سنڌ منهنجي امڙ؛

'سنڌي شاعري' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏13 جولائي 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو! اڄ نيٽ گردي ڪندي فيس بڪ تي شفيق احمد جوکيي جو هي هڪ آزاد نظم پڙهڻ لئه مليو، نظم ڇا آهي، اسانجي منهن تي هڪ چماٽ آهي ۔۔۔ جي اوهانکي به ان چماٽ جو اثر محسوس ٿئي ته ٻڌائجو ۔۔۔

    سنڌڙي منهنجي امڙ؛
    جوکيو شفيق احمد جي فيس بڪ تان ورتل؛

    اڄ سنڌ سڄي سورن ۾ آ
    اڄ سنڌ سڄي سورن ۾ آ
    آڪاش نه چلڪيل چمڪيل آ
    ڌرتي تنهن جي دلدل آ
    اتر انجو اجڙيل آ
    ۽ ڏکڻ لاڙ ڏکايل آ
    اوڀر انجو اوندهه آ
    ۽ اولهه باهه بگولو آ
    هير هوا ڄڻ ته لک بڻي آ
    درياهه ڌڌڙ ۽ واري آ
    سمونڊ بڻيو ڄڻ دونهون آ
    منڇر ٿي ويئي ڪئوڙي آ
    ته ڪيجهر ڪاري واري آ
    مڇي نه ڍنڍ تي پکي رهيو آ
    نه چانور سڳداسي پلو رهيو آ
    ديبل جي ويو دٻجي آ
    ته شهر ڪراچي به ڪين رهيو آ
    ڪاڇو موت جو پاڇو آ
    گورک م نه گل کليو آ
    رني ڪوٽ جي ويو ڦٽي آ
    ته نيرون ڪوت به ڪٽ چڙهي آ
    ڪارونجهر کاڻ نه ڪوئلو آ
    ٿر ويو بڻجي بنجر آ
    سکر سڙيو ته بکر ڀريو آ
    ٺٽو ننگر لوسٽ ٻوسٽ آ
    نه ڄام نندو ۽ تماچي آ
    نه راڻي نوري نماڻي آ
    نه مخدوم بلاول شهيد ئي آ
    ۽ شاهه عنايت صوفي صاف شهيد ئي آ
    نه عبدالڪريم بلڙي وارو فنا في الله
    شاهه ڀٽائي جي رڳو دعا رهي آ
    نه محمد امين ٺٽوي مخدوم ئي آ
    ۽ نه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي آ
    نه لعل لنواري مخدوم محمد زمان آ
    نه سرور نوح مخدوم هالائي آ
    اڄ سنڌ سڄي سورن م آ
    نه پير محمد راشد روضي ڌڻي آ
    ۽ سورهيه بادشاه شهيد اعظم آ
    نه جلاوطن سنڌ امام عبيدالله سنڌي آ
    ۽ مجاهد سنڌ مولانا محمد صادق کڏي وارو آ
    نه منطوم شاعر علامه حاجي احمد ملاح
    شڪارپور ٿي بيڪار پور آ
    نه الله بخش سومرو شهيد آ
    ۽ سن جو سائين جيم سيد ئي آ
    لاڙڪاڻو ته ڪاڻو آ
    ڪين رهيو ڪو سياڻو آ
    نه ڀٽو شهيد ۽ راڻي بينظير ئي آ
    ۽ مرتظي ڀٽو مير ئي آ
    نه راهو فاضل راهو شهيد آ
    اڄ سنڌ سڄي سورن م آ
    اڄ سنڌ سڄي سورن م آ
    جوکيو مسڪين، شفيق به اڄ مايوس
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ منهنجي امڙ؛

    سائين سنڌ جي موجوده حالتن تي اهڙي منظوم انداز ۾ تجزئي ٿيڻ جي بعد اسان ته ڪجهه نه ٿا چئي سگهون۔۔۔ سائين شفيق جيڪو به ڳالهايو آهي سچ ڳالهايو آهي۔۔۔
    وقت جي حڪمرانن جي ڪري ۽ عوام جي بي حسي جي ڪري، پنهنجي تهذيب کان لاتعلق ٿيڻ جي ڪري اهو ٿيو آهي۔۔
     
  3. فياض منصور

    فياض منصور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ منهنجي امڙ؛

    شاعر کي مطالعي جي سخت ضرورت آهي شاعري ۾ ايئن لڳو جيئن سيکڙاٽ بي هن جا استاد هجن شايد هن دوست جو ڪو استاد ناهي هن اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيئي،اسانجي هن دوست ڀي ايئن ڪيو آ

    الا ايئن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
    ته هئي سنڌ ء سنڌ وارن جي ٻولي
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ منهنجي امڙ؛

    سائين مهرباني توهان جي جو سائين جوکيو صاحب جا ويچار هڪ دفعو ٻيهر سنڌ سلامت جي زينت بڻايا۔۔۔ ان کان اڳ مونکي به سندن انهن لفظن تمام گهڻو متاثر ڪيو هو۔۔۔ جيڪي سنڌ سلامت تي ونڊڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهيم۔۔۔۔

    محترم فياض منصور ۔۔۔ سائين شفيق احمد جوکيو باقائده ڪو شاعر نه آهي۔۔۔ بس هن جي ڌرتي لاءِ محبت ايتري آهي جو هر وقت فيس بوڪ تي موجود سنڌين ۾ سجاڳي بيدار ڪندو رهندو آهي۔۔۔ توهان جيڪڏهن هڪ شاعر بجاءِ کيس سنڌ امڙ جي چاهيندڙ جي نظر سان ڏسو ۽ سندن خيالن کي ٻيهر پڙهو ته سندن اندر ۾ سنڌ ماتا لاءِ درد جو پيڙاء صاف نظر ايندو۔۔۔۔
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ منهنجي امڙ؛

    ڀاء هي آزاد نظم آهي ۽ هن ۾ شاعر جا خيالات ڏسو، اهي تمام سٺا ۽ وزن وارا خيالات آهن، توهان شايد شاعر آهيو اسان ته پاڻ سيکراٽ آهيون پر ڀاء هميشه نون ماڻهن جي ( هر موڙ ) تي رهنمائي ڪبي آهي، ۽ اهڙو سخت انداز ناهي اپنائبو، منهنجي حساب سان توهان جهڙن ماڻهن کي اهيو سونهين ڪو نه ٿو،
     
  6. فياض منصور

    فياض منصور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ منهنجي امڙ؛

    ادا اسان خود ئي سيکڙاٽ آهيون،اڃان شاعر نه ٿي سگهيا آهيون،شاعر ڀاء هن نظم ۾ ڪجه اهڙا خيال آندا جنهن تي ڳالهائي سگهجي پيو،پر شاعر دوست پاڻ هجي هان ته بهتر هو،شاعر ڀاء پنهجي خيال مطابق صحيح ڳاله ڪئي آهي،پر انهن خيالن کي نڀائي نه سگهيو،اميد ته منهجي راء کي تنقيد جو روپ نه ڏيندا مون جيڪو ڳالهايو اها منهجي راء هئي ۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ منهنجي امڙ؛

    ادا فياض اسان جيڪي نه شاعر هوندا آهيون، دلين جا ترجمان هُوندا آهيون، پنهنجي جذبن جو اظهار سولِي ٻولِي ۽ سليس زبان ۾ ڪندا آهيون، جيئن ته سائين شفيق جوکيو جي شاعري آزاد نظم جي صورت ۾ محترم نثار ابڙي ونڊ ڪئي آهي، ادا فياض دنيا جو ڪو به شاعر پرفيڪٽ ڪونه هُوندو آهي ڪٿي نه ڪٿي ڪا نه ڪا چاهي وزن جي صورت ۾ چاهي بحر جِي صورت ۾ چاهي خيالات جِي صورت ۾ ڪا نه ڪا خامي، ضرور ڇڏي ويندو آهي، ان تي اصلاحي تنقيد به ڪئي ويندي آهي، ان اصلاحي تنقيد جي سهاري شاعر اڳيان وڌندو ويندو آهي، پر هتي جيڪا توهان تنقيد ڪئي آهي، ان ۾ ڪٿي به ڪنهن به اصلاح جو پهلو نظر ڪونه ٿو اچي، بلڪل روايتي تنقيد جيان جيئن سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين ۾ ڪو نئون شاعر ايندو آهي ته ڪجهه سينئر شاعر ان نئين شاعر جِي تي پنهنجي قابليت جي ڌوم ويهارڻ لا بلڪل اهو ڌڳ وٺندا آهن جيڪو توهان ورتو جيئن توهان هن شاعري تي ذاتي تنقيد ڪئي مٺا توهان کي ڪيئن خبر پئي ته شاعر ۾ مطالعي جِي ڪمِي آهي، توهان کي ڪيئن خبر پئي ته شاعر بي استادو آهي، هرڪو ماڻهو اپڻي گهوٽ ڪندو آهي، توهان سنڌ جي لوڪ ادب کي ڏسو سُگهڙ پنهنجي هڪڙِي ڪنهن صنف ۾ سئو کان وڌيڪ ڪافيا استعمال ڪري قابليت جا خزانه ساري محفل ۾ جڏهن ونڊيندو آهي، ته سموري محفل جهومي پوندي آهي، مٺا ڪو به ڄمندي ڄام ڪونه هوندو آهي، ڪچي ڦڪي شاعري هرڪو ڪندو آهي، اگر جيڪڏهن شاعر جو ڪو استاد هوندو آهي ته اُهو پنهنجي شاگرد کي صرف ڏان جِي تعليم ڏيندو پر ڪڏهن به استاد پنهنجي شاگرد کي ڏات جي تعليم ڪونه ڏيندو، ڏات ته الله سائين جي طرفان هڪ انمول خزانو آهي، بلڪل اهڙي طرح هي شاعري محترم سائين شفيق جوکيو جِي به آهي، جيڪو به سائين شفيق جوکيو هن ڌرتي جي سورن ڏُکن جي باري ۾ سوچيو لکي ورتائين۔ بهتر اهو ٿئي ها ته جيڪڏهن هن نظم کي آزاد نظم ڪري هتي ونڊ ڪيو ويو آهي ته توهان آزاد نظم جي ٽيڪنيڪي پهلوئن کي اُجاگر ڪريو ها، ته آزاد نظم ڇا ٿيندو آهي، آزاد نظم جا گهاڙيٽا ڇا ٿيندا آهن، جيڪڏهن آزاد نظم آهي به ته ان جي ڪهڙي نموني شروعات ڪبي گهڻيون ماترائون لکبيون ۽ ڪهڙي نموني ان آزاد نموني جي پُڄاڻي ٿيندي، توهان جي اهڙي نموني جي اصلاحي تنقيد مان خبر اٿئو ته شاعر سان گڏ اسان جهڙا صفا خاص ڪري مون جهڙا صفا سيکڙاٽ شاعر جيڪي اڃا شاعري جي هن بحر جي صفا ڪنارن تي ويهي بانبڙا پيا پائين اهي به مستفيد ٿي وڃن ها۔ توهان ته ماشاالله شاعر ابن شاعر آهيو، الله سائين توهان کي ڏات سان گڏ ڏان به ڏنو آهي، سو اهڙي رواجي تنقيد ڪري ويٺا جو نه ان مان ڪنهن به قسم جي ڪا صلاح نه ٿي سگهي۔ ان هوندي به لک لائق جو توهان هن شاعري ته ڪجهه نه ڪجهه پازيٽو نه سهي نگيٽو ڪامينٽس ڏنا۔
     
  8. Mr.100

    Mr.100
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 جولائي 2010
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    جيڪب آباد
    جواب: سنڌ منهنجي امڙ؛

    سائين سنڌ جي اهڙي صورتحال پڙهي ڏک ته ڏاڍو ٿيو، پر ويتر ڏک انڪري ٿيو جو دوست اڃا به فيس بوڪ استعمال ڪري رهيا آهن ، مطلب ته احتجاج کي مضبوط ڪرڻ ۾ دوستن جو ساٿ شامل ڪونه آهي.
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ منهنجي امڙ؛

    دوستن تمام سٺا خيال ونڊ ڪيا، ادي فياض منصور به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو پر مون نه ته اهو نظم ڪنهن فني نقطه نگاهه سان ونڊ ڪيو هو نه ئي مون ان نظم جي فن تي سوچيو هو، مون ته شاعر جي اندر جي اڌمن کي محسوس ڪيو هو ۔۔۔ مون ته لفظن جي پويان لڪل ڏک کي محسوس ڪيو هو، مون ته سنڌ جي اڄوڪي حالتن جي ترجمانيءَ وارن لفظن کي محسوس ڪيو ... پر خئير آهي سونارو سون جي اصل کي پرکيندو آهي ۽ عام ماڻهون سون جي حسن کي پرکيندو آهي ... سو ڪنهن دوست ان نظم جي تورتڪ کي نظر ۾ رکيو ۽ ڪنهن انجي اندر موجود پيغام کي ...

    ڪنهن يورپي ڏاهي هڪ هنڌ چيو هو ته؛ جڏهن اسانجا شاعر ۽ اديب اسانجي ملڪ جي ڪنهن شئي کي ڳائڻ شروع ڪندا آهن ته اسين سمجهي ويندا آهيون ته ان شئي تي ڪو ڏکيو وقت اچڻ وارو آهي ۽ اسين اڳواٽ ئي خبردار ٿي ويندا آهيون ... شاعر يا اديب يا مصور جي اندر جا اڌما جڏهن لفظن جا يا ڪنهن تصوير جا رنگ وٺي ظاهر ٿيندا آهن ته سڄاڻ قومون خبردار ٿي وينديون آهن ... ۽ پنهنجي قومي سگهه بچائي وٺنديون آهن ...

    اهڙي طرح جوکئي صاحب جي هن نظم جي هرهڪ سٽ تي غور ڪبو ته سنڌ سڄي سورن ۾ نظر ٿي اچي ۽ مونکي سنڌ جي سورن نهوڙي وڌو انڪري هي نظم هت دوستن سان ونڊ ڪيم ...

    سنڌ جا سڄڻ دوستو! سنڌ بچايو، پاڻ بچايو، پنهنجو مستقبل بچايو، اڳتي وڌو ۽ پنهنجي پنهنجي سگهه آهر پنهنجي پنهنجي آس پاس سنڌ جي خدمت ڪريو ۽ پاڻ ملهايو ... باقي ته اوهين پاڻ سياڻا ۽ سمجهدار آهيو ...

    رب العالمين سنڌ ۽ سنڌين کي پنهنجي پناهه ۾ رکي ۔۔۔ آمين
     
  10. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سنڌ منهنجي امڙ؛

    ادا مون کي شاعري جي ايتري خبر نه آهي جيڪڏهن توهان سان گڏ رهيا سين ته اميد آهي شاعري جي به سڄاڻ اچي ويندي تمام سٺو مطالو ڪيو آهي دوستن مهرباني
     
  11. منصور سيتائي

    منصور سيتائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 جون 2010
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ منهنجي امڙ؛

    ادا سچ ت اهو آهي جو ڀاءُ شفيق جو نظم پڙهي اکيون آليون ٿي ويون ڇات دوست سنڌ جو منظر چٽيو آهي مان دوست جي ڪهڙي تعريف ڪيان هي شاعري ناهي ڄڻ ڪا مصوري آ ڌڻئ در دعا آهي ت ادو شفيق اڳتي ب اهڙو ونڊ ڪرائيندو رهند
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو