ماضيء جو آئينو ؛ صلاح الدين ايوبي ۽ جبر جو شڪارڪُرد !

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    گذريل سال جنوري ۾ ترڪي جي فوج،ترڪيء جي سرحد سان ڳنڍيل اتر شام جي شهر عفرين تي بمباري ڪري ٽينڪن سان داخل ٿي ويئي.ترڪي ان ڪاروائيء جو سبب اهو ٻڌايو هو ته ان شهر ۾ ڪردن جي ڊيموڪريٽڪ يونين پارٽي جا دهشتگرد جن کي بشارالاسد جي حڪومت سان وڙهندڙ گڏيل فوج هٿيار مهيا ڪري رهي آهي ۽ مالي مدد به ڏيئي رهي آهي،اهي سرحد پار ڪري ترڪيء جي علائقي ۾ ڪاروائيون ڪري رهيا آهن.ترڪيء کي شڪ آهي ته عفرين جي انهن ڪردن کي پردي پويان امريڪين جي به امداد مليل آهي.ترڪيء جو چوڻ آهي ته هن اها ڪاروائي ڪرد دهشت گردن کي ختم ڪرڻ ۽ پنهنجي دفاع لاء ڪئي هئي.

    تاريخ جي ستم ظريفي ڏسو جو صلاح الدين يوسف بن ايوب جنهن اٺ سو سال اڳ صليبي جنگين ۾ عيسائين کي شڪست ڏيئي ييروشلم ۽ پوري فلسطين کي فتح ڪيو هو ۽ مصر،شام،عراق،حجاز،يمن ۽ اتر آفريڪا جي ڪشادي علائقي تي ٻڌل پنهنجي مملڪت قائم ڪئي هئي،انهيء جا ٽي ڪروڙ ۽ پنجهتر لک هم نسل ڪرد اڄ چئن ملڪن،شام،ترڪي،عراق ۽ ايران ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. اها قوم ايران کان شام تائين پکڙيل ان علائقي ۾ آباد آهي جنهن کي ڪردستان چون ٿا.ان علائقي ۾ ڪرد ٽي سو سال قبل مسيح کان آباد آهن.ستين صدي ۾ ڪردن اسلام قبول ڪيو هو ۽ انهن مان ئي صلاح الدين ايوبي اڀريو هو جنهن صليبي جنگين ۾ پنهنجي فتحن ذريعي وڏو نالو پيدا ڪيو.انهيء ئي عظيم مسلمان فاتح جي اها قوم اڄ چئني طرفن کان جبر ۽ تشدد جو شڪار بڻيل آهي.

    پهرين عالمي جنگ کان اڳ ڪرد هن علائقي ۾ سلطنت عثمانيه هيٺ خانه بدوشن واري زندگي گذاريندا هئا.اها ستم ظريفي ئي چئجي جو سلطنت عثمانيه ختم ٿيڻ بعد وچ اوڀر ۾ ڪيتريون ئي نيون آزاد رياستون وجود ۾ آيون پر هڪ آزاد خود مختيار رياست جي باري ۾ ڪردن جو خواب پورو نه ٿي سگھيو توڙي جو 1920ع جي سيوري معاهدي هيٺ عراق،شام ۽ ڪويت جون آزاد رياستون جڙيون هيون ان ۾ڪردن جي آزاد رياست جو به وعدو ٿيل هو پر ترڪي ۾ مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ جي اقتدار ۾ اچڻ بعد ترڪي ۽ ان سان گڏوگڏ ايران ۽ عراق ڪردن جي آزاد مملڪت تسليم ڪرڻ کان انڪار ڇڏيو.توڙي جو اتر عراق ۾ ڪردن جي آبادي سٺ لکن جي لڳ ڀڳ آهي پر سڀ کان وڏو انگ انهن جو ترڪيء ۾ آهي جتي هڪ ڪروڙ اسي لک ڪرد ٻڌايا وڃن ٿا.شام ۾ انهن جو تعداد اٺاويهه لک جڏهن ته ايران ۾ اٺيتاليهن لکن ويجھو آهن.ايران ۾ ڪردن جي اڪثريت آزر بائيجان ۽ همدان جي علائقي ۾ آباد آهي جنهن کي ايراني ڪردستان چيو وڃي ٿو ۽ ڪرد انهيء کي اوڀر ڪردستان چون ٿا.ايران ۾ ڪردن خلاف ڪاروائين جو سلسلو سترهين صديء کان شروع ٿيو هو جڏهن شاهه عباس ڪردن کي وڏي پيماني تي زبردستيء خراسان منتقل ڪري ڇڏيو،پوء 1946ع ۾ قاضي محمد جي اڳواڻيء ۾ بغاوت ٿي ۽ ڪردن مها آباد جمهوريه جي نالي سان هڪ الڳ رياست قائم ڪئي جيڪا گھڻو عرصو هلي نه سگھي.قاضي محمد کي نيٺ سر عام ڦاسي ڌني ويئي.رضا شاهه پهلويء جي ڏينهن ۾ ڪردن جي زبان تي پابندي لڳائي ويئي ۽ 1979ع ۾ اسلامي انقلاب بعد آيت الله خمينيء ڪردن خلاف جهاد جو اعلان ڪيو ۽ وڏي پيماني تي ڪرد علائقن ۾ فوجي ڪاروائي ڪئي ويئي.نيٺ ڪردن کي گوڏا کوڙڻا پيا.

    هوڏانهن اتر عراق ۾ ڪردن 1960ع کان 1975ع تائين مصطفيٰ برزاني جي قيادت ۾ بغاوت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ کين خود مختياري حاصل ٿي پر 1991ع ۾ ڪردن جي بغاوت بعد صدام حسين جي حڪومت ان علائقي تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو ۽ ڪردن تي سخت ظلم ڪيا. عراق ۾ توڙي جو صدام حسين جي زوال بعد ڪردن کي نئين آئين موجب خود مختياري حاصل ٿي ويئي هئي ۽ انهن جي علاقائي پارليامينٽ به تسليم ڪئي ويئي هئي.عراق جي جنگ بعد امريڪين انهن جي تيل سان مالا مال علائقي سبب انهن تي شفقت جو هٿ رکيو پر خبر ناهي بعد ۾ ڇو وري هٿ ڇڪي ورتو ويو.ڪجهه عرصو اڳ ڪردن پنهنجي آزاد خود مختيار مملڪت قائم ڪرڻ لاء ريفرينڊم به ڪرايو هو جنهن کي عراقي حڪومت رد ڪري ڇڏيو هو ۽ فوج چاڙهي ڪردن جي سمورن خوابن کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو هو.اهو ئي سبب آهي جو ڪردن جي تاريخ ايران ۽ عراق ۾ بغاوتنب سان ڀرپور آهي.ترڪي ۾ ڪردن 1925ع ۾ شيخ سعيد جي اڳواڻيء ۾ بغاوت ڪئي جنهن بعد ترڪي حڪومت ڪردن خلاف نهايت ئي سخت پاليسي اختيار ڪئي ۽ انهن جي زبان ۽ ثقافت ختم ڪري کين جابلو ترڪ قرار ڏنو.جابلو ترڪ قرار ڏيئي کين ترڪ سماج ۾ ضم ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي ويئي.

    1978ع ۾ ڪردن جڏهن آزادي ۽ خود مختياريء جي تحريڪ شروع ڪئي ته وڏي پيماني تي ترڪي جي حڪومت ۽ ڪردن وچ ۾ جھڙپون شروع ٿي وييون.ان تحريڪ ۾ علحدگي پسند تنظيم ڪردستان ورڪرز پارٽي اڳيان اڳيان هئي.اها تحريڪ ترڪي جي معيشت لاء تباهه ڪندڙ ثابت ٿي.ان دوران ترڪيء جي معيشت کي چار سو پنجاهه ارب ڊالرن جو نقصان پهتو.نيٺ ان تحريڪ جي اڳواڻ عبدالله اوجلان 2015ع ۾ تحريڪ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ اهڙيء طرح اها ڇڪتاڻ ختم ٿي.

    ڪردستان جي علائقي کان ٻاهر پوري دنيا ۾ هڪ ڪروڙ کان مٿي ڪرد پکڙيل آهن انهن مان گھڻا اهي آهن جن ترڪي،عراق ۽ ايران ۾ سندن خلاف ظلم ۽ ستم کان فرار ٿي پناهه حاصل ڪئي آهي.انهن ڪردن جو چوڻ آهي ته ڪيڏي نه ڏک ۽ حيرت جي ڳالهه آهي جو سندن اڳواڻ صلاح الدين ايوبي ته ايران کان وٺي اتر آفريڪا تائين هڪ وڏي تعداد ۾ ملڪن کي آزاديء جي نعمت سان نوازيو پران جي قوم اڄ به پنهڻ جي آزاديء لاء تڙپي رهي آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو