امداد، يا غريب عوام سان مذاق

'تعارف' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏14 اپريل 2020۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    اڄ جي حق سچ نيوز پيپر م چپيل منھنجو مضمون

    13/4/2020
    امداد,يا غريب عوام سان مذاق؟

    سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

    جتي ڪرونا وائرس جھڙي خطرناڪ وبا، غريب ماڻھن جو جيئن جنجال ڪيو آھي، اتي وري وس وارن انسان، راشن جي نانء تي غريب ماڻھن جو مذاق اڏارڻ م ڪا قصر نہ چڏي آھي.
    ھن دنيا جي گولي تي، غريب عوام جو مذاق اڏارڻ، جو سلسلو تہ ڪافي سالن کان جاري، ء ساري آھي، جنھن جا مختلف ڪارڻ دنيا وارن ڳولي ورتا آھن، جنھن جون کوڙ ساريون مثالون، توھان جي اڳيان واضع، ء روشن آھن.
    ھن دنيا جي گولي تي، توھان کي کوڙ سارا، اھڙا انسان ملندا، جيڪي پنھنجي يوٽيوب واري اڪائونٽ، ياوري پنھنجي چينل، کي مقبوليت ڏيارڻ لاء، ڪنھن غريب،يا مستحق، خاندان جو وڊيو رڪارڊ ڪري، پوء ان تي ڏک ڀريو ڪلام، يا وري ڏک واري ڪا شاعري ھڻي، ان وڊيو کي پنھنجي چينل تي رکندا آھن، تاڪہ چينل جي، مقبوليت واري انگن م اضافو ٿي،
    ڪي وري انسان، پنھنجي فيسبوڪ واري اڪائونٽ تي، ڪنھن غريب جو وڊيو موڪلي، دنيا جي اڳيان پنھنجو پاڻ کي غريبن جو ھمدرد بڻائي، پاڻ کي سرخرو ڪندا آھن،
    انھن مٽالن سان، تشبيہ رکندڙ کوڙ ساريون مثالون، توھان جي اڳيان واضع، ء روشن آھن.
    ھن وقت وري اسان جي ملڪ پاڪستان، جي مٿي ء بالا طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻھن، تہ تمام تر رڪارڊ ٽوڙي چڏيا آھن، ھڪ اٽي جي ٿيلي ڏيڻ وقت، غريب ماڻھون سان تصوير ڪنڊي، سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري، ضرورت مند انسانن جي عزت ء جذبن کي مجروع ڪن ٿا پيا.
    اٽي جي ٿيلي ڏين ٿا، يا وري گيھ جا پيڪيٽ تقسيم ڪن ٿا، يا ٻہ ٽي ڪلو چانور ڏين ٿا، اھيو سب ڪم ڪرڻ کان پھريان، ھڪ سٺي ڪيمرا جو بندوبست ڪن ٿا، ڪيمرا جو بندوبست ان ڪري ڪيو وڃي ٿو، تاڪہ ماڻھن جي اڳيان اسانجي سخاوت ء دريا دلي جو چرچو ٿي سگھي،
    ڪجھ ڏينھن پھريان، منھنجي اکڙين اڳيان ھڪ تصوير گذري، لاھور جي گونر ھائوس م، اسان جو وزير اعظم جناب عمران خان، ھڪ غريب عورت کي راشن جو ڪارٽون ڏئي رھيو آھي، ان تصوير م، پنجاب جو گونر چوھدري سرور، ء پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار، ء وزير اطلاعات فردوس عاشق اعوان کي بہ واضع ڏسي سگجھي ٿو.
    بس انھي تصوير م آيل با حجاب عورت، جنھن کي راشن ڏنو ويو پئي، انھي عورت جون نظرون زمين م کتل ھيو، جنھن مان صاف لڳي رھيو ھو، تہ اھا عورت اھيو پئي چاھي تہ زمين ڦاٽي مان ان م ھلي وڃان.
    ھتي نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ آھي، تہ ھي اھو عمران خان آھي، جيڪو وزير اعظم ٿيڻ کان پھريان، اھيا دعوا ڪندو ھو، تہ مان پاڪستان کي مديني جي رياست جيان بڻائیندس، ھاڻ انھي جڳھ تي ھڪ سوال پيدا ٿي ٿو، تہ مديني جي رياست م تہ ڪٿي بہ اھيي نہ ٿيو، جيئن توھان ھڪ لاچار عورت، جي مدد ڪرڻ وقت ان جي عزت ء تقدس جو خيال نہ رکيو.
    ماضي م توھان کي، کوڙ سارا اھڙا انسان ملندا، جيڪي پاڻ کي سخي ڪوٺائڻ لاء، ڪجھ سلائي جون مشنيون ھٿ ڪري، ڳوٺ جي ڪجھ بيواہ عورتن جون لسٽون ٺاھي، پوء انھن عورتن کي سلائي جون مشنيون ڏيڻ وقت، انھن منظرن کي، ڪيمرا جي اک م محفوظ ڪري، سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري، پنھنجو پاڻ کي دنيا جي اڳيان غريبن جو ھمدرد ڪوٺائيندا آھن.
    ھن لاڪ ڊائون تہ وري اھڙن ماڻھن کي، ڄڻ ھڪ موقعو فراھم ڪيو ھجي، تہ اھي ماڻھون پنھنجو پاڻ کي دنيا جي اڳيان،سخي، صادق، ء امين، پيش ڪري سگھن.
    ڪجھ ڏينھن پھريان، ھڪ اعلي آفيسر جي فيسبوڪ اڪائونٽ، تي ڪجھ تصاوير وائرل ٿيل ھيون، جنھن م ھون غريب عوام کي، فقط ھڪ صابڻ جي چڪي ڏئي پيو، اتي اگر غور ڪنجي، تہ ان صابڻ جي چڪي جي قيمت ڇا ھوندي؟
    ان ڪري تمام وس وارن کي، اپيل ٿي ڪنجي، تہ امداد ڪرڻ وقت، غريب عوام جي عزت ء آبرو جو تحفظ ڪيو،
     
    دين محمد لاکو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو