علامه آئي آئي قاضي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ صادق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2009۔

  1. صادق سولنگي

    صادق سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مئي 2009
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    خيرپور ميرس (سنڌ پاڪستان) ۽ انڊونيشيا
    هڪ عظيم فلسفي هڪ ڏاهو انسان
    علامه آءِ آءِ قاضي

    ڊاڪٽر يعقوب مغل
    [​IMG][​IMG]


    علامه آءِ آءِ قاضي جو پورو نالو امداد علي ولد امام علي قاضي هو، 9 اپريل 1886ع تي پاٽ نالي ڳوٺ، ضلع دادو ۾ پيدا ٿيو. سندن والد قاضي امام علي ڪجهه عرصي لاءِ دادو ۽ نوشهري ۾ ميونسپل ڪمشنر ۽ ماجسٽريٽ پڻ رهي چڪو هو هو. قاضي امدا علي پوءِ حيدرآباد ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. قاضي امام علي ڏاڍو ميل جول رکندڙ ۽ هر دلعزيز شخص هو ۽ هندن توڙي مسلمانن ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو.

    قاضي امام علي پنهنجي فرزند امدام علي جي ابتدائي تعليم ۽ تربيت لاءِ آخوند عبدالعزيز کي مقرر ڪيو. آخوند صاحب خانگي طور تي علامه قاضي کي ابتدائي تعليم ڏني. قرآن مجيد کانسواءِ هن قاضي صاحب کي ابتدائي سنڌي، فارسي، علم رياضي جي تعليم ڏني ۽ "مفتاح الصلوات" به پڙهايائين، علامه قاضي صاحب ميٽرڪ تائين ڪنهن اسڪول ۾ تعليم حاصل نه ڪئي. ميٽرڪ جو امتحان 1905ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پرائيويٽ اميدوار جي حيثيت سان پاس ڪيائين. علامه صاحب هڪ سال لاءِ عليڳڙهه ڪاليج ۾ پڻ پڙهيو. پر ان کان پوءِ واپس موٽي آيو، قاضي صاحب 1907ع ۾ جڏهن سندس عمر ايڪيهه سال هئي، اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو، لنڊن پهچڻ کانپوءِ شروعات ۾ پاڻ هڪ سال تائين خانگي طرح معاشيات جو مطالعو ڪيائين. 1909ع ۾ لنڊن اسڪول آف ايڪامانامڪس ۾ داخلا ورتائين، ان کانسواءِ قاضي صاحب پنهنجي طور تي مختلف مضمونن جو مطالعو ڪندو رهيو. ڊاڪٽر برائون کان نفسيات جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ ڊاڪٽر آرنلڊ کان فلسفو پڙهيائين. ان سان گڏوگڏ طبيعات ۽ حياتيات جو به مطالعو ڪندو رهيو. انهي دوران علامه قاضي صاحب کي قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ پاڻ لنڪنس ان ۾ بار ايٽ لاءِ داخلا ورتائين. تعليم جي دوران قاضي صاحب جي ملاقات هڪ جرمن خاتون مس ايلسا سان ٿي، مس ايلسا هڪ بلند اديبه ۽ شاعره هئي، ٻنهي جو مزاج هڪٻئي سان ملندڙ هو. آخرڪار انهن ازدواجي رشتي ۾ ڳنڍجڻ جو فيصلو ڪري ورتو. اهڙيءَ طرح مس ايلسا 1910ع ۾ مسز قاضي بنجي قاضي صاحب سان وطن واپس موٽيو پر ڪجهه عرصي کانپوءِ قاضي صاحب پنهنجي گهر واريءَ سان گڏ واپس برطانيه هليو ويو. ان کانپوءِ 1919ع ۾ لنڊن کان واپس سنڌ موٽڻ تائين علامه صاحب جي زندگيءَ جا حالات تفصيل سان نٿا ملن.

    1921ع ۾ علامه قاضي صاحب ٽنڊي محمد خان ۾ ماجسٽريٽ جي حيثيت ۾ مقرر ٿيو.

    اپريل 1922ع ۾ خيرپور ۾ سيشن جج جي حيثيت ۾ مقرر ٿيو. 1926ع ۾ کيس خيرپور رياست جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو هوم ميمبر بنايو ويو. اختلافن جي ڪري 1927ع ۾ پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏيڻ کانپوءِ علامه صاحب واپس لنڊن هليو ويو. جتي ڪجهه عرصي لاءِ لنڊن اسڪول آف اورينٽل اسٽڊيز ۾ استاد ۽ ممتحن جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. لنڊن ۾ پنهنجي رهائش دوران علامه صاحب هڪ مضمون بعنوان "مشرقي شاعري ۾ غزل جو مقام" لکيو، جيڪو بعد ۾ انگلستان جي پوئٽري سوسائٽي جي رسالي "دي پوئٽري رويو" ۾ 1924ع ۾ شايع ٿيو. انهي مضمون کي ڏاڍو ساراهيو ويو ۽ پوئٽري سوسائٽيءَ جو نائب صدر نامزد ڪيو ويو ۽ علامه صاحب اها ذميداري سرانجام ڏيندو رهيو. هڪ ٻئي مقالي تي، جنهن جو عنوان هو، "فلسفو ڇا آهي"، علامه قاضي صاحب کي انگلستان جي فلاسفيڪل سوسائٽيءَ جي طرفان تاحيات ميمبر نامزد ڪيو ويو.

    1929ع ۾ علامه قاضي صاحب وري سنڌ ۾ آيو ۽ حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪئي هئائين. ڪجهه عرصي لاءِ پبلڪ پراسيڪيوٽر به رهيو پر هتي جي حالتن کان بدظن ٿي، علامه صاحب 1931ع ۾ ٻيهر انگلستان هليو ويو ۽ اتي تبليغ جو سلسلو شروع ڪيائين ۽ 1933ع ۾ "جميعت المسلمين" جو بنياد وڌائين. هن جميعت جو بنيادي مقصد اسلام جي تبليغ ۽ انگلستان ۾ مقيم مسلمانن جي فلاح ۽ بهبود هو، انهيءَ دوران علامه صاحب پنهنجي گهر واريءَ جي تعاون سان مشهور ڪتاب "خدا جي ڳولا ۾ ڀوري ڇوڪريءَ جي جاکوڙ" لکيو. اهو ڪتاب، برنارڊشا جي ڪتاب، "خدا جي ڳولا ۾ ڪاري ڇوڪريءَ جي جاکوڙ" جي جواب ۾ لکيو ويو هو. ڊاڪٽر دين محمد تاثير هڪ مشهور اديب،تعليمي ماهر ۽ نقاد، 19 سيپٽمبر 1934ع ۾ علامه سيد سليمان ندوي جي نالي خط ۾ علامه صاحب جي باري ۾ لکيو ته:

    "انهي سال لنڊن ۾ هڪ هندستاني ڀاءُ انگريزي ٻوليءَ ۾ هڪ ڪتاب بعنوان "خدا جي ڳولا ۾ ڀوري ڇوڪريءَ جي جاکوڙ"، برنارڊ شا جي ڪتاب جي جواب ۾ شايع ڪيو آهي ۽ لنڊن ۾ غريب مسلمانن جي هڪ جماعت مرتب ڪئي آهي، جيڪي عملي زندگي سان اسلام جي تبليغ ڪرڻ گهرن ٿا. اهو ڪتاب اردو ۾ ترجمو ٿيڻ جوڳو آهي.

    ليکڪ جو نالو آءِ اي (آ”) قاضي آهي، انگلستان ۾ رهي ٿو، فلسفي کان خوب واقف آهي ۽ اوڀر توڙي اولهه جو رمز آشنا آهي."

    پاڪستان قائم ٿيڻ کان ڪجهه وقت اڳ، علامه قاضي صاحب ڪراچي آيو هو ۽ هتي تبليغ جو سلسلو شروع ڪيائين، هر جمعي تي جناح هاسٽل جي مسجد ۾ خطبو ڏيندو هو. پري پري کان مختلف نظريا رکندڙ اهل علم حضرات پڻ علامه صاحب جو خطبو ٻڌڻ لاءِ ايندا هئا،پر پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ علامه صاحب هڪ ڀيرو وري لنڊن هليو ويو ۽ اتي "جميعت المسلمين" ذريعي وري تبليغ جو سلسلو شروع ڪيائين.

    پاڪستان قائم ٿيڻ کان ڪجهه عرصو اڳ، 3 اپريل 1947ع تي ڪراچي ۾ سنڌ يونيورسٽي قائم ڪئي وئي، شروعات ۾ سنڌ يونيورسٽي هڪ الحاقي ۽ امتحاني اداري وانگر ڪم ڪندي رهي. جڏهن 9 اپريل 1951ع تي علامه صاحب، سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي حيثيت سان پنهنجون ذميداريون سنڀاليون ته، سنڌ يونيورسٽي جي الحاقي ۽ امتحاني ادارن جو تعداد گهٽجي پنجن ڪاليجن ۽ چوٽيهن هاءِ اسڪولن تائين وڃي پهتو. علامه صاحب يونيورسٽي کي ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سڀ کان پهريائين "مرڪزي لائبريري" ۽ "پريس" جي قيام جو فيصلو صادر فرمايو.

    علامه صاحب جي شخصيت پرڪشش هئي، جيڪو هڪ ڀيرو ملندو هو، معتقد ٿي ويندو هو. علامه قاضي جي محنت ۽ بي لوث خدمت جي نتيجي ۾ چئن سالن جي مختصر عرصي ۾ سنڌ يونيورسٽي هڪ عظيم درسگاهه بنجي ويئي. سائنس ۽ آرٽس ۾ 24 شعبن قائم ڪيا ويا. علامه صاحب 9 سالن تائين بي لوث خدمت ڪئي، انهيءَ دوران علامه صاحب تبليغ جو سلسلو پڻ جاري رکيو، پر مارشل لا جي غير جمهوري نظام حڪومت ۾، جڏهن علامه قاضي صاحب محسوس ڪيو ته هاڻي عالمن ۽ دانشورن جي ڪا به وقعت نه رهي آهي ته علامه صاحب پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏيئي ڇڏي ۽ گوشه نشين ٿي ويو. تنهن هوندي به علامه صاحب هڪ عظيم دانشور ۽ مفڪر هئڻ جي ناتي سان تصنيف ۽ تاليف جو سلسلو شروع ڪيو ۽ وفات تائين (13 اپريل 1968ع) سنڌي ادبي بورڊ جا ڪيترائي ريسرچ پروجيڪٽ مڪمل ڪيائين.

    علامه قاضي صاحب علم و ادب، فڪر، فلسفي ۽ ڪردار ۾ هڪ جوهر ناياب هو. سندس مخاطب نوجوان نسل آهي ۽ پاڻ چاهيائين ٿي ته اسلام جي نشاط ثانيه ٿئي. علامه صاحب جي علميت جو وڏن وڏن عالمن ۽ فاضلن اعتراف ڪيو آهي. سندس مطالعو تمام وسيع هو. دراصل علامه صاحب علم جو درياهه هو. سندس ليڪچر جو موضوع فلسفو، بايولاجي، نباتات، فزڪس، ڪيميا، علم نجوم، آرٽ، فن تعمير، موسيقي، شاعري ۽ علم و ادب هوندو هو.

    سندس علم ۽ فڪر جو سرچشمو قرآن حڪيم جي حڪمت ۽ هدايت هو. علامه صاحب نظام تعليم ۽ نصاب تعليم بدلائڻ چاهيو ٿي. سندس چوڻ هو ته سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ يورپ ۾ جيڪي علوم ۽ فنون رائج ڪيا ويا، اهي سڀ اسان کان چورايا ويا هئا، هاڻ يورپ ۾ ڪجهه ناهي ۽ جيڪي ڪجهه ناهي ۽ جيڪي ڪجهه آهي، قرآن حڪيم آهي، جنهن ۾ اسان جي زندگيءَ جا مختلف پهلو بيان ڪيا ويا آهن. تنهن ڪري اسان کي صحيح طريقي سان سوچي سمجهي مسئلي جي نوعيت کي سمجهڻ گهرجي. ٻيءَ حالت ۾ جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ترقيءَ جي اميد رکڻ فضول آهي.

    دراصل علامه قاضي صاحب سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلرشپ جون ذميداريون انهي ڪري قبول ڪيون هيون ته جيئن نظام تعليم اهڙي طرح رائج ڪيو وڃي، جو اعليٰ دماغ نوجوان پيدا ٿين، جيڪي نئين ملڪ پاڪستان جون ذميداريون، سنڀالين ۽ سنڌ، جيڪا باب السلام آهي، ان جو نالو روشن ڪن۔
    روزانو عبرت جي ٿورن سان
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا علامه آءِ آءِ قاضي جي باري ۾ ايتري ڪجهه ٻڌائڻ جي مهرباني
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    743
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا محمد صادق سولنگي صاحب، جُڙيو هُجين شال۔ سائين آٌءِ آءِ قاضي مرحوم جو اهو مضمون اخبار عبرت مان اڳ۾ ئي پڙهي چُڪو آهيان، پر توهان ميڊم ايلسا قاضي ۽ سنڌ ڄائي آءِ آءِ قاضي مرحوم جون انتهائي ناياب تصويرون پڻ ان مضمون سان سنڌ واسين سميت پوري دنيا جي سنڌين سان شيئر ڪيون آهن جنهن لاءِ آئون توهان جو انتهائي ٿورائتو آهيان. جيجي ايلسا قاضي مرحومه ۽ قاضي صاحب مرحوم نه صرف سنڌ ڏاها هُئا پر مونکي اهو چوڻ ڏنو وڃي ته اهو دنيا جا ڏاها هُئا. انهن علم ۽ ادب جي خدمت بلڪل سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ڪئي. اهڙي بهترين مضمون شيئر ڪرڻ تي توهان لکين کيرون لهڻو​
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    بلڪل ادا توهان کيرون لهڻو
    shabash
    shal judy hujeen
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: علامه آئي آئي قاضي

    ادا سولنگي صاحب علامه آء آء قاضي صاحب تي محمد يعقوب مغل جو لکيل مقالو بهترين مقالو آهي۔ ان سان گڏ توهان پڻ بهتير تصويرون ونڊ ڪيون آهن
    ادا جڏهن ته مون وٽ به علامه صاحب ۽ سندس گهرواري جون هڪ ٻه تصويرون آهن مان اهي هتي ڏيڻ مناسب ٿو سمجهان۔ اميد ته تصويرون پسند اينديو۔


    [​IMG]


    [​IMG]

    [​IMG]
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: علامه آئي آئي قاضي

    ادا صادق مهرباني
    توهان قاضي صاحب جي تاريخ وفات ٻڌايو ۽ سندن وفات ڪيئن ٿي جو ان باري ۾ مون وٽ معلومات نه آهي ٻڌل ڳالهين تي مان يقين نه ٿو ڪريان تحقيقي ڳاله ٻڌايو ته مهرباني ٿيندي
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: علامه آئي آئي قاضي

    5۔1 مهينو گذرڻ باوجود جواب ڪونهي
    يار وڄائي ڇڏيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو