حبيب الله جمالي هڪ اهم شخصيت

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2020۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    "هڪ صحافي ۽ سماجي ورڪر حبيب الله جمالي "

    انسان پنهنجي ڪردار سان سڃاتو ويندو آهي اسان وٽ اهڙا کوڙ انمول انسان آهن جيڪي پنهنجي زندگيءَ ۾ انسان نه پر فرشتا هوندا آهن جيڪي هن ڌرتيءَ جي گولي تي رهي عوام لاء ديوتائون جو ڪم ڪندا رهندا آهن انهن عظيم انسانن کي دنيا سونهري ورقن ۾ لکندي سونهن ڀرين لفظن جي ڀيٽا ڏيندي رهندي آهي اهڙن عظيم انسان مان فرشتا صفت رکندڙ بي مددگارن جو مدد گار يتيمن غريبن جو ڀرجهلو بي راهن جي روشن راه بڻجندڙ حبيب الله جمالي به ٿي گذريو آهي جنهن جي ڪردار تي جيترو ڳالهائجي جيترو لکجي اترو گهٽ آهي. حبيب الله جمالي پهرين جنوري1970ع ۾ علي محمد جمالي جي گهر جده سعودي عرب ۾ جنم ورتو آهي هن پنهنجي ابتدائي تعليم جده جي هڪ سرڪاري اسڪول مدرسۃ الابوبڪر صديق ۾ حاصل ڪئي هن پنهنجي صحافت جي باقاعدي شروعات البلاد نيوز اخبار سعودي عرب ۾ 25 سالن جي عمر ۾ ڪئي. 30 سالن صحافت سان لاڳاپيل رهيو ان دوران تمام گهڻن اعزازن ۽ انعامن سان نوازيو ويو هو صحافت سان گڏو گڏ هن جده ۾ پنهنجو مڪتب کوليو جنهن ۾ ٽريول ايجنسي جو هن ڪم شروع ڪيو جده ۾ سندس تمام گهڻي مقبوليت هن حاصل ڪئي سعودي عرب جي عام عربن کان به هي هڪ پاڪستاني نوجوان وڌيڪ پاور ۽ لست رکندو هو هن جي رهڻي ڪهڻي مان سڀ ماڻهو هن کي عربي سمجهندا هئا. هي فقط صحافي نه هو مگر هڪ بهترين سماجي ورڪر به ٿي رهيو. هي بي سهارن جو سهارو هو بيمارن لاءِ وڏي اٿت هو هر انهاري ۾ ٻهراڙيء جي علائقن ۾ غريبن کي نلڪا هينڊ پئينپ هڻائي ڏيندو ھو سردين جي موسم ۾ ٻهراڙيء ۾ رهندڙ غريبن ۾ سوئٽر جرسيون جيڪيٽن جو وڏي فراخ دلي سان بندوبست ڪندو هو. جڏهن ڪنهن انسان جي خبر پوندي هئس ته بيماري جي بستري تي آهي ته ان جي دوائن جو پورو خرچ پنهنجي مٿان کڻندو هو پاڪستان م ڪيتريون ئي مسجدون ٺهرايائين ڪيترن ئي گهر جو چُلهو سندس جي ئي خرچ تي هوندو هو. جڏهن ڪو ماڻهو ڳوٺ جو جهان ڇڏي ويندو هو ته ان جي خير خيراتون جو پاڻ بندوبست ڪندو هو. هر عيد تي ڪپڙي لٽ کان وٺي ويندي خرچيون به موڪليندو هو. هن جي پنھنجي ملڪ پاڪستان سان تمام گهڻي محبت هوندي هئي هو هن ڌرتيءَ کي پنهنجو محبوب تصور ڪندو هو.
    حبيب الله جمالي 2017ع جي آخر ۾ سعودي عرب کي هميشه جي لاءِ الوداع چئي پنهنجي فيملي سان سان ڪراچي سچل ڳوٺ ۾ رهائش پذير ٿيو. پهرين آڪٽوبر 2019 تي ڪنڌ جي شدت سور جي ڪري ميمڻ ھاسپٽل ۾ داخل ٿيو جتي ڊاڪٽرن جي غفلتون جي ڪري آپريشن فيليور ٿي ويو 28 آڪٽوبر 2019 تي رات جو ڏھ بجہ هن جهان کي ڇڏي باقي جهان ڏانهن روانو ٿي ويو

    _________________________________
    اصغر علي جمالي / دادو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو