سرمد چانڊيو جي تحقيقي ڪتاب "ڇند وديا جا اصول ۽سکيا جو جائزو.

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    سرمد چانڊيو جي تحقيقي ڪتاب "ڇند وديا جا اصول ۽ سکيا" جو جائزو....!
    فقير محمد سنڌي.
    جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائيج،
    آسرو ته لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گھڻو.( شاهه لطيف )
    جي ايم سيد چواڻي ته : "اهل تصوف ۽ فيلسوفن رقص کي آرٽ جو وڏو درجو ڏنو آهي، ھنن جي چوڻ موجب زندگي خود هڪ رقص آهي، جنھن کي جيترو خوش اسلوبيءَ سان ادا ڪبو، اوتري سجائي ٿيندي "سنڌ جي سدا حيات شاعرن جي فن تي محبت سان سرگرداني ڪندي سنڌ جي ٻهڳڻ شاعر، محقق ۽ لطيف شناس سرمد چانڊيو فن جي اسلوب تي روح ڀريو پوريو ڪيو آهي. زندگيءَ جي حاصلات لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪرڻي پوندي آهي، اهڙي طرح فنون لطیفہ جي مقصدن کي سمجھڻ لاءِ فن جو سھارو گهرجي ٿو. "ڇند وديا جا اصول ۽سکيا" جو مقصد به اهو ئي ته شاعريءَ جي مقصد ۽ ماپي کي سمجھڻ جو اصول. "ڇند وديا جا اصول ۽سکيا" ڪتاب جو مهاڳ :پروفيسر عزيز قاسماڻي لکيو آهي، ڇند جي گھڻن پاسن تي /يا حصن تي عزيز قاسماڻي دل کولي لکيو آهي. جنهن ۾ ڇند وديا جي تاريخ ۽ سٽاءُ، ڇند وديا جي تاريخ، ڇند وديا جي اصول کي چئجي ٿو. عرب ۽ ايران ۾ شاعري جوڙڻ جي علم کي عروض چيو وڃي ٿو. انگريزي ادب ۾ شاعريءَ جي علم يا فن کي ميٽر چيو وڃي ٿو. علمي حوالي کان ڇند وديا جي تاريخ سومرا دور 1050ع کان لکت ۾ ملي ٿي.
    ڇند وديا جا اصطلاح :جنهن ۾ سر /آواز، لفظ شبد، سنڌي ٻوليءَ جا حرف علت تيراهن آهن جن مان ڪافي عربي ٻوليءَ تان ورتل آهن. زير زَبر، پيش، ٻٽي زير، ٻٽي زبر، ٻٽو پيش، ا، مد، و، ي،ن،شد۽ الف حمزه وغيره شامل آهن. تڪ جي وضاحت ۽ ان جي تاريخي گواهي، تڪ واري شاعري، قافئي جي بيھڪ ۽ پابنديون، قافئي جون ڪجھ مقرر پابنديون ۽ شرط. مھاڳ جي آخر ۾ پروفيسر عزيز قاسماڻي علم عروض ۽ ڇند وديا ۾ فرق معلوم ڪرڻ تي، بهتر انداز ۾ بحث ڪيو آهي. عروض ۽ ڇند ۾ بلڪل فرق مثالن سان سمجهايو آهي. عروض ۾ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جو ڪلام پيش ڪيو ته وري شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائي نموني طور پيش ڪئي آهي. ڇند وديا ۾ ماترائن جي پيشڪش ڪرڻ جا اصول پنهنجا آهن ۽ علم عروض جي ارڪانن کي پيش ڪرڻ جو ڏانءُ پنهنجو آهي. ڪتاب جي سٽاءُ ۾ سرمد چانڊيي پهريان ڇند وديا جون معنائون ۽ اصطلاح جي ڄاڻ مھيا ڪئي آهي، جيئن عام لکندڙ ۽ پڙهندڙ آساني ٿئي.
    ڇند وديا مطلق لکي ٿو ته : ڇَند :فن،هنر، ماترڪ سکيا ۽ گنن جي ترڪيب.
    وديا :علم، ڄاڻ، هنر، قانون، نظام ڪويتا جو علم.
    ڇند شاستر :پنگل رشيءَ جو ڪويتا ڪَلا تي رچيل ڪتاب. ڇند وديا جي تاريخ، هي علم ٻه سوء قبل مسيح کان به اول جو علم آهي.
    ڇند وديا جي اصولن ۽ قانونن ترتيب وار سمجهاڻي آسان ڪيو آهي. جنھن ۾، ماترا، ننڍي ماترا، وڏي ماترا، گن، ڇندن جا قسم، ماترڪ ڇند، ورنڪ ڇند ،شبد پد، سم پد، وشم پد، ٽئي وشم پد، چاروشم پد، وڏي ماترا وارا شبد، هڪ ننڍي ماترا ۽ ٻن وڏين ماترائن وارا شبد، چمپو ڇند ۽ ان کان علاوه ماترڪ ڇند جي اصولن، ماترائن ۽ پدن جي سمجهاڻي آسان ڪري پيش ڪئي وئي آهي.
    شاھ لطيف جي واين جا قافيا، ڇند وديا اوائلي شاعريءَ جي قانون ۽ نظام جو نالو آهي، ڇند وديا اهو مقامي شاعراڻو فن آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي سڄي آوازي مخرجن لهجن، لفظن کي پاڻ ۾ سمائي پيش ڪرڻ وارو عالمي نظام آهي. شاھ لطيف جي واين کي مختصر طور حوالي لاءِ پيش ڪيو ويو آهي، جيئن ڇند وديا کي آسان طريقي سان سمجهي سگهجي.
    شاعريءَ ۾ تنونن جي سڃاڻپ ۽ استعمال.
    واڪ جي نشاني(،، ،،)
    سوال جي نشاني(؟ )
    احساس جي نشاني(! )
    ڊيش جي نشاني( - )
    چوٿاڙ دم جي نشاني(، )
    اڌ دم جي نشاني(؛ )
    پوري دم جي نشاني(. )
    بياني جملي جي نشاني( :)
    وڏي ڏنگي جي نشاني( [ ])
    ۽ ننڊي ڏنگي جي نشاني({ })
    زبر جي تنوين واري نشاني، زير جي تنوين واري نشاني، پيش جي تنوين واري نشاني ۽ اُڀي زير واري تنوين جي نشاني، سڀ جو سڀ مثالن سان سمجهايو ويون آهن.
    ۾، جي سنڌي صورت آهي( مين )
    ۽، جي سنڌي صورت آهي( آئِن )
    ڪوتا پد جو مثال : دوهو
    سَڄَڻُ نه آيو ساوڻ آيو، مٺو اسان مينھن،
    بادل برسيا نيڻ نه ترسيا، نار وهايا نينھن. شيخ اياز
    ماترڪ ڳڻپ يا ڇيد، دوهي جا شاعراڻا پد، سمجھاڻي سان ڏنل آهن.
    سورٺو بيت :
    جهوري پيئي جهانجهه، جيڏيون منهنجي جيءَ کي،
    سهڙي آهي سانجھ، جھڄندي جنهن جي جهانءَ ۾.
    ( شيخ اياز )
    ۽ ان جا ڇيد ماترائن سان ڏنل آهن. دوهي پَدَ وارو بيت شيخ اياز جو ڏنل آهي جيڪو ڇيد ۽ ماترائن سان ڏنل آهي. ڇند وديا ماترائن، ورنن، ورتن ۽ دنڊ ڪلا کي گنن پدن موجب ترتيب وار ڪوتا ۾ آڻڻ واري فن کي چئبو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ڇندن جا ٽي مکيه قسم آهن، ورنڪ ڇند پھريون قسم آهي، هي علم عروض جي بلڪل ويجهو آهي. شاهه دنڊ ڪلا، ترڀنگي ماترائي، سَوَ يا، ڪوتا شبد، ڪوتا /ڪويتا، ڪوتا پد، سن مکپد، اَرُنُ ڇند ،ماترا سنکيا، گن، لکت ورن ۽ ڪل پد ۽ ڪل ماترائن جو وچور، فن سمجھاڻي ۽ حوالن سان ڏنل آهي.
    دوها بيت، قاضي قادن جا دوها بيت، حضرت شاھ عبداللطيف جا دوها بيت ۽ شيخ اياز جا دوها بيت، ماترائن ۽ ڇيد سان ڏنل آهي. علم جي شاگردن لاءِ فن جو پاسي کان آساني ٿيندي.
    برصغير مقفا شاعريءَ جو مرڪز رهيو آهي، تنهن ڪري پهرين پد وارو قافيو سورٺي بيت کي اوليت ڏئي ٿو، پر برصغير ۾ دوهو وڌيڪ رچيو ويو آهي. سورٺا پد، هم حصي ۾، قاضي قادن جا سورٺا بيت، شاھ ڪريم جا سورٺا بيت، حضرت شاهه عبداللطيف جا سورٺا بيت ۽ شيخ اياز جا سورٺا بيت شامل ڪيا ويا آهن. سورٺي پد جو پھريون پد اساس پد به آهي ته تڪوارو پد به آهي، ٻيو پد مڪت پد آهي، سورٺي بيت جو ٽيون پد تڪوارو پد آهي ۽ چوٿون پد مڪت يا آزاد به آهي ته يت وارو پد به - ان پد تي بيت پورو ٿئي ٿو. جنهن کي يتي پد چئبو آهي. شاعريءَ جي دنيا ۾ فن تخليق کي حُسن بخشي ٿو، زندگيءَ لاءِ شعور جو سبب به بڻجب ۽ مثبت لاڙن جو رجهان وڌي ٿو. شاھ لطيف جي شاعري جيڪا هر دور لاءِ اتساهه جو سبب به آهي. شاہ لطيف جي شاعري :
    عالم سڀ آباد ڪرين،
    لوڪ وَهي لَهوارو، تون اوچو وهو اوڀار.
    شاھ ڪريم جي شاعري :
    مٺ ڀيڙيائي ڀلي.
    پاڻي مٿي جھوپڙا مورک اڃ مرن.
    شيخ اياز جي شاعري :
    اعلان هزارين مان نه رڳو.
    مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان.
    دوهي پد وارا بيت، دوهي پد وارا بيت پنهنجي سٽا موجب اڳتي هلي، حوالو بنجي اڀريو جو شاہ سائين جن جا دوهي پد وارا بيت به فني سٽاءُ جو نمونو آهن.
    اسين سڪئون جن کي، تان سي اسين پاڻ،
    هاڻي وڃ گمان، سھي سڃاتا سپرين.( شاھ ڪريم )
    پهرين سٽ 11+10 =21پرواسي ڇند ،
    ٻئين سٽ 10+12=22 ماترا راس ڇند.
    دوهي پد وارن بيتن ۾، سرمد چانڊيي، قاضي قادن جا بيت، شاھ ڪريم جا دوهي پد وارا بيت، شاھ عبداللطيف جا دوهي پد وارا بيت، ساميء جا سلوڪ ۽ شيخ اياز جا دوهي پد وارن بيتن جو فني، فڪري، اوسر ۽ ارتقا جي سڀني موضوعن تي تحقيق ڪئي آهي.
    شاھ لطيف ۽ شيخ اياز جي واين کي ڇند جي لوازمات ۾ آڻي قارعين کي سمجهايو آهي.
    اڱڻ آيامِ پيھي، يا الاَ! مون ساريندينء سپرين.
    شاھ لطيف( سر کنڀات )
    اساس پد : اڱڻ آيامِ پيھي،
    اولاڻو پد: يا الاَ! مون ساريندينء سپرين،
    12+17 =29 ماترا - مرسٽا ماڌو ڇند.
    پهريون پد تڪوارو پد به آهي، ٻيو پد الاڻو پد به آهي ته يتي پد به آهي.
    اڃا وڃ نه تون،
    الا! وڃ نه تون!
    منھنجو من تو آسري.
    اُڀر چنڊ پس پرين، شيخ اياز.
    اساس پد : اڃا وڃ نه تون،
    تڪوارو پد : الا! وڃ نه تون
    اولاڻڪ پد - منهنجو من تو آسري.
    8+8++13=29 - ماترا مرسٽا ماڌو ڇند - ٽيون پد يتي پد به آهي.
    ڪتاب جي آخر ۾ ورنڪ ڇند، يا ڪل پد ڇند ۾ شيخ اياز جون وايون ۽ انهن جو فن ڀرپور نموني سان پيش ڪيو ويو آهي. 112ورقن جي ڪتاب جي ارپنا، سنڌ جي سرتاج شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي نالي ٿيل آهي.سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو سرو شاهه لطيف تي آهي ، پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ کي هن ريت امر ڪيو آهي.اها شاهه لطيف جي انفراديت ۽ سنڌي ٻوليءَ سان محبت جو اظهار هن ريت بيان ڪيو آهي.
    جي فارسي سکيو، گولو توءِ غلام،
    جو ٻَڌو ٻِن ڳالهين، سو ڪئن ڄائي ڄام،
    اُڃيو تا آب گهري، بکئو تان طعام،
    اي عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿئي.
    ( سُر آسا )

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو