سنڌ صوبي اندر تعليم کاتي جي خَسته حالي!

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2019۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    سنڌ صوبي اندر تعليم کاتي جي صورتحال جو جنهن به پهلو کان جائزو وٺجي ٿو انهي پهلو کان مايوسي نصيب ٿئي ٿي. تعليم کاتي جي ڏيوالپڻي توڙي تباھ حالي تي نه رڳو پوري سنڌ جو شعور ڳڻتي ۾ ورتل آهي پر انهي سان گڏوگڏ هر هڪ عام توڙي خاص ماڻهو جي اِها دلي خواهش پڻ آهي ته جيڪر سنڌ جي تعليم کاتي کي هڪ مثبت راھ نصيب ٿي.

    هڪ اهڙي راھ جنهن تي هلي ڪري سنڌ جو نئون نسل روشني جا ترورا حاصل ڪندي عالمي درجي تائين پاڻ کي مڃائڻ جي قابل ٿين. ڪجھ ڏينهن پهريان اخبارن ۾ اهو پڻ پڙهڻ لاءِ مليو آهي ته تعليم کاتي سنڌ ۾ هن وقت ڪُل پنجويھ هزارن کان وڌيڪ خالي آساميون پيون آهن.

    جن بابت حڪومت انهي ڳالھ تي ويچاري رهي آهي ته هيڊ ماسٽر توڙي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر جي خالي جڳهن لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وسيلي ڀرتين جو اشتهيار جاري ڪرائي ۽ باقي پرائمري استاد، جونئير ايليمنٽري استاد ۽ هاءَ اسڪول جي استادن جي ڀرتين لاءِ ڪنهن ٽيسٽنگ سروس جو خدمتون حاصل ڪندي.

    سنڌ اندر اسڪولن جي موجوده صورتحال کي ڏسندي اهو واضع نموني چئي سگهجي ٿو ته هن وقت اسڪولن ۾ اُستادن جي شديد کوٽ آهي ۽ انهي کوٽ جي پورائي لاءِ گذريل سال تعليم کاتي حڪومت سنڌ جونئير اسڪول ٽيچر جي خالي پيل ست هزار آسامين لاءِ سکر آي بي اي وسيلي اشتهار جاري ڪيو هو. جنهن ۾ پوري سنڌ مان ڪُل ٻاويھ هزار اميدوارن جو درخواستون قبول ٿيون هيون ۽ انهن ٻاويھ هزار اميدوارن مان ڇھ هزار ۽ ڪجھ مٿي اميدوار ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ نوڪري لاءِ اهل ٿيا.

    ياد رهي ته اِهي ست هزار خالي جاين جا جيڪي انگ اکر تعليم کاتي پاران ڄاڻايا ويا هئا سي ڪافي سال پهريان جا انگ اکر آهن. هن وقت ته اهو انگ وڌي ڪري المناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي. پر انهي جي باوجود تعليم کاتي حڪومت سنڌ جي اعليٰ عملدارن کي ڪائي پرواھ ڪونه آهي. گذريل سال جن اميدوارن سکر آءِ بي اي جي معرفت ٽيسٽ پاس ڪيو ۽ ميرٽ جي حتمي لسٽ ۾ کين ڪامياب قرار ڏنو ويو.

    انهن اميدوارن مان ڪجھ ضلعن جي اميدوارن کي نوڪري لاءِ آفر آڊر جاري ڪيا ويا آهن. جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد، نواب شاھ، عمر ڪوٽ ۽ اُتر سنڌ ۾ سکر ۾ آفر آڊر ڏنا ويا آهن. انهن ضلعن کان علاوه سنڌ جا باقي کوڙ ضلعا جهڙوڪ خيرپور ميرس، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي سميت ڪافي ضلعن جي پاس اميدوارن کي هر ڏينهن ضلعي تعليمي آفيسر ڪو نه ڪو نئون بهانو گهڙي ڪري ٻڌائين ٿا ۽ انهن کي آفر آڊر جاري ڪرڻ ۾ بلا جواز تاخير ڪري رهيا آهن.

    هنن نون استادن جي ڀرتين لاءِ تعليم کاتي جي اڳوڻي وزير تعليم به ڪافي ميٽنگون ڪوٺرايون هيون ۽ انهن ۾ تعليم کاتي جي ضلعي آفسيرن سميت ڊويزنن جي ڊاريڪٽرز کي به سختي سان هدايت ڪئي هئي ته هن مرحلي کي جلد از جلد اڪلايو وڃي. پر افسوس ته انهي شاھ صاحب جا اعلان به سکڻا اعلان ئي رهجي ويا ۽ انهن تي ٽڪو به عمل ڪونه ٿيو.

    انهي ساڳي کوکلن اعلانن واري روايت کي اڳوڻي سيڪريٽري تعليم قاضي شاھد پرويز به اختيار ڪئي پر اهو به پنهنجي سيٽ تي نه رهي سگهيو ۽ سگهو ئي کيس تعليم کاتي جي شعبي مان بدلي ڪيو ويو. تعليم کاتي ۾ نئي سيڪريٽري تعليم جي اچڻ کان پوءِ منگي صاحب مان اِها توقع ڪئي وئي ته اسڪولن ۾ موجود استادن جي کوٽ کي نئون سيڪريٽري سنجيده نموني سان حل ڪري نون ٽيسٽ پاس اميدوارن کي جلد از جلد اسڪولن ۾ پهچائندو.

    پر هميشه وانگر سنڌ جي شعور کي نراسائي ئي نصيب ٿي ۽ هي سيڪريٽري صاحب چارج سنڀالڻ کان سگهو ئي جلدي پرڏيھ هليو ويو. تعليم کاتو بنا سيڪريٽري ۽ بنا تعليم جي وزير جي هلڻ لڳو. تعليم طرف حڪومت جو اِهو غير منصفاڻو رويو ڏسي ڪري سنڌ مان ڪهڙي سقراط، ڪهڙي افلاطون ۽ البرٽ آئنسٽائين جي پيدا ٿيڻ جي توقع ڪجي.

    آئون ته سمجهان ٿو سنڌ اندر تعليم کاتي جو حال آفريڪا جهڙي ملڪ جي تعليمي صورتحال کان به پٺتي پيل آهي. جن ماڻهن وٽ گذر سفر لاءِ ڪجھ ثمر آهي يا مڙئي موچاري من کي اُڪلائڻ جي وسعت رکن ٿا سي پنهنجي ٻچن کي خانگي تعليمي ادارن ۾ داخل ڪرائن ٿا ته جئين اُهي ٻه اکر سکي سگهن ۽ دنيا سان گڏ هلڻ جهڙا ٿين. باقي جيڪي ماڻهو هن مهانگائي جي دور ۾ پيٽ پالڻ ۾ ئي پورا آهن انهن جي ٻچن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ هڪ خواب بڻجي ويو آهي. انهن لاءِ معياري تعليم اڻ لڀ ۽ انهن جي پهچ کان تمام گهڻو پري ٿي ويو آهي.

    جيڪا حڪومت تعليمي ايمرجنسي نافذ هجڻ جي باوجود ست هزار استاد مقرر نه ٿي ڪري سگهي انهي حڪومت طرفان هزارن جي تعداد ۾ خالي آساميون ظاهر ڪرڻ به هڪ فريب آهي. عوام لاءِ دولاب کانسواءِ ڪجھ به نه آهي. سنڌ حڪومت جي اِها روايت رهي آهي ته هنن جڏهن به لوڪ مياري خاطر ميرٽ جو نارو هڻي ڪري نوڪريون ڏنيون آهن تڏهن انهن نوڪريون حاصل ڪندڙن کي هنن ڪراچي جي روڊن تي تذليل جو نشانو بڻايو آهي.

    چاهي پوءِ ڀلي اُهي اميدوار مرد هجن يا عورتون. استاد هجن يا ڊاڪٽر. هنن هر ڪنهن کي وس آهر تنگ ڪرڻ ۽ نوڪري تان هٿ کڻڻ جي ڪوشش پي ڪئي آهي. هنن جي صرف اِها روايت نه رهي آهي بلڪ هڪڙي روايت اِها پڻ اٿن ته سنڌ جي نوجوانن سان هي حڪومت مختلف نمونن سان کيڏ کيڏندي آئي آهي.

    ڪنهن خالي جڳھ لاءِ اشتهيار ڏئي ڪري اهليت جو معيار انتهائي بلند رکي ڪري نوجوانن کان چالان وصول ڪيا وڃن ٿا ۽ اڳتي هلي ڪري انهي خالي جڳھ جي ڀرتي واري اشتهيار کي ڪينسل ڪري ڇڏين ٿا. اهڙو تازو مثال ڪجھ عرصو پهريان تعلقه ايجوڪيشن آفيسر جي خالي جڳهن جو آهي جيڪو سنڌ حڪومت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان جاري ڪيو هو ۽ ڪجھ ڏينهن ۾ انهي اشتهيار کي ڪينسل پڻ ڪيو ويو هو.

    حيرت جهڙي ته ڳالھ اِها آهي جو سال پورو ٿيڻ تي آهي ۽ هن مهل تائين تعليم کاتي حڪومت سنڌ پنهنجي سالانه تعليمي پاليسي ظاهر ڪونه ڪئي آهي. تعليم کاتي ۾ بهتري لاءِ کين جيڪو ڪم ڪرڻو هو اهو سڄو سارو ڪم ڪار سنڌ جي ساڃاھ وندن کان ڳجهو آهي. ڪنهن به تعليم يافته يا گهڻ پڙهي ماڻهو کي اِها خبر ڪونه آهي ته حڪومت سنڌ تعليم کاتي بابت ڪهڙيون اڳڀرايون ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي يا مستقبل ۾ تعليم جي سڌاري لاءِ انهن وٽ ڪهڙي جامع حڪمت عملي آهي.

    گذريل هفتي ڪراچي جي هڪ اردو اخبار ۾ خبر شايع ٿي ته تعليم کاتي سنڌ ۾ اٺ هزار کان وڌيڪ استادن جي ريٽائرمنٽ جون درخواستون جمع ٿيون آهن. ان سان گڏ اهو پڻ لکيل هو ته ويھ هزار استادن جون درخواستون اڳم ئي موصول ٿيل آهن. مٿان وري هي اٺ هزار ٻيون درخواستون به جمع ٿيون آهن. انهي صورتحال کي مد نظر رکندي اهو چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ ٻن سالن جي اندر سنڌ اندر جيڪو تعليمي بحران پيدا ٿيندو سو بنھ الڳ ۽ نئون بحران هوندو.

    جنهن کي حل ڪرڻ مان سمجهان ٿو حڪومت جي وس کان ٻاهر جي ڳالھ هوندي. ڇو ته تعليم کاتي ۾ هن وقت جيڪو فقدان پيدا ڪيل آهي سو خود حڪومت جي هٿان ئي پيدا ڪيل آهي. تعليم کاتي کي خسطه حال ڪري آئون سمجهان هو هي حڪومت پوري تعليمي نظام کي خانگي نظام ۾ تبديل ڪرڻ جي تياري ۾ آهي. جنهن ڪري تعليم کاتي ۾ تڏهن ئي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي ڪئي وڃي.

    سنڌ جو وڏو وزير وڏ وزارت سان گڏوگڏ تعليم جي وزارت به پاڻ وٽ رکيون ويٺو آهي. پر انهي جي باوجود تعليم جي بهتري لاءَ ڪو به قدم کڻڻ کان عاري آهي. نون اُستادن جي مقرري جي حوالي سان جڏهن اعليٰ اختيارن جو در کڙڪايو ويو ته اُتان اِهو جواب مليو ته بجيٽ بڪ جو مسئلو آهي. هي ست هزار جاڳي آساميون حڪومت جي بجيٽ بڪ ۾ ڪونه آهن. ڇا اِها ڳالھ ڪرڻ درست آهي.

    سنڌ جي نئي اُڀرندڙ شعور سان اها مذاق ڪونه آهي ته انهن کي ڀرتي ڪرڻ جي مرحلي ۾ آڻي ڪري پوءِ ٺلها آسرا ڏنا وڃن. سنڌ حڪومت جيڪڏهن تعليم کاتي سان هڪ فيصد نه سنجيده آهي انهي طرف سنجيدگي وارو رويو رکي ٿي ته پوءِ بنا دير پوري سنڌ جي ست هزار اميدوارن کي جلد از جلد سندن لاڳاپيل اسڪولن ۾ مقرر ڪري ته جئين اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ پوري ٿي سگهي ۽ ٻار علم حاصل ڪري سگهن.

    (روزاني هلال پاڪستان بروز آچر 03 نومبر تي ڇپيل)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو