”سازش فوبيا“ جو علاج آخرڪهڙو آهي؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    پوري هفتي کان پوري قوم کي ذهني هيجان ۽ پوري رياست کي آئيني بحران ۾ ڦاسائڻ بعد هئڻ ته اهو گھربو هو ته تبديلي سرڪار جو سرواڻ عمران خان ميڊيا تي اچي پنهنجي حڪومتي ٽيم جي عظيم نااهلي، ناتجربيڪاري ، غيرسنجيدگي ۽ سنگين غلطين جو اعتراف ڪندي قوم سامهون معذرت ڪري ها ۽ انهن لاڳاپيل ماڻهن خلاف ڪا جوڳي ڪاروائي ڪرڻ جو اعلان ڪري ها پر جيئن ته خان صاحب جو شروع کان اهو ئي وطيرو رهيو آهي جو پنهنجن سمورين،خامين،خرابين ۽ ڪوتاهين کي تسليم ڪرڻ ۽ انهن کي آئيندي لاء درست ڪرڻ بدران هو هر نااهلي ۽ نالائقيء جو بار پنهنجن مخالفن تي وجھي آرام سان سازشن واري نظريي جي چادر هيٺان پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي ٽيم کي لڪائي ڇڏيندو آهي سو هن ڀيري به ايئن ئي ٿيو.خان صاحب جي خيال موجب اهو سمورو بحران سندس حڪومتي ٽيم جو نه پر سندس مخالفن جي سازش جو نتيجو هو.هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان سڄي معاملي تي حڪومت جي سمورين ڪمين،ڪوتاهين ۽ غلطين کي پڪڙڻ واري ته معزز اعليٰ عدالت هئي ته پوء خان صاحب جي ان بيان جو مطلب ڪهڙو ورتو وڃي .ان جو مطلب ته اهو ٿيو ته ڄڻ عدالت به خان صاحب جي ان عظيم سازش واري مبينه ٿيوريء جو حصو بڻيل هئي.سمجهه ۾ نٿو اچي ته ملڪ جي هيڏي وڏي ۾ وڏي انتظامي عهدي تي ويهي آخر خان صاحب اهڙيون کل جوڳيون غير ذميداراڻيون ڳالهيون ڪرڻ کان مڙي ڇو نٿو؟هيستائين حڪومت جي جنهن به غلطي،ڪوتاهي ۽ نااهليء جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته جواب اهو ٿو اچي ته ماضيء جي حڪمرانن جو قصور آهي يا وري مخالفن جون سازشون يا وري ملڪ دشمنن جون حرڪتون آهن. خان صاحب موجب آرمي چيف جي ايڪسٽينشن جي معاملي ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي حوالي سان حڪومتي ٽيم جي نااهليء جي انتها به سازش،تبديلي سرڪار جي سورهن مهينن جي حماقتن ڀري ڪارڪردگي جو سبب به سازش،حڪومتي نااهليء سبب رڳو آرمي چيف جي ايڪسٽينشن وارو معاملو ئي ته عدالت ناهي پهتو.ڊي پي او پاڪ پتڻ جو معاملو يا وري آئي جي پوليس جي مقرري وارو معاملو حڪومت جي غلط هينڊلنگ سبب عدالت پهتو ته اها به سازش ئي هوندي.اعظم سواتيء جو معاملو ۽ وفاقي محتسب جي مقرريء وارو معاملو حڪومت جي نااهليء سبب عدالت پهتو ته اها به سازش.اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرريء تي حڪومت جي غلط هينڊلنگ سبب معاملو عدالت پهچي ويو ته اها به سازش.ابرارالحق ريڊ ڪريسنٽ مقرريء وارو معاملو حڪومت جي پرڪارن سبب عدالت پهچي ته اها به سازش.نواز شريف جو نالو اي سي ايل تان ڪڍڻ وقت حڪومتي ٽيم جي غلط هينڊلنگ سبب معاملو عدالت پهچي ته اها به سازش. خان صاحب نه پنهنجي حڪومت جي ڪا غلطي،ڪوتاهي يا نااهلي مڃڻ لاء تيار آهي ۽ نه ئي پنهنجي عظيم قانوني ٽيم کان سوال ڪرڻ لاء تيار آهي ته ايڏي وڏي نالائقي ڇو؟اهو سڀ ڪجهه ان ڪري جو هڪ ته نا تجربيڪاري،ٻي نااهلي ۽ نالائقي ۽ ٽيون ڪنهن کان ڪا به پڇا ڳاڇا ناهي.سورهن مهينن ۾ سياسي مخالفن خلاف تلوارون اڀيون،اليڪشن ڪميشن سان مهاڏو اٽڪائڻ،نيب سان زور آزمائي ڪرڻ،عدالتن کي چيڙائڻ،واپارين سان جھيڙو، سورهن مهينن ۾ اڌ پاڪستان اڻ ڄاڻ ۽ اڻ تجربيڪار بوزدار بادشاهه حوالي،ڪارڪردگي ڇا سڌرڻي هئي جيڪو سوجھرو هو سو به چٽ ٿي ويو.نه پوليس سڌري،نه ادارا ٺيڪ ٿيا،نه نئين روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگھيا ۽ نه ئي مهنگائي ڪنٽرول ٿي سگھي،اهو سڀ ڪجهه سازش ناهي ته ٻيو ڇا آهي.پي ٽي آئي خلاف فارين فنڊنگ جو ڪيس به سازش ته حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن خلاف داخل نيب ۾ ڪيس به سازش ئي آهن.ملڪ ۾ ڊينگيء تي ضابطو نٿو اچي يا ماڻهن کي مهانگيون توڙي ٻيو نمبر دوائون وڪجي رهيون آهن ته اها سڀ سازش ئي آهي.وزير قانون فروغ نسيم جي ڪجهه ڏينهن اڳ ڏنل استيعفا به سازش هئي ۽ هاڻي هو جڏهن واپس ڪابينا ۾ موٽي آيو آهي ته پڪ سان اها به سازش ئي هوندي.مولانا جو ڌرڻو به سازش جڏهن ته حڪومت جي اتحادين جڏهن هن کي ڪجهه ضمانتون ۽ امانتون ڏيئي ريجھائي يا پرچائي واپس موڪليو ته اها به سازش هئي ۽ هاڻي جڏهن مولانا هڪ دفعو وري اسلام آباد جو رخ ڪندو ته پڪ سان اها به سازش هوندي.مسلم ليگ نون کي عطا ڪيل چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيء جو عهدو به سازش ته هاڻي جڏهن پي ٽي آئي حڪومت وري اهو عهدو پنهنجي خوشيء سان لکي پڙهي نون ليگ حوالي ڪيو آهي ته اها به سازش آهي.جيڪر ماڻهن کي اٽو سٺ روپيا ڪلو ۽ ٽماٽا ٽي سو روپيا ڪلو جي حساب سان ملي رهيا آهن ته اها به سازش ئي آهي ۽ جيڪڏهن حڪومت جا مشير ۽ وزير خان صاحب کي ٽماٽن جو اگھه سترهن روپيا ۽ مٽرن جي ڪلو جو اگھه پنج روپيا ٻڌائي رهيا آهن ته اها به سازش آهي.جيڪڌهن 82 وزيرن ۽ مشيرن ۽ چاليهن ترجمانن جي ٽيم هوندي به حڪومت جي ڪارڪردگي رڳو سياسي مخالفن کي گاريون ڏيڻ ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته پڪ سان اها سازش ئي آهي.جيڪڏهن وزير اعظم عمران خان حڪومت ۾ ايندي پنهنجي هڪ نئين پارٽي جوڙي ورتي آهي جنهن ۾ سندس پراڻن ڪارڪنن بدران سمورا اهم عهدا ٻين جماعتن مان ايندڙ مهربانن جي حوالي ڪيا ويا آهن ته اها به سازش ئي آهي.،جيڪر قانون جو وزير ايم ڪيو ايم جو،قانون جو مشير پيپلز پارٽيء جو،خزاني جو مشير ۽ اسٽيٽ بينڪ جو گورنر آئي ايم ايف جو لڳل آهي ته اها به سازش ناهي ته ٻيو ڇاهي؟اڄ جيڪر عمران خان جي ساڄي ۽ کاٻي فردوس عاشق اعواڻ،فهد چوڌري،بشير چيما،عمر ايوب،بابر نديم،نديم افضل چن،رزاق دائود،خسرو بختيار،يوسف بيگ ۽ ثانيا مرزا وغيره جهڙا ”غير انصافي “ ويٺل آهن ته اها به سازش ئي آهي. جيڪڏهن اڄ خان صاحب جي سچن ساٿين ۽ مخلص ڪارڪنن کي خان صاحب جي محفل ۾ جڳهه نٿي ملي ته اها به ڪا سازش ئي آهي.جيڪڏهن عمران حڪومت جا خاص مشير سمورن صحافين کي لفافا پسند جو لقب ڏيئي ميڊِيا تي پابنديون هڻڻ جا مشورا ڏيئي عمران خان جا ميڊيا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري آهن ته اها به سازش آهي.مطلب اهو ته هر طرف ۽ هرهنڌ رڳو سازشون ئي سازشون آهن .جيڪڏهن سزا کاڌل اڳوڻو وزير اعظم پنجاب حڪومت جي شاهي پروٽوڪول هيٺ ملڪ ڇڏي حڪومت جي ”رحمدليء “ سان پرڏيهه اڏامي چڪو آهي ته اها به سازش ئي چئبي ۽ جيڪر ايندڙ ڪجهه عرصي دوران عدالت طرفان ئي سزا کاڌل ڪا شهزادي به پنهن جي پيء جي تيماداريء لاء انساني همدردي ء جي بنياد تي ٻاهر رواني ٿي ويندي ته ان کي به حڪومت خلاف سازش ئي سمجھڻ گھرجي.سو ڳالهه جو تت اهو ته ويچاري هاڻوڪي حڪومت هر طرف کان سازشن جي ڄار ۾ وڪڙيل آهي انهيء ڪري قوم کي هن حڪومت تي ڪنهن به قسم جي تنقيد ڪرڻ بدران مٿس رحم کائڻ گھرجي ۽ ساڻس گڏجي انهن سازشين جا پيرا کڻڻ گھرجن جيڪي حڪومت کي ڍنگ سان ڪو ڪم ڪرڻ نٿا ڏين!
    منهن جا بلاگس

    سنڌ سجاڳ بلاگ ـــ مهراڻ سائنس ڪلب ــــ

    هيپي هرٽ پوائنٽ ـــ شعر ۽ شاعري بلاگ
     
    آخري ترميم: ‏5 ڊسمبر 2019
    Asghar Ali Jamali هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو