واٽس ايپ جي خالق جي ڪهاڻي

'موبائيل جي دنيا' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2020۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ٖ ادي ساجده چنه جي فيس بڪ وال تان
    ”واٽس ايپ ڪڏھن ۽ ڪنهن ايجاد ڪيو؟“
    هو يوڪرائن جي هڪ يهودي خاندان ۾ پيدا ٿيو, خاندان غربت جي زندگي گذاري رهيو ھئو، گهر ۾ نه بجلي ھئي، نہ گئس ھئي ۽ نه ئي پاڻي هو. گرمي جيئن تيئن گذري ويندي هئي پر سياري ۾ رڍن سان گڏ سمهڻ تي مجبور ٿي ويندا هئا. ان غربت ۾ زيادتي به شامل ٿي وئي، يوڪرائن ۾ مذهبي فساد شروع ٿي ويا، والدہ نقل مڪاني جو فيصلو ڪيو پر والد وطن ڇڏڻ کان انڪار ڪيو.
    ماءَ پٽ آمريڪا هليا ويا، ڪيليفورنيا هنن جو نئون ديس هئو. آمريڪا ۾ هنن وٽ نہ گهر هو، نہ روزگار ۽ نہ ئي کاڌي پيتي جو سامان. ٻئي ماءَ پٽ خيرات جي سهاري زندگي گذاري رهيا هئا. آمريڪا ۾ "فوڊ اسٽمپ" نالي هڪ فلاحي ادارو هلي رهيو آهي حڪومت انتهائي غريب ماڻهن کي کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪرڻ لاءِ فوڊ اسٽمپ ڏيندي آهي، اهي اسٽمپ آمريڪي خيرات هوندي آهي، هي ايترا ته غريب هئا جو زندگي بچائڻ لاءِ خيرات وٺڻ تي مجبور هئا.
    "جين ڪوم" وٽ پڙهائي کان علاوه ڪو به چارو نه هئو، هو پڙهڻ لڳو، وقت گذرڻ سان گڏ پڙهائي به مهانگي ٿيڻ لڳي، فوڊ اسٽمپ تي گذارو مشڪل ٿيڻ لڳو، جين ڪوم پارٽ ٽائيم نوڪري تلاش ڪئي، خوش قسمتي سان هن کي هڪ دڪان تي سويپر جي ملازمت ملي وئي، دڪان جي فرش کان وٺي باٿ روم ۽ دروازن کان وٺي روڊ تائين صفائي هن جي ذميواري هئي،
    هو سالن تائين اها ذميواري نڀائيندو رهيو، هو ارڙهن سال جي عمر ۾ ڪمپيوٽر پروگرامنگ کان متاثر ٿيو، هي شوق هن کي "سين جوز اسٽيٽ يونيورسٽي" تائين وٺي ويو، هو 1997 ۾ "ياهو ميسينجر" ۾ ڀرتي ٿيو ۽ 9 سال ياهو ميسينجر ۾ ڪم ڪندو رهيو -
    2004 ۾ فيس بڪ آيو ۽ آهستي آهستي مقبول ٿيندو ويو، 2007 ۾ فيس بڪ دنيا جي وڏي ڪمپني بڻجي ويو، جين ڪوم فيس بڪ ۾ اپلائي ڪيو پر هن کي نوڪري نه ملي، هن وڌيڪ ٻہ سال ياهو ميسينجر ۾ گذاريا، هو آئي فون خريد ڪرڻ چاهيندو هئو پر حالات هن جي حق ۾ نه هئا. ، هن ٿورا ٿورا پئسا گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ۽ نئون "آئي فون" خريد ڪيو، اهو آئي فون اڳتي هلي هن لاءِ سون جي کاڻ ثابت ٿيو. جين ڪوم فون استعمال ڪندي سوچيو، ڇو نه مان ڪا اهڙي ايپليڪيشن ايجاد ڪيان، جنهن جي ذريعي ايس ايم ايس به ڪيو وڃي، تصويرون به موڪلي سگهجن، ڊاڪومينٽس به روانہ ڪيون وڃن ۽ جيئن هيڪ به نه ٿي سگهي، اهو آئيڊيو انوکو هو، هن پنهنجي هڪ دوست سان اهو آئيڊيو شيئر ڪيو ۽ ٻئي ان ڪم ۾ لڳي ويا، هو ڪم ڪندا رهيا، ايتري تائين جو ٻہ سال گذري ويا ۽ هو هڪ طلسماتي ايپليڪيشن ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، اها "ايپ" فيبروري 2009 ۾لانچ ٿي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي مقبوليت جون حدون ڪراس ڪري وئي، هي ايپ ٽيليڪميونيڪيشن ۾ انقلاب ھئي، ان پوري دنيا کي جوڙي ڇڏيو آهي.
    هن ايپليڪيشن کي واٽس ايپ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، دنيا جا هڪ ارب ماڻهو هي ايپ استعمال ڪري رهيا آهن هي ايپ دنيا جي تيز ترين ۽ محفوظ ترين ذريعه ابلاغ آهي واٽس ايپ ڊائون لوڊ ڪيو ۽ دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هليا وڃو توهان کي نئون فون ۽ نئين نمبر خريد ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوندي ۽ نه ئي ڪنهن موبائيل فون ڪمپنيءَ جي هٿان بليڪ ميل ٿيندا، توهان پوري دنيا سان رابطي ۾ هوندا.
    جين ڪوم کي واٽس ايپ چند مهينن ۾ ارب پتي بڻائي ڇڏيو هي ايپليڪيشن ايتري قدر ڪامياب ٿي جو دنيا ڀر جي ڪمپنين هن جي خريداري جي لاءِ ٻولي لڳائڻ شروع ڪئي. فيبروري 2014 ۾ فيس بڪ به واٽس ايپ جي خريداري جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو فيس بڪ اتنظاميه جڏهن هن سان رابطو ڪيو ته هن جي کل نڪري وئي ۽ چوڻ لڳو ته "هي اهو ادارو آهي جنهن 2007 ۾ مون کي نوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جين ڪوم ڪافي دير تائين کلندو رهيو ۽ کلندي کلندي" فيس بڪ " وارن سان ها ڪري ڇڏيائين. 19 بلين ڊالر ۾ سوڌو ٿي ويو، هي ڪيتري وڏي رقم آهي ان جو اندازو پاڪستان جي ڪُل مالياتي ذخائر سان لڳائي ڏسجي ته پاڪستان جي فارن ايڪسچينج هن وقت 22 ارب ڊالر آهي ۽ پاڪستان 70 سالن ۾ ايستائين پهتو آهي، جڏهن ته جين ڪوم هڪ ايپليڪيشن 19 ارب ڊالر ۾ فروخت ڪئي.
    جين ڪوم فيس بڪ وارن سان هڪ شرط رکي ته سودي تي دستخط هو انهيءَ فلاحي اداري 'فوڊ اسٽيمپ" جي ويٽنگ روم ڪندو۔ فيس بڪ وارن لاءِ اها شرط عجيب و غریب هئي، پر جين ڪوم بضد رهيو ۽ تاريخ مقرر ٿي وئي، فيس بڪ جا ماڻهو فلاحي اداري پهتا، جين ڪوم ويٽنگ روم جي ڪنڊ ۾ ويٺو هڪ ڪرسي تي روئي رهيو هو، هي اهو سينٽر هو جتي هو ۽ هن جي ماءُ ڪلاڪن جا ڪلاڪ "فوڊ اسٽمپس" جو انتظار ڪندا هئا. هنن لاءِ ويٽنگ روم ۾ ويهڻ اذيت ناڪ هوندو هو ۽ ان کان وڌيڪ اذيت ڪائونٽر تي بيٺل اها عورت ھئي، جيڪا نفرت سان هنن ڏانهن ڏسندي هئي ۽ طنزيه انداز ۾ چوندي هئي "توهان ڪيستائين خيرات وٺندا رهندو، ڪو ڪم ڇو نه ٿا ڪيو" اها ڳالھ جين ڪوم ۽ هن جي ماءُ جي دل ۾ تير وانگر لڳندي هئي، عورت هن جي ماءُ کي "سلپ" ڏيندي هئي ۽ هن جي ماءُ دستخط ڪندي هئي ۽ ٻئي ڳوڙها اگهندي اتان نڪري ويندا هئا. جين ڪوم ڪيئي سالن تائين ان عمل کان گذرندو رهيو ۽ جڏهن هن کي ڪاميابي ملي ته هن پنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي ڪاميابي کي انهيءَ ويٽنگ روم ملهائڻ جو فيصلو ڪيو، هن 19 بلين ڊالر جي ڊيل تي "فوڊ اسٽمپس" جي انتظار ۾ ويٺل ماڻهن جي درميان دستخط ڪيا، چيڪ ورتو ۽ سڌو ڪائونٽر تي ويو. ڪائونٽر تي بيٺل اها عورت جيڪا اڃان به اتي موجود هئي،جين 19 بلين ڊالر جو چيڪ هوا ۾ لهرائيندي ان عورت کي چيو، "مونکي ڪم ملي ويو" ۽ سينٽر کان ٻاهر نڪري ويو..
    هي هڪ غريب آمريڪي جي عزم و همت جي انوکي داستان آهي-
    هي داستان ثابت ڪري ٿي ته توهان اگر همت ۽ محنت تي قائم رهو ته ﷲ تعالیٰ اوهان جي لا ڪاميابي جا دروازا کوليندو ويندو آهي.
     
    مشتاق علي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو