ايءُ عشق جو آواز،، جو سرسري جائزو.

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏9 مئي 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    "ايءُ عشق جو آواز"
    جبار آزاد منگي جي " ريڊيو اسڪرپٽ" ڪتاب جو سرسري جائزو...!
    فقير محمد سنڌي.
    ٻولي ٻجھارت، جوڳيءَ سنديءَ ذات جي،
    ڏورڻ گھڻو ڏاکڙو، هلڻ ۾ حيرت،
    عجب عبادت، پَھُ پروڙڻ اُنُ جو.

    غلام محمد شهواڻي جي بقول ته :" ياد رکو ته خوبصورتي عشق ۽محبت پيدا ڪندي آهي ۽ سٺي سيرت، انهيءَ محبت کي قائم ۽دائم رکي ٿي." جبار آزاد منگيءَ جو "ايءُ عشق جو آواز" جيڪو ريڊيو اسڪرپٽ آهي، جيڪو ڪيترين سماعتن تائين رسيل آهي. ڪڏهن ڪڏهن انسان جو اندازي بيان ايترو سگھارو هوندو آهي يا ٿي ويندو آهي جو جڏهن گفتگو ڪندو آهي. اُهي انمول لحما جن جن سماعتن تائين پهچندا آهن ته اُهي گفتا، اُهي جملا ۽ اُهي بيت ٻڌندڙ جي ذهن تي نقش طور چٽجي ويندا آهن. گھڻن فردن کي براڊ ڪاسٽنگ سان گهڻو پيار، عشق ۽ محبت ان لاءِ هوندي آهي ته اُهي آوازن ۽ اندازي بيان مان لطف حاصل ڪندا آهن. انهن سڀني حسناڪيءَ وارن مرحلن، پاسن ۽ انداز کي جبار آزاد منگي "ايءُ عشق جو آواز" طور لطيف انداز سان سهيڙيو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ناليواري براڊ ڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي لکيو آهي. جنهن جبار آزاد منگي جي سڀني رخن تي تفصيلي طور لکيو آهي. ڪتاب پڙهندڙ کي بهترين اتساھ بخشيندو. علي مراد ٽانوري براڊ ڪاسٽنگ جو محنت ڪندڙ نانءُ آهي، جنھن جبار آزاد منگي کي آواز جي دنيا جو چمڪندڙ ستارو سڏيو آهي، جيڪو جبار آزاد منگي جي لاءِ وڏو اعزاز آهي. وسند علي مهر کي، جبار آزاد منگي جي گفتگو ۽ ان جي موضوعن سان اُنس آهي. ڇا جي ڪري هڪ براڊ ڪاسٽر ٻئي براڊ جي ٻوليءَ کي سمجھي سگھي ٿو. شاعر ۽ براڊ خالد چانڊيو، به جبار آزاد منگي جي صوتي تصويرون جي چٽ کي دل سان مانُ ڏنو آهي.
    ڪتاب جي فهرست ۾ اڃا به براڊ ڪاسٽرن جا تاثرات آهن، جنھن ۾ مشتاق حسين تنيو به شامل آهي، جيڪو لکي ٿو ته :جبار آزاد منگي واقعي آزاد آهي، چوڻ جو مطلب ته جبار منگي جاکوڙي فرد آهي. شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر، مير بھادر مهر به جبار آزاد منگي کي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي باغ جو گلدستو سمجھي ٿو. لکي ٿو ته : آزاد سندس تخلص آهي پر واقعي ۽ هي پنهنجي تخلص جو ڀرم رکي ٿو ۽ هر پاسي کان آزاد آهي. جيئن مھاڳ ۾ ڪوثر ٻرڙي لکيو آهي ته :ماڻهوءَ جي شخصيت تي سندس نالي جي چالهين پتيءَ جيترو اثر ضرور پوندو آهي ۽ جبار آزاد آهي.
    حاجي حسين جلباڻي به جبار آزاد منگي کي رهنمائي ڪندڙ دوست سڏي ٿو ۽ لکي ٿو ته :عبدالجبار منگيءَ جي شخصيت ۾ به مڪمل فن آهي جڏهن شاھ لطيف جي فن ۽ فڪر تي مبني پروگرام "وکر سو وهاءِ" ڪندو آهي ته سندس لفظن ۾ سراپا لطيفي عشق محسوس ٿيندو آهي.
    مٿي سڀ دوست براڊ ڪاسٽنگ جي حوالي سان وقتن به وقت پنهنجي سامعين سان مخاطب ٿيندا رهندا آهن، جن جبار آزاد منگيءَ سان گڏ ڪم ڪيو آهي ۽ هڪٻئي کي ٻڌو آهي، سکيو ۽ سيکاريو آهي.
    جبار آزاد منگيءَ جي زندگيءَ جو مختصر خاڪو :
    عبدالجبار منگي، ادبي نانءُ جبار آزاد منگي، والد جو نالو عبدالرحيم منگي اٿس. جبار آزاد منگي 18مارچ 1960ع تي نصير آباد، منگي محلي ۾ جمعي ڏينهن تي جنم ورتائين. جبار آزاد منگي 1979ع ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين، زندگيءَ جي سفر ۾ 1989ع ۾ شادي ڪيائين، 7پٽ ۽ پنج نياڻين جي اولاد اٿس. جبار آزاد منگي جي سڃاڻپ اسٽيج ڊراما ليکاري، اسڪرپٽ رائيٽر، ڪمپيئر، شاعر ،صحافي ،سياسي ۽ سماجي ورڪر اٿس.
    ڇپيل ڪتاب :
    لفظ هوا ۾ خوشبو، ريڊيو اسڪرپٽ2016ع ،اندر ڪارو ڪانءُ، ڪهاڻيون 2017ع، ٽمون شرارتي ،ٻارن لاءِ ڪالم ڪهاڻيون 2019ع،جاگرافي تعلقہ نصير آباد 2019ع،ايءُ عشق جو آواز، ريڊيو اسڪرپٽ 2020ع ۽ انت بحر عميق جو، نور فقير بادائي جو ڪلام 2020ع شامل آهن.
    ڪتاب جي ٻئين حصي ۾ ريڊيو اسڪرپٽ، "ايءُ عشق جو آواز" کان شروع ٿئي ٿو. جنھن ۾ پيغمبر اسلام جي تعليمات ۽ عالمگير معاشري کان وٺي دنيا جهان جا ننڊا وڏا موضوع وقت جي مناسبت سان شامل ٿيل آهن.
    "جيڪي منجھ جهان" ۾ جبار آزاد منگي انساني زندگيءَ ڪيئن گذارجي ۽ ان جو بچاءُ ڪيئن ممڪن آهي، صلاحون ۽ ڳالهيون شامل آهن.
    لطيفي معلومات جو حصو، جنھن ۾ لطيف سائينءَ جي بيتن کي پيش ڪيو آهي، بيتن جي آسان سمجھاڻي ۽ سرن جا نالا به ڏنل آهن. معلومات جي جھان ۾ جهاتي ۾ تاريخ اسلام، شخصیتون مطلب ته ڪافي معلومات مهيا ٿيل آهي. ڏاھپ ڀريا ڏاھن جا ڏس! ۾ آزاد منگي مختلف شخصيتن جا قول نقل ڪيا آهن، جيڪي زندگيءَ لاءِ انتهائي ڪارائتا آهن. ڪتاب جي ڇهين ۽ آخري حصي ۾ عالمي ڏينهن جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل آهي. جبار آزاد منگي ڪوشش اها ڪئي آهي ته پهرين جنوري کان وٺي 18هين ڊسمبر تائين ڄاڻ جو خزانو پنهنجي ذهني صلاحيت سان پيش ڪيو آهي. ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ناليواري شاعر، ليکڪ ۽براڊ ڪاسٽر ياسر قاضي لکيو آهي."
    جبار منگي انهن سُرت وندن سرجڻھارن ساٿين منجھان آهي، جن جڏهن به هوا جي دوش تي ڳالهايو ته سرهاڻ ونڊي. جبار انهن سلجهيل ۽ ذميوار نشرڪارن منجهان آهي."
    آخر ۾ جبار آزاد منگي لاءِ سقراط جو هي قول ته :
    حسن، صداقت آهي ۽ صداقت ئي اها واٽ آهي، جنھن تي هلي اسين خدا تائين پھچي سگھون ٿا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو