سائين نثار ناز صاحب کي ڊبل مبارڪون۔۔۔

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هڪ ته سائين جن جي سهڻي پٽ جي شادي جي مبارڪ ڏيڻ لاءِ اوهان دوستن کي ڪٺو ڪيو آهي، حالانڪه ان جي مبارڪ ڏيڻ نه گهرجي ڇو ته سائين جن اسان سڀنيءَ مان ڪنهن کي به دعوت نه ڏني آهي پر وري به سائين۔۔۔۔ اوهان سان ڪهڙا ليکا۔۔ انهيءَ ڪري پهرين ته سڀ دوست سائين کي سندن پٽ جي شاديءَ جي مبارڪ ڏين۔۔
    ٻيو ته سائين جن جون سنڌ سلامت تي تحريرون 1700 جي انگ کان ٽپي ويون آهن۔۔۔ سائين نثار ناز اها واحد شخصيت آهي جنهن سنڌ سلامت لاءِ اوريجنل محنت ڪري سنڌ سلامت اسٽوڊيو جو بنياد وڌو ۽ ان ۾ ڪنهن کاهوڙي جوان مرد جيان محنت ڪري مختلف جڳهن، تقريبن، ماڳن ۽ انٽرويوز جون وڊيوز خالص سنڌ سلامت لاءِ ئي تيار ڪري رکيائون۔ ان کان علاوه سائين جي چٽ پٽي شاعري جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي هڪ عاشق جي تڙپ ظاهر ٿيندي آهي جي مختلف ٿريڊس جا به اسان شوقين آهيون ۔۔۔
    سائين اوهان جي محنت کي سلام آهي۔۔۔
    هاڻي دوستو دير نه ڪريو۔۔ مبارڪ ڏيندا وڃو۔۔۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سائين نثار ناز صاحب کي ڊبل مبارڪون۔۔۔

    حق مست بابا، سچ چيو اٿئي ۔۔۔ مست ته مست هوندا آهن، سچ چئي ڏيندا آهن ۔۔۔

    نثار ”ناز“ ، آهي سنڌ سلامت جو آواز،

    تعريف ته هڪ الله جي پر بشر به پاڻ ملهائي ته تعريف ضرور ٿيندي، نثار ناز ۽ سنڌ سلامت هڪٻئي ۾ سلهاڙيل آهن جيئن رات جو سمهڻ وقت رلهي سلهاڙيل هوندي آهي ماڻهونءَ سان ۔۔۔

    سائين نثار ناز جي پٽ جي شادي آهي، ان جي ّخوشي اسانکي ايتري ئي آهي جيتري کيس آهي، ڇاڪاڻ نثار ناز اسانجو دوست ۽ ساٿي ئي نه پر ڀاءُ پڻ آهي ۔۔۔ منهنجي طرفان کيس لک لک واڌايون، باقي سنڌ سلامت تي سندس پيش ڪيل ڪهڙي ڪهڙي ليک تي کيس مبارڪون ڏجن، اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ۔۔۔ جيترا انگ آهن اوتريون مبارڪون به گهٽ ٿينديون، ها جيترا ليک اوترا لک شاباشيون ڏجن ته من ڪو انگ پورو ٿئي ۔۔۔ باقي ٿورا ناهن ٿوار مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سائين نثار ناز صاحب کي ڊبل مبارڪون۔۔۔

    يار مست! سڀ کان پهرين ته خير مُبارڪون۔ ادا ائين ڀلا ڪيئن ٿو ٿِي سگهي ته سنڌ سلامت جي ساٿين کي منهنجي پُٽ جي شادي جي دعوت نه ڏجِي، ڳالهه صرف اها هُئي ته جيئن ئي شادي جا ڪارڊ ڇپجِي ايندا سوچيم پي ته انهن ڪارڊن مان هڪ ڪارڊ اسڪين ڪرائي ان ۾ ساري سنڌ سلامت سٿ لکي ڪنهن دوست کي چوان ها انهي اسڪين ٿيل ڪارڊ جو عڪس هتي آڻي هڪ ٿريڊ جي صورت ۾ توهان سڀني ساٿين کي منهنجي پاران دعوت ڏي ها ! پر مست بابا تنهنجي مستي کي سلام آهي جو صبر نه ڪري سگهين! ڪنهن ڳالهه ۾ مست به درست آهي ڏٺئين پي ته الائي سائين نثار ناز پُٽ جي شادي ۾ گوهي نه هڻِي وڃي ۽ ساٿين کي دعوت نه ڏي انهي ڪري پاڻ ئي بسم الله ڪري وڌائين ۔ سندس انهي محبت جي ڪري ايتري ته خوشي ٿِي جنهن جو اندازو ئي لڳائي نه ٿو سگهان بس ٿُوري دير پهرين اها ساڳوڻي پوسٽ منهنجي شريڪ حيات مولائڻ ماسات سڳوري کي ڏيکاريم ته هُو ڏاڍي خوش ٿِي ۽ چوڻ لڳي مولائي سنڌ سلامت وارا توسان تمام گهڻو پيار ٿا ڪن۔ مون کيس چيو ته مولائڻ‌ ساري دنيا جا سنڌي دوست جيڪي به پنهنجي پُٽ جي شادي جو ٻُڌندا جيڪي پري هُوندا اهي شادي جون مُبارڪون ونڊيندا ۽ جيڪي ويجهو هوندا سي شادي ۾ضرور شرڪت ڪندا۔ باقي دوست سنڌ سلامت ته اسان سڀني جو پيار ڀريو اڱڻ آهي ان کي سينگارڻ وارو ڪم صرف منهنجو نه پر هر سنڌي دوست جو آهي۔جيستائين سسي ۾ ساهه آهي، هن محبتي اڱڻ تان پنهنجي سمورين سنڌين سان سندين خوشين ۾ ۽ سندن ڏک سُورن ۾ حالي احوالي ضرور ٿينداسين۔ پنهنجي سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪندا رهنداسين۔ ادا مست جيستائين شادي ڪارڊ ڇپجي اچن تيستائين مان ايڊوانس ۾‌ منهنجي پُٽ جي شادي وارو پروگرام توهان سڀني دوستن سان ونڊ ڪري ٿو ڇڏيان۔
    منهنجي پُٽ محمد علي سمون جي شادي جو پروگرام هن ريت آهي۔
    شادي حيدرآباد ضلعي جي شهر هوسڙي ۾ ٿيندي
    تاريخ 5 آگسٽ 2010 شام جو 7 وڳي
    وليمو شهر ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيندو
    تاريخ 7 آگسٽ صُبح جو 11 وڳي۔کان سارو ڏينهن
    سنڌ سلامت جي هر دوست کي انتهائي پيار ۽ محبت سان انهي شادي ۾ شرڪت جي دعوت عرض رکجي ٿي۔ توهان سڀني دوستن جي آمد جو منتظر
    توهان جو دعاڳو
    نثاراحمدناز
    بهراڻي محلا ٽنڊو محمد خان
    موبائل نمبر 03073006976
    لک لائق ادا اسد ڄامشورائي مست
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سائين نثار ناز صاحب کي ڊبل مبارڪون۔۔۔

    ادا سائين جن کي اسان جي طرفان ب لک لک واڌايون.
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سائين نثار ناز صاحب کي ڊبل مبارڪون۔۔۔

    سائين فقير طرفان به توهان کي لک به توهان کي لک لک مبارڪون هجن شادي جي به ۽ سنڌ سلامت فورم تي پاڻ ملهائڻ تي به توهان کي جس هجي جو هن بي حس دور ۾ توهان نه صرف سنڌ سلامت فورم لا۽ وقت پيا ڪڍو پر وري ان وقت کي تحريري لفظن ، ويڊيوز جي صورت ۾ سنگت سان ونڊ به پيا ڪريو .
    اسان کي اوهان تي ناز آهي ته توهان جهڙا مهربان پر خلوص ڀائرن جهڙا دوست محسن اسان سان گڏ آهن ۽ مون جي رب پاڪ کان دعا آهي ته توهان جو سايو هيمشه اسان جي مٿان قائم هجي

    سدائين گڏ
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائين نثار ناز صاحب کي ڊبل مبارڪون۔۔۔

    سائين سڪ جي سڏ ڏيڻ جي مهرباني۔۔۔ جيڪڏهن دل سان سڏ ڪبو ته سنڌ سلامت جو هر دوست اوهان جي فرزند جي شاديءَ جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ضرور پهچندو۔۔۔ توهان جي مهرباني جو اسان مستن لاءِ دل ۾ ايترو قرب رکو ٿا۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو