سنڌي ٻولي کي اڄ انگريز دور وارا حق به ناهن، ادارا “ڪيٽيون” بڻيل آهن: امداد حسيني

'انٽرويو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ممتاز بخاري: ڇا امداد حسينيءَ جي شاعري ۾ اھا اڏام آھي جيڪا ويھارو سال اڳ ھئي؟
    امداد حسيني: اھو فيصلو مان ڪيئن ٿو ڪري سگھان! توھان به شايد مون کي پڙھيو ھجي ھا ته ان سوال جا لفظ ڪجهه ٻيا ھجن ھا. مون پاڻ پنھنجي مجموعي “ھوا جي سامھون” (2000ع ) جي فليپ تي لکيو آھي ته “لفظ لفظ ٿي سٽ جڙي ٿي. سنڌوءَ جي سير جھڙي سٽ. سڄڻ جي سينڌ جھڙي سٽ. ۽ مون ھي لکين سٽون، ان سٽ سرجڻ لاءِ لکيون آھن، جيڪا اتھاس ۾ امر ٿي وڃڻي آھي”. ان ڏس ۾ مان پنھنجي اردو مجموعي “ڌوپ ڪرن” (2014) جو مثال ڏيندس، جنھن کي “ادبيات” ۽ “يو بي ايل ايڪسيلينس” ايوارڊ ساڳئي سال مليا. ان ايوارڊ لاءِ سڄي پاڪستان مان ڪتاب آيا ھئا. ان ڪتاب جو مھاڳ فھميدہ رياض لکيو آھي. ھوءَ لکي ٿي ته: “ڌوپ ڪرن” اردو شاعري مين ايڪ گران قدر اضافه هي.. ايڪ نکرا، سٿرا، ستھرا، تروتازہ ذهن هي امداد حسيني ڪا…اردو هو يا سنڌي ڪسي ڀي تقليد سي پاڪ، ڪوئي پياري سي بات، ڪسي انوکي ڍنگ سي وه ڪهتا هي.” (ص 20) منھنجي سنڌي مجموعي “ڪرڻي جھڙو پل” (2012ع) ۾ اسان جي دور جي اھم شاعر قمر شھباز “سٽ ڄڻ ھٿ لڪير” جي عنوان سان جيڪو منھنجي شاعري بابت لکيو اھو منھنجي لاءِ اتساهه جو ڪارڻ آھي. ھو لکي ٿو ته “ڌرتيءَ سان ڪمٽمينٽ لاءِ نه نعرن جي ضرورت آھي نه ھوڪارن جي ۽ نه للڪارن جي – نھائينءَ جو نينھن آھي، ماٺو ٿيڻو ناھي … امداد ته فينڪس (Phoenix) پکيءَ جيان آھي جيڪو پنھنجي ھڪ طرفي پيار ۾ سريلا گيت ڳائيندو ھوائن ۽ فضائن ۾ اوچو اڏرندو رھندو آھي ۽ پوءِ پنھنجي اندر جي اساٽ ۾ جلي خاڪ ٿي ويندو آھي ۽ ڌرتيءَ تي ڇڻيل پنھنجي ئي خاڪ مان ٻيھر جنم وٺندو آھي.” منھنجي ان مجموعي تي محمد ابراھيم جويو، غلام رباني آگرو، سراج ۽ رسول بخش پليجو انگريزي ۾ پنھنجي راءِ ڏني آھي، جيڪا بئڪ ٽائيٽل ۽ ڪتاب جي آخري صفحن تي ڏنل آھي جيڪا اوھان جي ويھارو سالن کان پوءِ جي آھي ۽ مون لاءِ املهه آھي. “ڪرڻي جھڙو پل” ۾ ڊاڪٽر الياس عشقيءَ جي “ھوا جي سامھون” جي مھورت ڀيري ڪيل في البديھ تقرير به آھي. ان جي مون وٽ اھميت اھا آھي جو اھا “ڌوپ ڪرن” ۾ اردو ۾ ترجمو ڪري ڏني وئي آھي. شاعري ھڪ اعليٰ، حساس ۽ انتھائي ذميواري جو ڪم آھي. شاعري به ٿي ويندي آھي عشق وانگي :
    توڙي جو ڪاوا اڀا، توڙي پٿر پٿ
    اوءِ ڪويتا پريمڪا، ھٿ ۾ رکجان ھٿ

    ممتاز بخاري: ڇا توھين سمجھو ٿا ته فن ۽ تخليقي جوھر ايڪيھين صديءَ جي نوجوان شاعرن ۾ آھي؟
    امداد حسيني : نئين ٽئلينٽ جي ادب/شاعري ۾ اھائي اھميت آھي جيڪا نئين رت جي جسم لاءِ آھي. تنوير چيو ھو ته “شاعري سڄي عمر جي رياضت آھي”، اھڙي رياضت جو ڏس ته ملي ٿو پر گھٽ. شاعري ھڪ ئي وقت فن به آھي، ته مقصد به. مون ڪيترن نون دوستن جي مجموعن تي مھاڳ لکيا آھن. انھن ۾ ٽئلينٽ آھي. انھن کي گھري مطالعي ۽ مشاھدي جي ضرورت آھي. تجربو کين ورجاءُ کان بچائي سگھي ٿو. معياري رسالن جي کوٽ جي ڪري به نئون ٽئلينٽ اڳتي نٿو وڌي.

    ممتاز بخاري: ادبي حوالي سان گروهه بندين کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
    امداد حسيني: ان جو مختصر جواب ته اھو ئي آھي ته اھي گروهه بنديون ادب لاءِ سخت ھاڃيڪار آھن. اھي ذاتي/ گروھي مفاد لاءِ پيدا ٿينديون آھن.

    ممتاز بخاري: سنڌي ادبي سنگت جي اھميت/ڪارج کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
    امداد حسيني: س ا س جا جيڪي ڪرتا ڌرتا آھن، اھو سوال توھان کي انھن کان ڪرڻ کپي! ان ڏس ۾ انور پيرزادي گھڻو ڪجهه لکيو آھي. اھو پڙھڻ کپي.

    ممتاز بخاري: جونيئرز کي شڪايت آھي ته سينيئر کين نٿا پڙھن! ڇا توھان جي جونيئر هئڻ وقت به ايئن ھوندو ھو؟
    امداد حسيني: ھڪ ته ايئن آھي ڪونه – پل لاءِ به توھان جي ان جي مفروضي کي مڃجي به کڻي (جنھن جو توھان نه ته مثال ڏنو آھي نه ئي حوالو) ته ان سان ڪھڙو ٿو فرق پوي؟ ساڳي ڳالهه جيڪڏھن جونيئرز لاءِ ڪئي وڃي ته اھي سينيئرز کي نٿا پڙھن ته ان جو ڪھڙو جواب آھي؟ مون ڪيترن نون دوستن جا مھاڳ لکيا آھن. انھن جي اسڪرپٽ جو لفظ لفظ پڙھيو آھي. سندن اجازت سان انھيءَ ۾ درستگيون به ڪيون اٿم – ايستائين صورتخطي کي به درست ڪيو اٿم. اياز، طالب الموليٰ، تنوير، شمشير مون کان سينيئر ھئا، پر مان سندن سٿ ۾ شامل هئس. ادبي سفر ۾ اسين ھم قدم رھياسين. تڏھن “نئين ٽھيءَ” جي نالي ۾ اگھامڻ جي ريت نه ھئي. جونيئر /سينيئر جو جھڳڙو به نه ھو.

    ممتاز بخاري: ٻوليءَ بابت توھين وڌيڪ حساس ۽ سنجيدہ آھيو ٻين کان، توھين ڇا ٿا سمجھو ته ٻولي کي خطرو آھي يا سائبر اسپيس جڳ ۾ ٻولي کي آڻي، اسان ٻوليءَ کي محفوظ بڻايو آھي؟
    امداد حسيني: سنڌي ٻولي سنسڪرت، عربي، فارسي ۽ انگريزي دور ۾ به زندهه رھي آھي، جيڪي نه رڳو فاتحن جون ٻوليون ھيون پر سرڪاري ٻوليون به ھيون پر زوري مڙھيل (سنسڪرت/ عربي/فارسي) ڌرمي/ مذھبي ٻوليون به ھيون، پر سنڌي ٻولي تڏھن به جيئري جاڳندي ٻولي ھئي. ان جا ٻه مکيه ڪارڻ ھئا:
    (1) ته سنڌي ٻولي آسمان مان نازل ٿيل نه ھئي، بلڪه ڌرتي مان ڦٽي نڪتي ھئي ۽ ان جون پاڙون انت پاتار تائين ھيون.
    (2) سنڌي ٻولي عام ماڻھن جي ٻولي ھئي.
    انگريز راڄ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري سطح تي مڃتا ملي ۽ سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو. ان جو نصاب ٺھيو ۽ ھر مضمون تي درسي ڪتاب لکيا ويا ۽ اسڪول قائم ڪري انھن ۾ رائج ڪيا ويا ۽ ايئن سنڌي ٻولي ھڪ اسريل ٻولي وارو پد ماڻي ورتو جنھن پد جي اھا جائز طور حقدار ھئي. 1947 کان صورتحال بدلجي وئي ۽ سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي ٻولي تي ڏکيا ڏينھن آيا. ان تي فيض جي ڪلام جي سنڌي ترجمي “تنھنجي ساگر نيڻن ۾” جي 65 صفحن جي مھاڳ “جي ڪٺا سچ لاءِ” ۾ مون تفصيل سان لکيو آھي. ھتي ان ڏس ۾ پنھنجو ھڪ مختصر نظم ڏيان ٿو:

    پاڻ بي اجھي آھين
    اي اجھو، اي آڌر سنڌ!
    پاڻ ئي اڃي پياسي
    اي ندي اي ساگر سنڌ!
    پاڻ اڄ ڇني ڇوري
    اي پدر اي مادر سنڌ!
    اڄ ڏکي بکي آھين
    اي غريب پرور سنڌ!

    ھاڻ اسين “سائبر اسپيس ايج” ۾ داخل ٿي چڪا آھيون. age ۽ edge جو اچار ساڳيو آھي پر معنيٰ مختلف آھي: جُڳ ۽ ڌارَ! اسان جي صورتحال به انھن ٻنھي لفظن واري آھي. ٻولي کي اڄ جيڏا وڏا چئلينج آڏو آھن ڪوششون به ايڏيون وڏيون ڪرڻ گھرجن جيڪي نظر نه ٿيون اچن! اسان جو مسئلو اھو آھي ته اسين پاڻ کي ته اڳيان ٿا رکون ۽ ٻولي کي پٺيان ٿا رکون. س ا س ۽ سرڪار نامدار جي ان ڏس ۾ ڪارڪردگي سڀني جي سامھون آھي! ان جو بنياد وري برتري ۽ ڪمتري جو احساس آھي. سنڌ جو وڏو وزير “شاهه لطيف ڪانفرنس” ۾ به سنڌي ۾ خطاب نه ٿو ڪري:
    اديون آتڻ واريون ، نرڄا نڪ ٿئا
    وڍيا تان نه ويا، پاڻان موريا منھن ۾!

    سنڌي ٻولي کي اڄ انگريز راڄ وارا حق به حاصل ناھن. سرڪاري آفيسن تي سنڌيءَ ۾ بورڊ ناھن. اھو مامرو ھڪ نوٽيفڪيشن سان ئي نبري سگھي ٿو ! ادارا “ڪيٽيون” بڻيل آھن.
    ھي بي ادب ادارا، بي اختيار ادارا
    ھيڏي وقار ھوندي، ھنءَ بي وقار ادارا

    شاعر ان تي جھاموٽيل آھن ته گھڻا ڦاڙھا ڪنھن ماريا آھن. لپيءَ جا مسئلا الڳ آھن. ان اگري نگري صورتحال ۾ به ڪجهه دوست آھن جيڪي سائبر اسپيس ايج ۾ سنڌي ٻولي کي محفوظ بڻائڻ واري فرض کان آگاهه آھن بلڪه ان ڏس ۾ ساراهه جوڳا ۽ ھاڪاري ۽ اتساهه ڏيندڙ جتن پڻ ڪري رھيا آھن.

    ممتاز بخاري: توھان پنهنجي سڦل جيون جو ڪريڊٽ ڪنھن کي ڏيندا، پاڻ کي يا سانئڻ سحر کي؟
    امداد حسيني: ان جو ڪريڊٽ سحر کي وڃي ٿو. ھن نه رڳو مون کي پر منھنجي شاعري کي به سنڀاليو آھي. جڏھن اسين ڪراچي شفٽ پئي ٿياسين تڏھن سحر منھنجي ڊائرين کي ساهه سان سانڍي کڻي آئي. ھن گھر ۾ منھنجي لکڻ پڙھڻ لاءِ جوڳو ماحول جوڙي رکيو آھي. ھوءَ منھنجي لکڻين سڀ کان پھرين نقاد آھي:
    سحر امداد سڄڻ ٻيو ته سڄو ڏيهه ڏڄڻ
    ۽ سڄڻ ريءَ سرڻ ايترو سولو ناھي !


    پنھنجي اخبار جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو