منور سلطانہ جي شاعريءَ ۽ ڪالمن جو مجموعو ”ڳولا“

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    منور سلطانہ جي شاعريءَ ۽ ڪالمن جو مجموعو ”ڳولا“

    تعارف : محمد سليمان وساڻ

    ڪجه ڏينھن اڳ سِگا جي ھڪ پروگرام ۾ ادي سلطانہ وقاصيءَ ھڪ ڪتاب ڏنو .... ۽ چيائين تہ ڪتاب ضرور پڙھجو. ھي ڪتاب ”ڳولا“ شاعري ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي جنھن جي ليکڪا مرحومہ منور سلطانہ آھي. ادي سلطانہ وقاصيءَ جي وڏي ڀيڻ منور سلطانہ جنھن کي گهروارا ”لالي“ ڪري سڏيندا ھئا سا 2016ع ۾ وڇڙي وئي. سندس شاعريءَ جو مجموعو 1981ع ۾ ”ڳولا“ جي نالي سان آگم پبليڪيشن پاران نثار حسينيءَ جي ڪاوشن سان ڇپيو ھيو. مُرڪ پبليڪيشن پاران نئين سر ڇپايل ھن مجموعي ۾ سندس پراڻي شاعريءَ سان گڏ منور سلطانہ جا مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل ڪالم پڻ شامل ڪيا ويا آھن جنھن جي سھيڙ جي سڄي محنت ادي سلطانہ وقاصيءَ ڪئي آھي.
    منور سلطانہ جي شاعريءَ جا ڪردار اڄ بہ ساڳيا آھن ... سالن پڄاڻان ائين ٿو ڀاسجي ڄڻ سنڌ جي عورت جي ڪھاڻي اھا ساڳي ئي آھي. اسان جو سياسي، سماجي ۽ تعليمي حالتون ڄڻ تہ ساڳيون ئي آھن، پنڊ پھڻ ٿيل. ھن سماج جي ڏاڍ خلاف شعر لکي احتجاج ڪيو آھي.

    ان رات ڪنھن مجبور عورت کي،
    جڏھن ڪنھن عياش ھو کڻايو،
    غيرت بہ پنھنجن کي چڱو ڄاتو،
    لاوارث لاش پنھنجن نہ سڃاتو

    سندس ڪالمن جي ڪھاڻي بہ ساڳي ئي آھي .... ڄڻ تہ ھو سنڌ جي اڄوڪي حالتن ۽ المين تي ڪالم لکي رھي ھجي ....ھن جي ڪالمن ۾ تعليم ۽ عورت کي اوليت رھي آھي. اھي سندس خاص دلچسپ موضوع ٿا لڳن ....
    مُرڪ پبليڪيشن پاران ڇپايل 111 صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آھي. ڪتاب جو مھاڳ 1981ع ۾ استاد بخاريءَ لکيو ھو ، اھو جيئن جو تيئن ڏنو ويو آھي، سلطانہ وقاصي ۽ مرتضيٰ لغاريءَ جا ليکڪا ۽ ڪتاب بابت تاثر پڻ شامل آھن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو