فقط ڪرونا وائرس م سجيدگي ڇو؟

'تعارف' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏10 اپريل 2020۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    اڄوڪي حق سچ نيوز اخبار م چپيل منھنجو ڪالم

    10/5/2020
    فقط ڪرونا وائرس م سنجيدگي ڇو؟

    سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

    سنڌ حڪومت جا تمام ميمبر ھن وقت ٻين تمام مسئلن کي چڏي ڪري فقط لاڪ ڊائون واري مسئلي کي ايتري ترجيح ڇو پيا ڏين. ھن وقت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان وٺي ڪري سنڌ حڪومت جي ھر ميمبر جي زبان تي فقط لاڪ ڊائون جو ذڪر آھي ء سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ اڃان تائين ھن ھوڏ تي قائم آھی تہ ڪرونا وائرس جي ڪري جيڪي مون تڪڙا قدم کنيا انھن تي مونکي مرڪزي حڪومت طرفان اڃان تائين شاباسي نہ ڏني آھي ء روز بہ روز لاڪ ڊائون تي سختي ڪئي پئي وڃي آخرڪار سنڌ حڪومت ڇو فقط لاڪ ڊائون واري مسئلي کي سنجيدگي سان ورتو آھي ڇا سنڌ ۾ فقط ڪرونا وائرس جي ڪري عوام اجل جو شڪار ٿيندي؟

    ھرگز نہ بلڪہ ٻيا بہ کوڙ سارا مسئلا آھن، جنھن جي ڪري سنڌ جي عوام ڏکيائين واري مرحلي مان گذري رھي آھي، پوء ڇو سنڌ حڪومت انھن ڳالھين کي وساري ويٺي آھي؟ حالانڪہ سنڌ حڪومت مسلسل تقريبن 14 سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪري رھي آھي ء عوام جي ھر پريشاني کان بخوبي واقف آھي پوء بہ ايتري لا پرواھي ڇو؟

    سنڌ جي غريب عوام اڄ تائين پاڻي اٽي لاء پريشان آھي، سنڌ جون ناريون ڪنھن نہ ڪنھن وقت وحشي بگھڙن ھٿان تذليل جو شڪار ٿين ٿيون، انھن وحشي بگھڙن کي قابو م نہ ورتو ويو آھي، نہ وري اڄ تائين ڪو سندن عزت ۽ آبرو جي حفاظت جي ذميواري کڻي ٿو، ھر روز سندن تذليل ٿيل لاش ملن ٿا. سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن م معصوم ٻارڙن کي شھر جا ڇتا ڪتا ڏاڙھين ٿا، انھن جي بچاء لاء ڪي خاص اپاء نہ ورتا ويا آھن، جنھن جون ڪافي ساريون مثالون توھان جي سامھون آھن، پر ھڪ مٽال ذڪر ڪجي ٿي، ست مھينا پھريان يعني 8 سيپٽمبر 2019 شڪارپور جي ڳوٺ دائود ابڙو جي رھواسي جي ڏھ سالا نينگر کي ڪتي ڏاڙھي وڌو، بعد م پيء پٽ کي کڻي ضلعي جا سمورا صحت وارا در گھميا پر ڪٿان بہ بچائو وارو ٽڪو نہ مليو، جنھن سبب اھو ٻارڙو ڪمشنر آفيس اڳيان تڙپي ترپي مري ويو، نہ ئي وري ڪو غربت تي ڪنٽرول ڪيو ويو آھي، سنڌ جا ڪافي بزرگ ماڻھون ھن وقت پنھنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ پنڻ تي مجبور آھن، نہ ئي وري ھن وقت سڄي سنڌ ۾ سيوريج جو نظام آھي، اگر ڪنھن جڳھ تي ڪو پراڻو سيوريج جو نظام آھي تہ اھو خستہ حالت ۾ آھي، نہ ئي وري ھن وقت سنڌ جي روڊ رستن جي جي حالت صحيح آھي، جنھن جي ڪري ايڪسيڊنٽ روز جو معمول بڻجي چڪا آھن، جنھن جي نتيجي م ڪافي سارا مسافر پنھنجي زندگي تان ھٿ ڌوئي ويٺا آھن ۽ ٻھڙارين جي ماڻھن جو سفر بہ انھن ٽٽل فٽل روڊ رستن تي ڪيئن ٿيندو ھوندو اھو بہ انھن کا پچي ڏسجي ۽ سڄي سنڌ جي سرڪاري اسپتالن جي ڪارگردگي بہ توھان جي سامھون آھي، اتي غريب عوام جو علاج ڪيئين ٿي رھيو آھي؟ اھو بہ سڀ ڪجھ توھان جي سامھون آھي، تہ سنڌ جي ڪافي اسپتالن ۾ لاش کڻڻ لاء ايمبولينس ڊائيور آھي نہ ئي تيل آھي، جنھن جا ڪافي مثال موجود آھن، پر ھڪ مثال توھان جي اڳيان رکجي ٿي تہ ڪجھ مھينا پھريان 2019 م ميرپور خاص جي رھواسين جو ننڍڙو ٻار اسپتال م فوت ٿي ويو، جنھن کان بعد م اسپتال انتظاميہ کان ايمبولينس جي گھر ڪئي وئي پر اسپتال انتظاميہ مختلف بھانا ٺاھي ايمبولينس نہ ڏني تہ وارثن پنھنجي ننڍري ٻار جي ميت پنھنجي بائيڪ تي کڻي ڳوٺ طرف روانا ٿيان تہ گس پنڌ ۾ سندن ايڪسيڊنٽ ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ نہ بلڪي ٽي ميتون ڳوٺ طرف روانيون ٿيون ۽ ھر روز سنڌ ۾ ڪٿي نہ ڪٿي قتل ٿيندو آھي، جنھن جون خبرون توھان اخبارن ۾ پڙھي ء ٽي وي م ڏسي سگھون ٿا، جنھن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو تہ سنڌ جي حڪومت ڪيتري قدر سنڌ جي غريب عوام جي محافظ آھي، اگر توھان نظر ڪندا سنڌ جي تعليمي ادارن طرف تہ انھن جي طرف بہ سنڌ حڪومت جو ڪو خاص رجحان نہ آھي، اڪثر تہ ٻھڙاڙي جا اسڪول جيئن ٺھيا آھن، ان کان بعد ۾ ان اسڪولن جي ڪا سار سنڀال نہ ٿي آھي، ننڍي کان وٺي وڏي اداري جي اعلي آفيسرن تي ڪرپشن جا ڪيس سنڌ جي مختلف ڪورٽ سڳورين ۾ ھلي رھيا آھن، پر سندن پٺ ڳري ھجڻ ڪري ڪا خاص چنڊ چاڻ نہ پئي ٿي، فقط نالي ماتر ڪيس ھلن پيا ء ھر روز منھگائي سبب سنڌ م ڪيترا ماڻھون بک مرن پيا، ڪي وري ويچارا ڦاڪا ڪشي واري زندگي گذارين پيا، ان لاء توھان جي اڳيان ٿر جي عوام جون مثالون واضع ء روشن آھن ۽ اھڙيون کوڙ ساريون ڳالھيون آھن، جنھن جي ڪري ڪرونا وائرس کان بہ وڌيڪ غريب عوام جون زندگيون متاثر ٿين پيون ۽ اھي ماڻھون مشڪلاتن واري دور مان گذرن پيا، لنڪ روڊ جو صحيح نہ ھجڻ اسپتالن م دوائن جی کوٽ ھجڻ يا وري ايمبولينس جو نہ ھجڻ گٽر جو نظام صحيح نہ ھجڻ، جي ڪري بہ سنڌ جي عوام جي زندگي مشڪل ۾ آھي، پوء آخر ڇو فقط سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس کي سنجيدگي سان ورتو آھي؟

    حالانڪہ انھن کنيل حفاظتي اقدامن تي ڪو اعتراض نہ آھي، پر ھر اھڙي مسئلی ۾ سنجيدگي ظاھر ڪجي جنھن جي ڪارڻ غريب عوام جي زندگي گذارڻ م بھتري اچي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو