اسان جي ڪلچر کي ڇا ٿي ويو آهي؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏24 آگسٽ 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ڪلچر ڪنهن به سماج جي عوام جي عڪاسي ڪندو آهي.ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي،سوچڻ جو انداز،انهن جي هلت چلت،روزمرهه جي زندگيء ۾ انجام ڏنيون ويندڙ ريتون رسمون،آرٽ، ٽيڪنالاجي،پهرڻ * اوڍڻ جا انداز،کائڻ پيئڻ جو سليقو،مرڻي پرڻي جون رسمون،مذهبي ڏڻ،سياسي،سماجي ۽ معاشي نظام ڪنهن به سماج ۾ رهڻ وارن جي تهذيب ۽ تمدن جي لحاظ کان تمام اهم هوندا آهن.تنهن هوندي به حقيقت اها آهي ته اسان اڄ تائين ڳورن جي جادوء مان ٻاهر نه نڪري سگھيا آهيون.جيڪو علائقو سو سالن تائين امگريزن جي غلاميء ۾ رهيو هجي ۽ جتي جاگيردار انگريزن جا پير چٽي جاگيرن جي لالچ ۾ اسان جا قومي راز فاش ڪري سوين ايڪڙ ايراضيء جا مالڪ بڻيا هجن اتان جي تهذيب ۽ ثقافت ڪهڙي هوندي؟جيڪر اسان چئون ته اسان اڃا تائين غلاميء جي ٻنڌڻن ۾ ڦاٿل آهيون ۽ اسان جو پنهنجو ڪو ڪلچر آهي ئي ڪون ته گھڻن کي اها عالهه اڻ وڻندڙ لڳي ٿي.اسان اڌ تتر ۽ اڌ ٻٽيهر آهيون.ڌارين جو ڪلچر اسان جي نس نس ۾ سمايل آهي.اسان مسلمانيء جي پردي ۾ هر اهو ڪم ڪري ويهون ٿا جنهن سان انسانيت شرمائجي وڃي.اسان جي ملڪ مان هر سال لکين ماڻهو حج ادا ڪرڻ وڃن ٿا ۽ قرباني به ڪن ٿا ۽ رڳو هڪ ڀيرو نه پر ڪئين ڀيرا وڃن ٿا ايستائين جو اسان جي ملڪ جا ڪيترائي سرنديء وارا ۽ سرمائيدار ماڻهو پنهن جي آسپاس جي بيمار.محتاج ۽ بکين ماڻهن کي تڙپندو ۽ موت جي چانئٺ بيمارين سان وڙهندو ڇڏي جمعي جي نماز هر هفتي خانه ڪعبي ۾ ادا ڪرڻ هليا وڃن ٿا جڏهن ته الله تعاليٰ انهن جي دولت ۾ انهن غريبن جو حصو به مقرر ڪيو آهي جنهن جا اهي حقدار آهن.اهي دولت جي زور تي ست ست حج ۽ ڏهه ڏهه عمرا ڪن ٿا پر پنهن جي هلت چلت،وهنوار ۽ سلوڪ ۾ ناجائز منافعا خوري ،ٽيڪس چوري،ٻين جا حق کسڻ،وياج کائڻ .زخيرا اندوزي ۽ ڪارو ڌن ڪٺو ڪرڻ کي به جائز سمجھن ٿا.اسان جي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ديوارن تي متبرڪ آيتون لکيل هونديون آهن پر انهن جي ڇانو ۾ سودي بازي ٿئي ٿي،رشوت جي بازار گرم رهي ٿي،عدالتن ۾ پاڪ ڪتاب جا قسم کڻي ڪوڙيون شاهديون ڏنيون وڃن ٿيون.انصاف جي نالي تي ماڻهن کان ڦرلٽ ڪئي وڃي ٿي.ملاوت،زخيرا اندوزي ،منافعاخوري،تور ماپ ۾ گھٽتائي ۽ هر قسم جي بي ايماني ۽ بدديانتي نهايت ئي نڪ جي ڏاڍائيء سان جاري آهي.صحت جي نالي تي پنهنجو پاڻ کي مسيحا سڏائيندڙ مريضن جي صحت سان کيڏندا رهن ٿا.دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين سان ملي ڀڳت ڪري مريضن جو وڪرو جاري آهي ۽ روزانو لکين مريضن جا کيسا ڪپيا وڃن ٿا.سرڪاري اسپتالن ۾ ته ذبح خانا ٺهيل آهن جتي روزاني لاچار ۽ بي پهچ مريضن کي وڏي بي رحميء سان ڪٺو وڃي ٿو.نجي اسپتالن ۾ علاج جي نالي تي مريضن کي ڊيڄاري انهن جي پيرن هيٺان زمين ڪڍي وڃي ٿي.پنهنجي پسند جي ليبارٽرين ۾ مهانگي قيمت تي ٽيسٽون ڪرائي انهن مان ڪميشنون کائيندڙن جي ضمير ۾ به ڪا رهنڊ نٿي اچي.دهشتگرد جن کي اسان پنهنجي ڪلچر جو حصو چوندا آهيون اهي اسلام جي چادر ۾ ڪڌي راند کيڏندا رهن ٿا.اسان جون سياسي جماعتون به اسان جي مذهبي ۽ قومي تشخص ۽ ڪلچر جون دعويدار آهن جن جا ماڻهو مقدس ايوانن ۾ به شرمناڪ حرڪتون ڪندي نظر اچن ٿا ۽ چوڻ وارا وڏي بي شرميء سان چوندا آهن ته اهو ته انهن جو ذاتي فعل آهي.اهڙيء طرح اسان جي سماج ۾ قتل ۽ غارت گري ڪرڻ وارن دهشتگردن جو ساٿ ڏيڻ وارا به اهي ئي آهن ۽ ٻئي طرف اهي ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ اچي روزانو عوام کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.هڪ طرف اسان جي حڪمران اشرافيا جي ڪرپشن جا داستان آهن ته ٻئي طرف ميڊيا جو هڪ وڏو حصو کين مظلوم ۽ بي گناه بنائي عوام سامهون پيش ڪندو رهيو آهي.اسان ڪهڙي قومي سڃاڻپ * ڪهڙي مذهبي ڪلچر جي ڳالهه ڪيون ٿا؟اسان وٽ ته روزانو اهڙا شرمناڪ انسانيت سوز واقعا ورجايا وڃن ٿا جن سان انسانيت ئي ،منهن مٿو پٽڻ لڳي ٿي.هر ايندڙ ڏينهن تي پنئچائتن ۽ جرڳن ۾ معصوم نياڻين سان زوري عزت لٽڻ جا فيصلا ٻڌايا وڃن ٿا.اسان جا قانون نافذ ڪندڙ ادارا طاقتور ڏوهارين کي پڪڙي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ بدران انهن جي مدد ۽ سرپرستي ڪري رهيا آهن.اسان جي ڪلچر ۾ انسان ڪتن ۽ ٻلين جيان زندگي گذاري رهيا آهن ۽ اسان جي ڪلچر ۾ انسانن کي گجر موريء جيان ڪپي اڇلايو وڃي ٿو.معمولي تڪرارن تان سالن تائين قبائلي جھيڙا هلن ٿا جن ۾ سوين انساني جانيون ضايع ٿي وڃن ٿيون.هاڻي ته اسان جي سماج ۾ هڪ ٻيو ناسور به پيدا ٿي پيو آهي جنهن اسان جي پوري تهذيب ۽ ثقافت جي شڪل ئي بگاڙي رکي آهي سو آهي معصوم ٻارن سان زيادتين بعد بي رحميء سان قتل ڪري ڇڏڻ جا واقعا.ڇا اسان جي تهذيب اها آهي؟روزانو اخبار پڙهجي ٿي ته ڪونه ڪو اهڙو واقعو ضرور پڙهڻ لاء ملي ٿو ۽ قانون ساڳيء ريت سڪون جي ننڊ سمهيل نظر اچي ٿو.اسان جي بهراڙين ۾ انسانيت جي تذليل جا واقعا به روز جو معمول بڻيل آهي جتي ڪڏهن ڪنهن جون ڏاڙهيون مڇيون ڪوڙي کيس گھٽين ۾ گھمايو وڃي ٿو ته ڪنهن کي سندس نازڪ عضون تي ڏنڀيو وڃي ٿو.ڪڏههن ڪڏهن ته اهو ٿو محسوس ٿئي ته ڪلچر ۽ ثقافت ته پنهن جي جڳهه تي پر شايد اسان جانورن جي سماج کان به هيٺ هليا ويا آهيون جو جانورن جي سماج ۾ به ڪجهه اصول ۽ روايتون ڪم ڪنديون آهن.اسان جي سماج جي ڏاهن ۽ دانشورن کي سوچڻ گھرجي ته اسان جو سماج ان الميي جو ڇو شڪار ٿيو آهي،ايڏي بي حسي ءٌ بي شرميء جا ڪهڙا سبب آهن ۽ ان نام نهاد سڌريل دنيا جي نقشي تي اسان جون اهي بد عمليون،بد ديانتيون،بي حسيون ۽ سنگدليون ڪهڙا ليڪا ڪڍي رهيون آهن!
     
    سوبيا ۽ ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو