اياز جا سنگيت ناٽڪ

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ Ashiq Chandio طرفان آندل موضوعَ ‏26 مارچ 2020۔

  1. Ashiq Chandio

    Ashiq Chandio
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2020
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    تبصرو؛ عاشق چانڊيو

    ھڪ دفعي وارھ ۾ اياز لطيف پليجو آيو ھو، آء به کيس ٻڌڻ ويو ھئس جيتوڻيڪ مونکي خبر نه ھئي ته ڪھڙي پارٽي جو سربراہ يا ڪارڪن آھي پر سندس ڳالھ ھئي، ھن جي تقرير ڪرڻ جو فن مشھور ھيو. پارٽي جي ٻين ڪارڪنن جي تقرير ڪرڻ کانپوء جڏھن اياز لطيف اسٽيج تي آيو ته ھن پنھنجي تقرير ۾ اياز جو منظوم ڊرامو "دودي سومري جو موت" پڙھيو ھيو ۽ مون کي اھا تقرير ايتري ته وڻي ھئي جو اھو ڊرامو اڌ ته مونکي ياد ٿي ويو ھو ۽ آءُ ورجائيندو رھندو ھئس.

    "ڪو ڪيئن مري، ڪو ڪيئن مري,
    ڪو ھونءَ مري, ڪو ھيئن مري!

    ڪي ويڄ ھٿان وھ پيئن ٿا,
    ٿي لولا لنگڙا جيئن ٿا,

    ٿا ڪنجھي ڪُرڪي ساھ ڏين،
    ۽ ڍُرڪي ڍُرڪي ساھ ڏين،"

    مٿيون پيرائون مونکي برزباني ياد ٿي ويو ھيون ۽ دھرائيندو رھندو ھئس پر تڏھن مونکي اھا خبر نه ھئي ته اھي سٽون جيڪي اياز لطيف پڙھي پيو اھي اصل ۾ اياز لطيف جون آھن يا ڪنھن ٻئي جون آھن جو منھنجو ايترو ادب سان واسطو نه ھو. پوء جڏھن ادب سان لڳاءُ ٿيو ته خبر پئي ته شيخ اياز اھو شاعر آھي ۽ اھو سندس منظوم ڊرامو "دودي سومري جو موت" آھي جيڪو اياز لطيف پڙھيو ھو، کڻي جو اياز لطيف جون پنھنجون سٽون نه به ھيون پر پوء به سندس پڙھڻي يا تقرير جو فن ڪمال ھو!

    اڄ اياز جي سنگيت ناٽڪن جو ڪتاب منھنجي ھٿ ۾ آھي ۽ ان ۾ بھترين منظوم ڊراما آھن جيتوڻيڪ منظوم ڊراما مون پھرين ڪون پڙھيا آھن ۽ اھا صنف گھٽ به لکي ويئي آھي جو منظوم ڊرامن جو ڪتاب منھنجي نظرن مان ڪونه گذريو آھي. ڪتاب ۾ اياز جا چار منظوم ڊراما شامل آھن ۽ باقي ڊرامن جا اڀياس آھن جيڪي محمد ابراھيم جويو، رشيد ڀٽي ۽ ٻين طرفان لکيل آھن.
    اياز جو ناٽڪ دودي سومري جو موت ايترو ته مشھور آھي جو جيڪو اصل داستان آھي ان کي وساري ماڻھو اياز جو ناٽڪ پڙھي ان ڪھاڻي جو اندازو لڳائين ٿا. دودي سومري جي موت جو پسمنظر ته اسان گھڻن کي معلوم ھوندو ته برادري جي ماڻھن دودي سومري کي پڳ ٻڌرائي حالانڪ پڳ وڏي ھئڻ ناتي چنيسر ٻَڌڻ پئي چاھي ۽ جڏھن پَڳ دودي سومري کي ٻڌرائي وئي ته چنيسر سومرو دانھن کڻي علاوءالدين خلجي وٽ ويو ۽ ھن کي پنھنجي ڀيڻ ٻاگھي جو سڱ ڏيڻ عيوض ھن کان لشڪر جي مدد گھري ته دودي سومري کان پڳ کسي سگھي. علاوءالدين خلجي جيڪو اڳ ئي چتور جي راڻي "پدمڻي" جي سونھن جي ھاڪ ٻڌي پدمڻي حاصل ڪرڻ لاء چتور ويو ھو ۽ اتي جڏھن پدمڻي جي مڙس رتن سين علاوءالدين سان وڙھندي مارجي ويو ته پدمڻي به ستيء جي رسم ادا ڪندي پاڻ کي جيئري ساڙي ڇڏيو.* ان کي جڏھن ٻاگھي جي سڱ جو دلاسو ڏنو ويو ته ھن پنھنجو لشڪر چنيسر سان موڪلي ڏنو پر ھن مرد مجاھد (دودو سومرو) ٻاگھي جي سر مٿان گھور ٿي ويو ۽ وري به خلجي کي شڪست جو منھن ڏسڻو پيو. ان منظر کي اياز خوب چٽيو آھي.

    "خلجي تنھنجو سڱ گھري ٿو!
    تخت چنيسر لئه چاھي ٿو!

    ؛ٻاگھي: تاج ھجي ڇا، تخت ھجي ڇا،
    سونو روپو بخت ھجي ڇا،

    ماڻھوءَ موھ اجايو آهي،
    ماڻھو ننگو آيو آھي،

    ننگو موٽي وڃڻو آهي،
    پر ھي توکي مڃڻو آھي،

    جي تون وڙھندي ماريو ويندين،
    ھن وستي تان واريو ويندين،

    دودا! تنھنجو ساھ ته ويندو،
    ماڻھو جو ويساھ نه ويندو!

    ۽ پوء دودو وڙھندي ماريو ويو ۽ اڄ تائين ماڻھن جو ويساھ ڪون ويو آھي.

    *پدمڻي وارو واقعو يوسف شاھين جي ڪتاب "انگريز سرڪار ۽ شاھ لطيف آف ڀٽ" ۾ صفحي نمبر 137 تي لکيل آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو