عظيم انسان جي شھادت رٺل اسان کان بخت ء ڀاڳ

'تعارف' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏6 اپريل 2020۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    حق سچ اخبار م چپيل منھنجو ڪالم
    6/4/2020
    عظيم ليڊر جي شھادت رٺل اسان کان بخت ء ڀاڳ

    سردار ظھـير حسـين ملوڪاڻي

    ٻہ ڏينھن پھريان يعني 4 اپريل تي پاڪستان جي عظيم ليڊر ء ان شخص جنھن آمر جي ٿيندڙ ظلمن تي ھڪ سچي انسان ء ھڪ بھادر بادشاھ جيان وقت جي ظالمن سان جنگ جوٽي يعني شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شھادت کي 41 ورھيہ پورا ٿيا آھن پر ان مھان شخص جي شھادت کانپوء ھڪ ڏينھن بہ پاڪستان جي غريب عوام سک جو ساھ نہ کنيو آھي ان انسان جي شھادت کان بعد م اڄ تائين ڪنھن بہ انسان اھيو تصور دماغ م پيدا نہ ڪيو آھي تہ اسانجو يا اسانجي ملڪ پاڪستان جو ڪو ولي وارث آھي جنھن جي بہ ھٿ م ملڪ جون واڳون آھيون آھن انھن پنھنجي مرضي سان ملڪ کي لٽيو آھي ء غريب عوام جو ويھي ڪري رت چسيو آھي شھيد ذوالفقار ڀٽو جي دور م اسانجي ملڪ ء عوام جو بخت ء ڀاڳ تہ تمام بھترين رھيو آھي پر چوندا ڪونہ آھن تہ جيڪو انسان ھن دنيا کي چڏيندو آھي ء پنھنجي حقيقي پالڻھار سان ملندو آھي تہ اھو انسان پنھنجو بخت ء ڀاڳ پاڻ سان کڻي ويندو آھي جڏھن کان ھن عظيم شخصيت جي ھن دنيا مان رخصتي ٿي آھي تڏھن کان تہ اسانجي ملڪ پاڪستان جي ڀاڳ ء بخت کي ڄڻ ڪا نظر لڳي وئي ھجي اڄ تائین اسان جی غريب عوام سک سان مسڪرائي نہ سگھي آھي
    ھون بہ عظيم ء مھان ليڊر ٿيڻ لاء فقط جذباتي ٿي ڪري تقرير ڪرڻ ڪافي نہ آھي بلڪي عظيم ء مھان ليڊر ان کي چيو ويندو آھي جنھن جي شھادت تي ملڪ جي ھر انسان جي اک م ڳوڙھو وھندڙ ھجي ء جنھن جي شھادت ھر ڪو انسان آھو پڪار ڪري ڀٽي صاحب جي شھادت تي ماڻھن م ڪيتري قدر سوڳ ھو ان بابت ڪا خاص خبر تہ مونکي نہ آھي پر سندس نياڻي محترمہ بينظير جي شھادت جڏھن ٿي ھئي ان وقت منھنجو ڪمسني جو دور ھو ان وقت تہ ماڻھن روئي ڪري پنھنجو پاڻ کي بي حال ڪري چڏيو ان مان اگر ڪو انسان اندازو لڳائيندو تہ ذوالفقار ڀٽو ڪيترو عظيم ء مھان شخص ھو
    شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي تاريخ م ھڪ اھڙو ھوشيار ء قابل ذھن اڳواڻ ھو جنھن جي ھوشياري واري ذھانت جي فقط پنھنجن ئي تعريف نہ ڪئي آھي پر ان دور جي دشمنن بہ سندس ذھانت ء ھوشياري جي تعريف ڪئي آھي ھڪ آمريڪي پرڏيھي وزير جو ڪتاب منھنجي نظر اڳيان گذريو جنھن م ھو لکي ٿو تہ ذولفقار علي ڀٽو مونکان وڌيڪ انگلش پڙھي لکي سمجھي ء ڳالھائي سگھي ٿو ء ھون مونکان وڌيڪ ذھين رکندڙ انسان آھي پر جتي ڀٽو صاحب قابل ذھن رکندڙ صفت جو مالڪ ھو اتي ھون ھڪ ھمدرد انسان پڻ ھو ڪنھن ڪالم جو مطالعو ڪرڻ مھل ڀٽو صاحب جو ھمدردي ھڪ قصو منھنجي اڳيان پڻ گذريو جنھن وقت ڀٽو صاحب ملڪ جو صدر ھو ھڪ شخص ڀٽو صاحب جي اڳيان ڪنھن ڪم لاء آھيو ھو ان وقت ڀٽو صاحب ڪرسي تي ويٺل ھو ء اھو شخص ان وقت ڀٽو صاحب سان ڳالھائڻ م ڪيٻائي رھيو ھو پر ان وقت ڀٽو صاحب ڪرسي تان لھي ان شخص کي ڪرسي تي ويھاري چوڻ لڳو ڪجھ ٽيم پھريان مان تنھنجي لاء محترم ھئس پر ھن وقت تون منھنجي لاء محترم آھي پوء ان شخص چيو تہ منھجي نياڻي کي ڊاڪٽر ٿيڻو آھي پر ان کي ڪنھن ميڊيڪل ڪاليج م داخلا نٿي ملي تہ ان وقت ڀٽو صاحب فوري طور ان دور جي صحت واري وزير کي چئي ڪري ان نياڻي کي ميڊيڪل ڪاليج م داخلا وٺائي ڏني
    ء ھن ڳالھ طرف بہ توجھہ ڏيڻ باربار لازمي ان ڪري آھي تہ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب سنڌ جي ڪاروباري شھر ء سنڌ جي دل شھر ڪراچي کي سنڌ کي واپس ڪرڻ جي ان ٽيم حمايت ڪئي جنھن وقت پاڪستان جا مکيہ ادارا ان ڳالھ تي متفق نہ ھئا تہ ڪراچي سنڌ کي موٽائي ڏيو ء اھيان ڳالھ بہ توھان جي اڳيان واضع ھجڻ گھرجي تہ 1972 م قومي اسيمبيلي مان اھيو بل ھرگز پاس نہ ٿيو ھو تہ سنڌ بہ ٻين صوبن جيان ٻہ ٻوليون ڳالھائيون وڃن ھتي مان اھو بہ ياد ڏياريندو ھلان تہ ان وقت بلوچستان صوبي ء سرحد صوبي اردو ٻولي کي پنھنجن صوبن م ڳالھائڻ جي منظوري ڏني ھئي تاڪہ سنڌ صوبي تي بہ دٻاء اچي پر شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ان ڳالھ کي مڃڻ کان بلڪل انڪار ڪيو ويو جنھن تي مختلف فساد پڻ ڪرايا ويا
    شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وڌندر مقبوليت کي ڏسندي ان وقت جي ڪجھ سياہ پوچھ ماڻھن 4 اپريل تي ڀٽو صاحب کي ڦاسي ڏياري جنھن کان بعد م اڄ تائين اسان کان ڀاڳ ء بخت رٺيل رھيو آھي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو