ڪشمير مسئلي تي ٽئين ڌر جي ٽياڪڙي واري آڇ تي محتاط رهڻو پوندو: بلاول ڀٽو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سوبيا طرفان آندل موضوعَ ‏3 آگسٽ 2019۔

  1. سوبيا

    سوبيا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2019
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    Media
    ماڳ:
    Pakistan
    [​IMG]
    لاهور: (ڇنڇر 03 آگسٽ 2019ع) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪشمير مسئلي تي ٽئين ڌر جي ٽياڪڙي واري آڇ تي محتاط رهڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.

    لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته نريندر مودي جي حڪومت کي بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ۽ پاڪستاني حڪومت کي جارحيت جو معاملو مڪمل سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشمير مسئلي تي ائين نه ٿيڻ گهرجي جيئن ٽرمپ فلسطين ۾ ڪيو. پنهنجي شادي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي مون شادي جو ڪم ڏنو هو. هاڻ هو جيل ۾ آهي اهو ايندو ته پوءِ ئي ڪجهه ٻڌائي سگهان ٿو. سينيٽ چيئرمين جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي حوالي سان بلاول ڀٽو چيو ته جيستائين جاچ جو عمل مڪمل نه ٿيندو مان ڪنهن تي به شڪ نٿو ڪري سگهان.

    بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جاچ ان تي ٿيڻ گهرجي ته ڪهڙي غير جمهوري طريقي سان سينيٽ جون چونڊون ڪرايون ويون. صاف شفاف اليڪشن جي لاءِ قانونسازي تمام ضروري آهي. هن چيو ته 2007 کان ماڻهن کي لڳي رهيو آهي ته سنڌ حڪومت وڃي رهي آهي پر هو اڄ به ڏسي وٺن ته سنڌ ۾ اسان جي ئي حڪومت آهي. هن خبردار ڪندي چيو ته ڪوبه سنڌ حڪومت طرف اک به نه کڻي ڇو ته اهو وقت جو نقصان هوندو. هن چيو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ هڪ ٻئي تي الزام هڻڻ بجاءِ سموريون پارٽيون اهو ڏسن ته ڪيئن غير جمهوري طريقو اختيار ڪيو ويو.

    پ پ چيئرمين چيو ته منهنجي 2 سينيٽرن چيو آهي ته اسان سان پنجاب جي گورنر ۽ جهانگير ترين رابطو ڪيو جنهن جي به جاچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پ پ جو نيب جي باري ۾ موقف واضح آهي ته هي ڪارو قانون آهي ۽ ان کي سياسي انتقام جي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته گهوٽڪي جي چونڊن ۾ مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ملي. سنڌ حڪومت ٺاهي ڏيکاريو. 90 ڏينهن ۾ ٻيهر واپس ايندس. هن چيو ته پ پ جي سمورن سينيٽرن استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن پر اسان اڃان تائين ڪنهن جي به استعيفيٰ قبول ناهي ڪئي پر مذڪوره معاملي جي لاءِ فيڪٽ فائيڊنگ ڪميٽي جوڙي آهي. جيستائين جاچ جو عمل مڪمل نه ٿيندو تيستائين ڪنهن تي به شڪ نٿو ڪري سگهجي.
    Sindhi News
     
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بلاول ڀلو سياستدان ٿيندو پيو وڃي.... پر ڪاش پيپلز پارٽي به ڀلي پارٽي طور پاڻ کا مڃرائي
     
    سوبيا هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو