عوام کي سندن بنيادي حق ڪڏهن ملندا؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏11 ڊسمبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ڪنهن به ملڪ جر خوشحالي ۾ عوام ئي بنيادي ۽ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ حڪومت جي اها ذميداري ٿئي ٿي ته عوام جي بنيادي حقن مهيا ڪرڻ طرف ترجيحي بنيادن تي ڌيان ڏئي.اسان جو ملڪي آئين به ان ڳالهه جي ضمانت ڏئي ٿو ته حڪومت عوام کي زندگيء جون بنيادي ضرورتون ،سندن ڀلائي ۽ بهتري ۽ سندن خوشحاليء جي اصل ذميدار آهي.پر آزاديء جا ست ڏهاڪا گذرڻ بعد به اڄ به اسان جي ٻهراڙين ۾ اهڙا علائقا موجود آهن جتي ماڻهو اڃا تائين زندگيء جي بنيادي سهوليتن کان محروم آهن ۽ عوام جي هڪ وڏي اڪثريت غربت واري لڪير کان به هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.اڄ ايڪويهين صديء ۾ جڏهن تعليم کي ئي هر مسئلي ۽ مشڪل جو حل سمجھيو وڃي ٿو تنهن کان محروم آهي.ان سان گڏوگڏ صحت جي سهوليتن جي کوٽ ۽ روڊن رستن جو نه هئڻ عوامي مسئلن جي فهرست ۾ مٿان آهن.ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪ ۾ هر ٻن يا ٽن ڪلوميٽرن تي اسڪول قائم ٿيل آهن ته پوء تعليم متاثر ڇو؟ اصل ۾ اسڪول ته قائم ٿيل آهن پر انهن ڏورانهن علائقن ۾ رستا جيڪي رابطي جي شهرڳ هوندا آهن انهن جي نه هئڻ سبب عوام کي ٽن کان چار ڪلاڪ روزانو پنڌ ڪرڻو پوي ٿو.اهڙن علائقن ۾ ڪوبه سرڪاري استاد وڃڻ نٿو گھري ۽ انهن علائقن مان ڪوبه پڙهيل لکيل ان لائق نٿو ٿئي جو انهن اسڪولن ۾ استاد مقرر ٿي سگھي ۽ پنهنجي ڳوٺ جي ٻارن جو مستقبل سنوارڻ جي قابل بڻجي سگھي توڙي جو حڪومت اهڙي پاليسي به متعارف ڪرائي جو نون مقرر ٿيندڙ استادن لاء ڪنهن خاص اسڪول تي هڪ مقرر عرصي لاء ڊيوتي سرانجام ڏيڻ لازمي قرار ڏنو ويو پر جن جي مقدر ۾ اونداهيون هجن انهن لاء ڪا به پاليسي ڪارگر ثابت نٿي ٿئي ڇو جو اهي استاد صاحبان مهيني ۾ هڪ ٻه ڀيرا اسڪول جو چڪر لڳائي باقي ڏينهن گھرن تي آرام فرمائين ٿا ۽ ڪجهه عملدارن جي ملي ڀڳت سان پنهنجي پوسٽنگ واپس پنهنجي پسند وارن هنڌن تي ڪرائي وٺن ٿا،ڪي وري پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري تعليم کاتي مان ٻين سرڪاري کاتن ۾ هليا وڃن ٿا جتي انهن کي يا ته گھٽ محنت ڪرڻي پوي ٿي يا وري ڏوڪڙ پئسو ڪمائي وٺن ٿا.پوء امتحانن ۾ ڪوڙ ۽ ٺڳيء جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو ڇو ته اهي شاگرد جن کي هنن سڄو سال منهن به نه ڏيکاريو انهن کي پاس ڪري ايندڙ ڪلاس ۾ موڪليو وڃي ٿو ۽ هر سال اهو عمل ورجايو وڃي ٿو.اسڪولن ۾ نهايت ئي گھٽ ڏسڻ ۾ آيو آهي جو ٻارن کي تعليم سان گڏ ڪا صحيح تربيت به ملي رهي هجي يا ٻارن کي معاشري جا ادب،اخلاقيات ۽ سماجي طور طريقن کان واقف ڪيو ويندو هجي.ٻارن کي نصابي تعليم سان گڏ مذهبي تعليم سان به ڳنڍيو ويندو هجي ۽ جڏهن ٻار معاشري ۾ ڪو غلط قدم کڻي ٿو يا ڪو غلط رويو اختيار ڪري ٿو ته يڪدم استاد جو نالو ايندو آهي.اهي ئي شاگرد جڏهن استادن ۽ سماج پاران ڪنهن ناڪاري رويي جو شڪار ٿين ٿا ۽ روزگار جي ڳولا ۾ پنهنجن گھرن کان پري ڌڪا کائيندي پري پري وارن علائقن جو رخ ڪن ٿا جتي مزدوري جا موقعا مهيا هوندا آهن اتي وڃي اهي پنهنجي پوري تعليمي ڪيريئر کان ڪٽجي وڃن ٿا ۽ حڪومت جي کاتي ۾ ڪيترن ئي ڏوهن سان گڏوگڏ هڪ ٻئي ڏوهه يعني چائيلڊ ليبر جو به اضافو ٿي رهيو آهي.اهو ئي حال صحت واري شعبي جو آهي ۽ انهن علائقن ۾ طبي سهوليتون اڻلڀ آهن.

    ٿعليم انسان کي جيئڻ جو سليقو ۽ شعور ڏئي ٿي ۽ صحتمند انسان ئي ڪامياب زندگي گھاري سگھي ٿو.انهن علائقن ۾ طبي عملي جي غير حاضري ۽ غير ذميداراڻي رويي سبب عوام کي شهرن جي اسپتالن جو رخ ڪرڻو پوي ٿو.جيڪڏهن ڪا ڳورهاري عورت ويم جي درد ۾ مبتلا ٿي وڃي ته ان کي پهرين ڪنهن کٽولي تي کڻي ٻه ٽي ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻ بعد کيس ڪنهن ڳاڏيء ۾ سوار ڪرايو ويندو آهي ۽ پوء اتان وري ٻه ٽي ڪلاڪ سفر ڪرڻ بعد کيس شهر جي ڪنهن اسپتال ۾ پهچايو ويندو آهي.گھڻيون عورتون ۽ نوان ڄاول ٻار ته رستي ۾ ئي فوت ٿي ويندا آهن.جيڪي اسپتالن تائين پهچي به وڃن ٿيون ته انهن سان ڊاڪٽرن ۽ اسپتال جي عملي جو سلوڪ نهايت ئي اڻ وڻندڙ هوندو آهي.اتي مريضن کان مختلف طريقن سان پئسا ڦرڻ جو پورو هڪ نظام موجود ٿئي ٿو. جيڪڏهن پري پري کان آيل اهڙن مريضن وٽ اسپتال عملي کي ادا ڪرڻ لاء ڪجهه ڏوڪڙ کٽي پون ته کين اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ جي اجازت ئي نه ملندي آهي.اهڙي حالت ۾ اهي غريب ۽ بي سهارا ماڻهو روڊن رستن ٿي خيرات پني به ڊاڪٽرن کي رقم ادا ڪرڻ لاء مجبور ٿي ويندا آهن.

    ڪيترائي مزدور پيشا ماڻهو مزدوري ڪندي يا ڪو به خطرناڪ ڪم ڪندي جيڪر ڪنهن وڻ يا ڪنهن جبل تان ڪري زخمي ٿي پوندا آهن ته اتي فرسٽ ايڊ جي سهولت به موجود نه هوندي آهي بلڪه انهن پري وارين ٻهراڙين ۾ ته مزدوري يا روزگار جا موقعا ئي موجود نٿا ٿين ۽ ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور هوندا آهن.ڪنهن ترقي يافتا ملڪ ۾ عوام ئي رياست جو اصل سرمايو هوندا آهن.هڪ فلاحي رياست ۾ شهرين کان ٽيڪس طور گڏ ڪيل رقم جو وڏو حصو شهرين جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ ٿيندو آهي پر اسان وٽ ايئن ناهي.حڪومت جي پهرين ۽ بنيادي ذميداري ٿئي ٿي ته اها شهرين لاء روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪري.فيڪٽرين،صنعتن ۽ ڪارخانن جو قيام جن سان ماڻهن جي بي روزگاري گھٽجي سگھي.نه رڳو پڙهيل لکيل بلڪه اڻ پڙهيل ٻهراڙيء جي ماڻهن کي به اهڙو ماحول ملي جنهن ۾ اهي پنهنجن صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪري ملڪ جي ترقيء ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھن.عوام کي زندگيء جون بنيادي سهولتون پهچائڻ حڪومت ۽ رياست جي بنيادي ذميداري آهي.اهو ڪو ماڻهن تي احسان يا ٿورو ڪونهي.پر افسوس اهو جو ووٽ ڦرڻ جي لالچ ۾ سياسي ٺيڪيدار عوام کي پينو فقير سمجھي انهن جي ڪشتي ۾ ڪجهه وجھڻ احسان سمجھن ٿا ۽ عوام پنجن سالن تائين انهن ئي احسانن جي بار هيٺان دٻيل رهي ٿو.عوام کي به هاڻي سياسي ۽ سماجي طور تي سجاڳ ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ اهي پنهنجي شعور کي استعمال ڪندي نه رڳو صحيح ماڻهن کي اڳيان آڻين بلڪه انهن جو احتساب به ڪن.انهن کي پنهنجن حقن توڙي فرضن جي پوري ڄاڻ حاصل ڪرڻ گھرجي ۽ حڪومت توڙي رياست تي دٻاء وجھڻ گھرجي ته جيئن اهي آئين موجب عوام کي مليل حق کين ڏيڻ جا پابند ٿي سگھن.انهيء لاء عوام وٽ ئي اها طاقت آهي جيڪا حڪومت توڙي عوامي نمائندن کي عوام آڏو جوابده بڻائي سگھي ٿي.جيستائين سماج جو باشعور طبقو مفادن ۽ مصلحتن جي چادر ويڙهي خاموش رهندو تيستائين نه ملڪجي ترقي ممڪن آهي ۽ نه ئي عوام جي خوشحالي.عام ماڻهوء کي زندگيء جڳن بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ جي گڏيل مطالبي لاء هر سلجھيل فرد کي اڳيان اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي،اهو اسان جو بنيادي حق آهي ۽ پنهنجو حق گھرڻ ڪو ڏوهه ناهي!


    منهن جا بلاگس

    سنڌ سجاڳ بلاگ ـــ مهراڻ سائنس ڪلب ــــ

    هيپي هرٽ پوائنٽ ـــ شعر ۽ شاعري بلاگ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو