون وڃن؟هن چيو ته ظاهر آهي ته اهي ٻئي حالتون قابل قبول ٿي نٿيون سگھن ان ڪري ضرورت هئي ته عدالتي قانون ۾ اها ڳالهه شامل ڪئي وڃي ته ڪنهن به ماڻهوء خلاف ڪوڙي شاهدي وارو معاملو ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ کيس جوڳي سزا ڏني وڃي ته جيئن ڪوڙين شاهدين واري عمل جي حوصلا شڪني ڪري سگھجي.ماڻهن کي تڪڙو انصاف مهيا ڪرڻ متعلق چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ان سلسلي ۾ ڪيئي اهم قدم کنيا ويا آهن جن جا اهڙا ته مثبت نتيجا سامهون آيا آهن جن جي ايتري اميد هن کي پاڻ به نه هئي.سندس چوڻ هو ته ڪرمينل سائيڊ جا اٽڪل سمورا ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ حل ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي سول سائيڊ جا ڪيس تڪڙا اڪلائڻ طرف ڌيان ڏنو پيو وڃي.هن چيو ته ماڊل ڪورٽون قائم ڪرڻ جا نهايت ئي همت افزا نتيجا نڪتا آهن ۽ هاڻي پوري ملڪ جي هر ضلعي اندر گھٽ ۾ گھٽ هڪ ماڊل ڪورٽ قائم ڪئي پيئي وڃي ته جيئن ماڻهن کي آسان ۽ تڪڙو انصاف پلئي پئجي سگھي.هن چيو ته اي ڪورٽ وارو نظام نه رڳو ماڻهن لاء سهوليتون پيدا ڪندو پر ڪيس سان تعلق رکندڙ ڌرين جي مالي خرچن ۾ به گهڻي گھٽتائي ايندي.هن چيو ته اي ڪورٽ جي نظام سان ڪيس هلڻ سواء سماعت ملتوي ٿيڻ جا امڪان بلڪل نه هئڻ برابر رهجي ويندا.چيف جسٽس جينڊر ٽارچر جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان جي ملڪ توڙي سموري دنيا ۾ جنسي تشدد جا معاملا تيزيء سان وڌيا آهن جن ۾ ڪمزور جنس کي نه رڳو آسانيء سان تشدد جو نشانو بنايو وڃي ٿو پر عورتن لاء عدالتن جو ماحول ايترو ته اوپرو ۽ اڻ وڻندڙ آهي جو اهي تشدد سهڻ باوجود عدالتن ۾ اچڻ لاء راضي نٿيون ٿين.اهي مرد ججن توڙي مرد وڪيلن جي وچ ۾ پنهنجي دل جي ڳالهه زبان تي آڻن کان ڪترائين ٿيون ان ڪري فيصلو ڪيو ويو آهي ته ملڪ جي هر ضلعي ۾ جنسي تشدد خلاف عورتن لاء هڪ خاص قسم جي عدالت قائم ڪري رهيا آهيون جنهن جو ماحول عام عدالتن کان بلڪل مختلف هوندو ۽ جتي جنسي يا گھريلو تشدد جو نشانو بڻيل عورتون نه رڳو آزاديء سان پنهنجو فرياد ٻڌائي سگھنديون پر کين تڪڙو ۽ ترت انصاف به ملي سگھندو.ٻارن تي ٿيندڙ تشدد يا وري ٻارن طرفان ٿيندڙ ڏوهن جي لاء به ملڪ جي هر ضلعي ۾ ٻارن جي هڪ الڳ عدالت قائم ڪئي پيئي وڃي جتي عدالت بدران ٻارن کي بلڪل گھر وارو ماحول مهيا ڪيو ويندو . هٿرادو ذهانت جو ذڪر ڪندي جناب کوسا صاحب جو چوڻ هو ته پوري دنيا ۾ هٿرادو ذهانت يعني آرٽيفيشل انٽيليجنس واري ٽيڪنالاجيء مان ڀرپور فائدو ورتو پيو وڃي ان ڪري اسان به فيصلو ڪيو آهي ته ملڪ جي عدالتي نظام ۾ پڻ ان ٽيڪنالاجيء کي استعمال ڪيو وڃي.انهيء ٽيڪنالاجيء جي مدد سان دنيا توڙي ملڪ جي مکيه عدالتي فيصلن جي سموري ڊيٽا کي ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ڪيو ويندو ۽ جڏهن به ڪنهن اهم ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويندو ته ان سافٽ ويئر جي مدد سان معلوم ڪري سگھجي ٿو ته ان معاملي جو درست فيصلو ڇا هئڻ گھرجي.هن چيو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪيسن جا فيصلا ڪمپيوٽر کان ڪرايا ويندا بلڪه اطمينان خاطر هٿرادو ذهانت جي مدد حاصل ڪئي ويندي ته جيئن فيصلن ۾ غلطيء جي گنجائش گھٽ ۾ گھٽ ٿئي.اهڙيء طرح چيف جسٽس صاحب ٻين به ڪيترن ئي عدالتي سڌارن ۽ قدمن جو ذڪر ڪيو جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته پاڪستان جي هاڻوڪي چيف جسٽس جو سمورو ڌيان ڪجهه نمائشي شين ۽ قدمن بدران عدالتي نظام ۾ بنيادي سڌارن ۽ مظلومن کي ترت انصاف مهيا ڪرڻ تي لڳل آهي جنهن ڪري اميد ڪري سگھجي ٿي ته پنهن جي مختصر دور ۾ هو عدالتي نظام ۾ ڪجهه اهڙا بنيادي سڌارا ڪري ويندو جن کي نه رڳو هڪ ڊگھي عرصي تائين ياد رکيو ويندو پر لکين بي پهچ مظلومن ۽ لاچارن جون دعائون به سندس حصي ۾ اينديون..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو