ماضيء جو آئينو ؛ يروشلم،بيت المقدس ۽ هيڪل سليمان.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏22 آگسٽ 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ”يروشلم” اهو شهر آهي جيڪو سندس تاريخ ۾ سورهن ڀيرا،ڪڏهن ڊگھين ته ڪڏهن مختصر جنگين ۽ لڙائين مان گذريو آهي.انهن جنگي معرڪن دوران اهو ٻه ڀيرا مڪمل تباهي،ٽيويهه ڀيرا فوجي گھيرن،ٻاونجاهه حملن،چوئيتاليهه ڀيرا قبضن ۽ قبضن مان آزاديء جي مرحلن مان گذريو آهي. مصر مان قديم آثارن جي کوٽائيء دوران مليل ڪجهه دستاويزن ۾ دشمنن جي عنوان هيٺ پاڙيسري رياست ”روساليمم“ جو ذڪر به ملي ٿو.اهو لفظ عربي،عبراني ۽ ٻين ٻولين جي هڪڙي ئي ڪٽنب سان تعلق رکي ٿو۽ ڪنعاني دور حڪومت ۾ انهن علائقن لاء استعمال ٿيندو هو جيڪي اڄ ڪلهه اسرائيل،فلسطين،لبنان،اردن ۽ شام جي علائقن تي ٻڌل آهن.توريت جي پراڻن نسخن مطابق 1850 قبل مسيح ۾ حضرت اسحاق عليه السلام جي قربانيء جو واقعو به يروشلم جي جبل تي ئي پيش آيو جڏهن ته ان واقعي جي باري ۾ مسلمانن جو عقيدو اهو آهي ته قربانيء جو اهو واقعو حضرت اسمائيل عليه السلام سان عرب ۾مڪي جي ويجھو پيش آيو.

    پهرين صدي عيسوي جي رومانو جيوش اسڪالر ”ٽائيٽس فلاويس جوزفس“ لکيو آهي ته مصري حڪمران ”هيڪاسوس“ 1650 قبل مسيح ۾ يروشلم تي حملو ڪيو هو.جديد فرعونن جي دور ۾ مصر جي بادشاهت جي اتحاد ۽ توسيع سبب يروشلم مصر جي جاگير رهيو.1178 قبل مسيح ۾ مصر جي فرعون ”رعميس چوٿين“ ۽ سامونڊي ماڻهن جي وچم ۾ ٿيندڙ ”جنگ ديجاهي“جي نتيجي ۾ جديد فرعونن جي حڪومت رومي نار جي اڀرندي حصن جن ۾ يروشلم به شامل هو،ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي.عبراني بائيبل مطابق 1000 ق م ۾ ڪنعانين جي ئي هڪ قبيلي ”جيبوسي“ شهر تي قبضو ڪري شهر جي نئين سر اڏاوت ڪئي.ڏهين صدي قبل مسيح ۾ حضرت دائود عليه السلام جبوسي قبيلي کي شڪست ڏيئي يروشلم تي فتح حاصل ڪئي ۽ يروشلم کي پنهنجي سلطنت جي گاديء جو هنڌ بڻايو.اهڙيء طرح تاريخ ۾ اهو شهر ”شهر دائود“ سڏيو ويو ۽ اتان ئي گڏيل اسرائيلي بادشاهت ۽ رياست جي شروعات ٿي.حضرت سليمان عليه السلام 962 يا 957 قبل مسيح ۾ اتي ”گنبذ سليمان“ تعمير ڪيو پر ”بخت نصر“587 قبل مسيح ۾ ان کي ڊاهي ڇڏيو.حضرت سليمان جي وفات بعد اها سلطنت وري اسرائيل جنهنجي گاديء جو هنڌ ”سامرا“ ۽ يهوديا جنهنجي گاديء جو هنڌ ”يروشلم“ هو تن ۾ ورهائجي ويئي ۽ پوء ايندڙ صديء ۾ اهي ٻئي رياستون پاڻ ۾ وڙهنديون رهيون. اهو شهر 922 قبل مسيح ۾ مصري فرعون ” شوشينيڪ“ ۽ وري نائين صدي قبل مسيح جي وچ ڌاري فلسطينين ۽ عربن ڪيترائي ڀيرا لٽيو.بادشاه ”امازيا“ جي حڪومتي دور ۾ اسرائيل جي بادشاهه ”يهوآش“ يروشلم تي چڙهائي ڪئي ۽ يهوديا رياست کي شڪست ڏني.اشورين جي بادشاهه ”هوشيا“ جي دور حڪومت ۾ اشوري بادشاهه ”شلمانسر“ جي پٽ سارغون اسرائيل جي دارالحڪومت سامرا تي قبضو ڪري ان سلطنت جو خاتمو ڪري ڇڏيو ۽ اٽڪل اٺاويهه هزار اسرائيلين کي قيدي بنائي سامرا کان گوزان،حاران،ميڊيا،حولا ۽ نينوا ۾ وڃي آباد ڪيو.ان وقت يهودا تي بادشاهه ”احاذ“ جي حڪومت هئي.احاز کان پوء سندس پٽ ”حزقياه“ به اٽڪل پنجاهه سال حڪومت ڪئي.سندس دور حڪومت اسرائيلي مذهب لاء اونداهون دور ثابت ٿيو ۽ هن وڏي پيماني تي تباهي ۽ بربادي پکيڙي.يهوديا جي تاريخ هڪ نئون ڦيرو کاڌو ۽ عمون جو پٽ ”يوسياه“ هتان جو بادشاه بڻيو جيڪو 609 قبل مسيح ۾مصر جي فرعون ”نيخو“ سان وڙهندي مري ويو.يهوديا جي اوڀر ۾ ان دوران ئي بابلين اشوري سلظنت جي گاديء واري هنڌ ”نينوا“ تي قبضو ڪري ورتو.612 قبل مسيح ۾ بابلين اشورين کان يروشلم جي حڪمراني به کسي ورتي.انهن يروشلم جو تخت برباد ڪري ان جي بادشاهه کي به بابل وٺي ويا.بابل جي بادشاهه بخت نصر 597 قبل مسيح ۾ يروشلم تي قبضو ڪري ورتو.يروشلم جو سمورو خزانو لٽيو ۽ ”صديقياه“ کي يروشلم جو بادشاهه مقرر ڪيو.نامزد ڪيل بادشاهه ڏهن سالن بعد بخت نصر خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو.بخت نصر هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين شهر جو گھيرو ڪري رکيو ايستائين جو ڏڪار ۽ کاڌي خوراڪ جي کوٽ شهر کي ويران ڪري ڇڏيو.شهر ۽ هيڪل ۾ ڦر لٽ بعد باهه لڳائي ويئي.يروشلم جي ديوار کي ڪيرايو ويو ۽ امڪان اهو آهي ته ”تابوت سڪينه“ به ان دوران ئي غائب ڪيو ويو هو.ايراني بادشاهه ”خورش“ 538 قبل مسيح ۾بابلي سلطنت تي قبضو ڪري ورتو.هن يهودين کي يروشلم وڃڻ ۽ اتي خداوند جو گھر اڏڻ جي اجازت ڏني .يهوديا جي شهزادي ”شش بصر“ جي اڳواڻيء ۾ چاليهن هزارن کان مٿي ماڻهو يروشلم پهتا ۽ ”هيڪل سليماني“ جو بنياد رکيو ويو پر سامرين ۽ ٻين قومن جي مخالفت سبب ان جي تعمير ۾ ويهه سال لڳي ويا. 516 قبل مسيح ۾ اها عمارت مڪمل ٿي ۽ 515 قبل مسيح ۾يروشلم کي خود مختياريء جو درجو ڏيئي کيس يهوديا سلطنت جي گاديء جو هنڌ بڻايو ويو.يروشلم جي رياست کي قديم ترين نقشن ۾ به ڏسي سگھجي ٿو.

    اسلام جي شروع کان هجرت جي ڏهين سال تائين مسلمان مسجد اقصيٰ ( بيت المقدس. يروشلم. فلسطين) طرف منهن ڪري نماز پڙهنداهئا انهيء ڪري مسجد اقصيٰ کي پهريون قبلو چيو ويندو آهي.هجرت جي ٻئي سال قبلو بدلائڻ جي قرآني حڪم نازل ٿيڻ بعد مسلمانن بيت الله طرف منهن ڪري نماز پڙهڻ شروع ڪئي.حضرت عمر رضي الله عنه جي دور ۾ عيسائين سان هڪ ٺاهه هيٺ بيت المقدس تي مسلمانن جو قبضو ٿي ويو. مسجد اقصيٰ جو باني حضرت يعقوب عليه السلام کي مڃيو وڃي ٿو.ان جي نواڻ حضرت سليمان عليه السلام ڪئي.خليفي عبدالملڪ مسجد اقصيٰ جي ٻيهر اڏاوت ڪرائي جڏهن ته خليفي وليد بن عبدالملڪ ان جي تڪميل،سونهن ۽ سينگار جو بندوبست ڪيو.عباسي خليفي ابو جعفر منصور به ان جي مرمت ڪرائي.1099ع ۾ پهرين صليبي جنگ جي موقعي تي يورپي صليبين بيت المقدس تي قبضو ڪري ستر هزار مسلمانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.انهن مسجد ۾ رهڻ لاء ڪيترائي ڪمرا جوڙي ڇڏيا ۽ ان جو نالو ”معبد سليمان“ رکيو. انهن مسجد جي اندر ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ گرجا به جوڙي.سلطان صلاح الدين ايوبي 1187ع ۾ بيت المقدس فتح ڪرڻ بعد مسجد اقصيٰ کي عيسائين جي سمورن نشانن کان پاڪ ڪري محراب ۽ مسجد کي ٻيهر تعمير ڪيو.بيت المقدس تي اٽڪل 761 سال مسلمانن جو قبضو رهيو آهي ۽ ان خطي ۾ ست هزار سالن جي تاريخ ۾ حقيقتن ۽ شاهدين جي روشنيء ۾ پڪ سان سڀ کان گھڻو پرسڪون،پرامن ۽ خوشحاليء وارو دور سمجھيو وڃي ٿو.تنهن هوندي به 1917ع دوران عثمانين جي شڪست بعد برطانيا بيت المقدس ۽ فلسطين تي قبضو ڪري يهودين کي آباد ٿيڻ جي اجازت ڏني ويئي پر مقدس جايون مسلمانن جي عملداريء ۾ ئي رهيون ۽ ”فوري اعلان“ ذريعي يهودين لاء هڪ قومي رياست جي قيام جو وعدو ڪيو.ان اعلان سان گڏ فلسطين طرف يهودين نقل مڪاني شروع ڪري ڇڏي.1920، 1921، 1929 ۽ 1936ع ۾ عربن پاران يهودين جي ان نقل مڪانيء ۽ فلسطين ۾ انهن جي آباد ٿيڻ خلاف تشدد سان ڀريل مظاهرا ٿيا پر اهو سلسلو جاري رهيو. 15 مئي 1947ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليء فلسطينين لاء هڪ نئين ڪاميٽي جوڙي جنهن رپورٽ پيش ڪئي ته برطانيا جي نڪرڻ بعد هن هنڌ هڪڙي يهودي ۽ هڪڙي عرب رياست سان گڏوگڏ يروشلم شهر کي الڳ الڳ ڪري ڇڏيو وڃي ۽ انهيء کي بين الاقوامي نگرانيء ۾ ڏنو ويندو.29 نومبر 1947ع تي جنرل اسيمبليء اهو ٺهراء منظور ڪيو ۽ يروشلم ۽ فلسطين کي عربن ۽ يهودين ۾ ورهائي ڇڏيو.1948ع ۾ برطانيا ان علائقي مان پنهنجي فوج واپس گھرائي ورتي ۽ 14 مئي 1948ع تي اسرائيل جي آزاد حڪومت جي قيام جو اعلان ڪري ڇڏيو.هئڻ ته اهو کپندو هو ته اسرائيل سان گڏوگڏ فلسطيني رياست به قائم ڪري ڇڏي وڃي ها پر ايئن نه ٿيو.عربن ان ورهاست کي رد ڪري ڇڏيو ۽ مصر،اردن،شام،لبنان،عراق ۽ سعودي عرب نئين اسرائيلي رياست تي حملو ڪري ڏنو.ان جنگ ۾ عربن کي شڪست سبب يهودي رياست ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو ۽ اسرائيلي فوج فلسطين جي اٺهتر سيڪڙو ايراضيء تي قبضو ڪري ويئي.11 مئي 1949ع تي گڏيل قومن ۾ اڪثريتي راء سان اسرائيل کي آزاد ملڪ ۽ گڏيل قومن جي ميمبر طور تسليم ڪيو ويو.1964ع ۾ ٺهيل ”فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن“ فلسطين جي آزاديء لاء هٿياربند جدوجهد شروع ڪئي جنهن کان پوء اسرائيل توڙي پوري دنيا ۾ يهودين ۽ اسرائيلي جڳهين ۽ ماڻهن کي نشانو بنائڻ شروع ڪيو جن ۾ 1972ع ۾ ميونخ اولمپڪس ۾ اسرائيلي رانديگرن جو قتل عام به شامل آهي.5 جون 1967ع تي ٽين عرب اسرائيل جنگ شروع ٿي جنهن ۾ اسرائيل اوڀر يروشلم جي علائقن،شام جي گولان جبل اولهه اردن جي علائقي تي به قبضو ڪري ورتو. 21 آگسٽ 1969ع تي هڪ آسٽريلوي يهودي ”ڊينس مائيڪل روحان“ پهرئين قبلي کي باهه لڳائي ڇڏي جنهن ڪري مسجد اقصيٰ ٽن ڪلاڪن تائين باهه جي شعلن ۾ رهي ۽ ان جو هڪ وڏو حصو به شهيد ٿي ويو.جولائي 1980ع ۾ اسرائيل اوڀر يروشلم سميت پوري يروشلم کي اسرائيل جي گاديء جو هنڌ قرار ڏنو.7 جون 1981ع تي اسرائلي جيٽ جهازن بغداد ويجھو عراق جو ايٽمي ري ايڪٽر تباهه ڪري ڇڏيو جڏهن ته 1982ع ۾ لبنان جي عيسائي انتها پسندن اسرائيل جي مدد سان ٻن مهاجر ڪيمپن ۾ گھڙي سوين فلسطيني شهيد ڪري ڇڏيا.فلسطينين پاران اسرائيل خلاف پهرين ” انتفاده“ 1987ع ۾ شروع ٿي ۽ الهندي ڪناري توڙي غزه ۾ خوني وڳوڙ شروع ٿي ويا.ڪوويت جي گھوٽالي دوران اسرائيلين مسجد اقصيٰ ۾ احتجاجي جلوس تي فائرنگ ڪئي جنهن سان 20 ماڻهو مري ويا ۽ اٽڪل 120 ماڻهو زخمي ٿيا.1992ع ۾ يتراڪ رابن وزير اعظم چونڊيو ويو.ايندڙ سال اسرائيل پاران شمعون پيريز ۽ پي ايل او طرفان محمود عباس ”اوسلو ٺاهه“ تي صحيحون ڪيون جنهن مطابق فلسطين نيشنل اٿارٽيء کي الهندي ڪناري ۽ غزه جي پٽيء جا انتظامي اختيار ڏنا ويا.اهڙيء طرح پي ايل او اسرائيل جي وجود کي تسليم ڪيو۽ دهشتگرديء جي خاتمي تي اتفاق ٿيو.2001ع ۾ شيرون اسرائيل جو وزير اعظم بڻيو۽ هن غزه جي پٽيء مان هڪ طرفي نيڪالي مڪمل ڪئي.جولائي 2006ع ۾ ”حزب الله “ اتر اسرائيل تي بمباري ڪئي ۽ سرحد پار ڪري ٻه اسرائيلي فوجي اغوا ڪري ورتا.اهڙيء طرح هڪ مهيني جي ڊگھي لبنان جنگ شروع ٿي.فلسطينين پاران سو کان وڌيڪ راڪيٽ حملن بعد اسرائيل 14 نومبر 2012ع تي غزه تي فوجي ڪاروائي ڪئي جيڪا اٺن ڏينهن تائين جاري رهي.

    اهڙيء طرح مسلمانن جو پهريون قبلو اڃا تائين يهودين جي قبضي ۾ آهي.هاڻي يهودي مسجد اقصيٰ کي ڊاهي هيڪل اڏڻ جو منصوبو جوڙي رهيا آهن.يهودي ان مسجد کي هيڪل سليمانيء جي جڳهه تي تعمير ٿيل سمجھن ٿا ۽ ان کي ڊاهي ٻيهر هيڪل سليمان اڏڻ گھرن ٿا جڏهن ته اهي ڪڏهن به تاريخي طور تي اهو ثابت نه ڪري سگھيا آهن ته ان هنڌ ڪڏهن ڪو هيڪل سليمان اڏيل هو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو