کنڀين جي ھٿرادو پوک: ضروري معلومات

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 آگسٽ 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    کنڀين جي ھٿرادو پوک: ضروري معلومات

    مٺل جسڪاڻي

    کنڀين جا ھزارين قسم آھن، جن مان اڪثر ننڍيون، بد شڪل، بي ذائقيون آھن. ڪجھہ کنڀيون طبي اھميت جون آھن. چند کنڀيون کاڄرو آھن ۽ کنڀين جا ڪجھہ قسم، جيڪي طبي ۽ کاڄرو کنڀين جي شڪل صورت ۾ ايتري تہ گھڻي ھڪ جھڙائي رکن ٿيون، جن ۾ فرق ڪرڻ ھر ڪنھن جي وس ۾ نہ آھي ۽ اھي ھم شڪل صورت کنڀيون اثر ۾ زھريليون ۽ نقصانڪار ھونديون آھن.
    کاڄرو کنڀيون گھڻو ڪري قدرتي طور پاڻمرادو ڦٽنديون آھن. ماڻھو انھن کي ڳولي پاڻ بہ کائيندا آھن، تہ مٽن مائٽن ۽ سنگت ساٿ کي تحفي ۾ بہ ڏيندا آھن.
    ڪجھہ علائقن ۾ کاڄرو کنڀيون گھڻي تعداد ۾ ٿينديون آھن، تہ کنڀيون گڏ ڪري، جيئن ٻين ڀاڄين جو وڪرو ڪبو آھي، کنڀين جو بہ وڪرو ٿيندو آھي.
    کاڄرو کنڀين جا ڪجھہ قسم گھڻي گرم ۽ گھميل ماحول ۾ تہ ڪجھہ وري ٿڌي ۽ گھميل ماحول ۾ ٿينديون آھن.
    جھڙالي فضا کنڀين لاءِ ضروري آھي، ڇو تہ اُس ۾، يعني سج جا ڪرڻا پوڻ جي صورت ۾ کنڀي، کنڀي جو شروعاتي ڦوٽھڙو ۽ کنڀي جو تخم (ٻج نہ، اسپور) مري ويندو آھي.
    مٿين حقيقتن جي پيشنظر، کنڀين جي ھٿرادو پوک ڏانھن ڌيان ويو، تہ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ کنڀي جي ھٿرادو پوک تي انيڪ تجربا ڪيا ويا.
    تجربن مان ثابت ٿيو آھي، تہ فطري طور پاڻمرادو ڦٽندڙ کنڀين جي ھٿرادو پوک ممڪن ضرور آھي، پر ان لاءِ عام فطري ماحول جھڙو مصنوعي طريقي سان ھٿرادو انتظام ڪرڻ ضروري آھي.
    ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي، تہ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ کنڀي جي ھٿرادو پوک ٿئي ٿي، پر اھو بہ سچ آھي، تہ کنڀين جي ھٿرادو پوک صرف انھن علائقن ۾ ڪاميابي سان ۽ سستي ممڪن ھوندي آھي، جن خطن ۾ اوڻيھہ ويھہ جي نسبت سان ماحول ذري گھٽ قدرتي طور گھربل موسم ۽ ماحول جھڙو ھوندو آھي.
    اوھان معلومات حاصل ڪندا، تہ کنڀين جي ھٿرادو پوک نسبتن ٿڌن ملڪن يا وري نيم گرم ملڪن جي ٿڌن علائقن ۾ ڪئي ويندي آھي.
    سنڌ ۾ کنڀين جي ھٿرادو پوک تي باقاعدي تحقيق جو آغاز 1984ع کان ٿيو. ھن وقت تائين ھزارين تجربا ڪيا ويا آھن. کنڀين جي ھٿرادو پوک تڏھن ممڪن ٿي سگھي، جڏھن بجلي جو ساٿ رھيو. گھڻي ٿڌ جي صورت ۾ گرمي مھيا ڪري سگھڻ ۽ گھڻي گرمي جي صورت ۾ ٿڌ مھيا ڪرڻ وسيلي گھربل گرمي پد جو انتظام بہ ممڪن ٿي سگھيو، تہ ضرورت مطابق ھٿرادو طريقي سان گھم ۽ روشني بہ ضابطي ۾ مھيا ٿي سگھي.
    سنڌ ۾ کنڀين جي ھٿرادو پوک عام نہ ٿيڻ جو مکيہ سبب بہ گھربل آبھوا ۽ ٻيو ماحول ميسر نہ ھجڻ آھي ۽ ھٿرادو طريقي سان انتظام ڪرڻ تي، خرچ ايترو گھڻو ايندو آھي، جو ٻين ملڪن مان گھرايل کنڀيون نہ صرف سستيون پون ٿيون، پر اھا بہ پڪ ھوندي آھي تہ اھي گھربل کاڄرو کنڀيون ئي آھن.
    مٿئين تفصيل جو حاصل مطلب تہ سنڌ ۾ کنڀين جي ھٿرادو پوک عام نہ ٿي سگھي آھي. ان تي ڪڏھن ڪير تہ ڪڏھن ڪير، ڪڏھن ھڪڙي تہ ڪڏھن ٻئي اداري ۾ تحقيق جاري آھي، پر ھٿرادو پوک لاءِ کنڀين جو ٻج يا ٻيجارو يعني تخم يا وڌايل شروعاتي ڦوٽھڙي وارو اسپان عام جام ميسر نہ آھي.
    ھونئن بہ دنيا ۾ ڪٿي بہ کنڀيون عام فصلن وانگر کليل فضا ۾، کلئي آسمان ھيٺ، ٻارين ۾ نہ، بند کنڀي گھر (مشروم ھائوس) ۾، مخصوص طريقن سان کنڀيون پوکبيون آھن. پوک لاءِ زمين نہ، مختلف قسم جي صاف زرعي باقيات ۽ صنعتي ڪچرو، استعمال ڪبو آھي. مثال طور ڪڻڪ جي بُھہ، سارين جي پلال، ڪمند ۽ ڪيلي جي پنن، ڦٽيون ٽاڻڻ وارن ڪارخانن مان ملندڙ ڪچري، ڪاٺ جي ٻوري سميت مختلف شين تي کي پوک لاءِ گھربل طريقي سان استعمال ڪري، فضول ۽ سستي ڪچري مان کنڀي جي املھہ سوغات حاصل ڪرڻ گھرجي.
    قدرتي طور پاڻمرادو ڦٽندڙ کنڀي جو جيڪو بہ قسم ھٿرادو طريقي سان پوکبو، ان جي شڪل صورت ۽ ذائقو توڙي ٻيون خوبيون بہ ساڳيون ئي ھونديون. جڏھن تہ جنس يا قسم وار شڪل صورت، رنگ، ذائقو ۽ ان ۾ موجود خوراڪي جزا مختلف ۽ گھٽ وڌ ٿيندا آھن.

    خاص ڳالھہ
    پاڻ وٽ جيڪا کنڀي عام استعمال ٿئي ٿي، اھا صرف برسات جي موسم ۾، پاڻمرادو، قدرتي طور ٿئي ٿي. ھن کنڀي جي ھٿرادو پوک تي انيڪ تجربا ڪيا ويا آھن، پر اڃا اھڙو ڪو بہ سولو ۽ سستو، ڀروسي ۽ فائدي جوڳو طريقو دريافت نہ ٿي سگھيو آھي، جنھن جي روشني ۾ ھٿرادو پوک لاءِ حتمي صلاحون ڏئي سگھجن.
    ضرورت ان امر جي آھي تہ کنڀين جي مختلف پھلوئن تي تحقيق جاري رکجي. پنھنجي ماحول ۾ ٿي سگھندڙ کاڄرو ۽ طبي کنڀيون سڃاڻي، انھن جي ھٿرادو پوک، سال جي جنھن بہ حصي ۾ ممڪن ھجي، ڪرڻ گھرجي.
     
    باغي راشد ڪوٽڙيو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو