اياز عالم ملوڪاڻي خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    نصرپور جو استاد ۽ شاعر
    اياز عالم ملوڪاڻي
    خادم گھراڻو

    نصرپور ۾ اهڙا ڪيترائي شاعر اديب آهن جيڪي اڃا تائين پرنٽ ميڊيا يا سوشل ميڊيا تائين نه آيا آهن پر اهي پنهنجي لڪل صلاحيتن کي گڏجاڻين ۾ ظاهر ڪندا رهندا آهن . انهن مان اياز ملوڪاڻي به هڪ آهي هن جو اصل نالو محمد عالم ولد محمد قاسم انڙ آهي سندن ادبي نالو اياز عالم ملوڪاڻي آهي . سندن جنم نصرپور لڳ ديهه ڀٽڪي جي ڳوٺ محمد ابراهيم انڙ ۾ 04 فيبروري 1958ع ۾ ٿيو پرائمري تعليم ميمڻ محلا اسڪول مان 1972ع ۾ پنج درجا پڙهي حاصل ڪيائون مئٽرڪ هائي اسڪول نصرپور مان 1977ع ۾ ڪيائون انٽر ايس ايم ڪاليج ٽنڊوالهيار مان 1985ع ۾ حاصل ڪيائون بي اي پرائيويٽ سنڌ يونيورسٽي مان 1993ع ۾ حاصل ڪيائون اسڪائوٽنگ جي ٽريننگ 1988ع ۾ پي ٽي سي ايليمينٽري ڪاليج حيدرآباد مان 1988ع ۾ حاصل ڪيائون . تعليم کاتي ۾ 27 جنوري 1983ع ۾ بطور پرائمري استاد جي ڀرتي ٿيا .هن وقت او سي ميمڻ محلا مسجد اسڪول نصرپور جا هيڊ ماستر آهن جتي 2006ع کان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهيا آهن .سندن پسند جا استاد مرحوم مير محمد هاشم دائودپوٽو . پيرل پياسي ( جيڪو شاعر به هو ) سيد غلام قادر شاھ بخاري مرحوم جن آهن .پاڻ ادبي دنيا ۾ 1982ع ۾ آيا هن وقت تائين ڏهه ڪهاڻيون نظم ۾ مختلف صنفن تي ڪافي لکي چڪا آهن پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ نصرپور ۾ اڳ ب رهيا آهن هن وقت به ان ۾ آهن ان جي ڪاروباري ڪميٽي جا ميمبر آهن ان کان سواءِ ڪاروان ادب سنڌ ،شاھ لطيف رائيٽرز ڪلب نصرپور ، ۾ به ميمبر ٿي رهيا آهن سندن نصرپور مان ڪنهن وقت نڪرندڙ رسالن ۾ مواد ڇپبو رهندو هو . ڪجھه عوامي آواز ۾ به سندن چوڻ موجب ڇپيو آهي .سماجي تنظيمن جي حوالي سان درس محلا ڪميٽي ۾ ميمبر ۽ انڙ ويلفيئر ايسوسئيشن ۾ جنرل سيڪريٽري ٿي رهيا آهن . پاڻ جمعيت العلماءِ اسلام جا خزانچي به ٿي رهيا آهن . جتي سندن ادبي سماجي ماحول سان تعلق رهيو آهي اتي پاڻ نصرپور جا ڪنهن وقت ۾ هڪ سٺا رانديگر به ٿي رهيا آهن پاڻ ڪيترن ئي راندين جا مشهور کلاڙي رهيا آهن جن ۾ ڪرڪيٽ ، والي بال ، ڪٻڊي ، ونجهه وٽي هاڪي ، فوٽ بال ۽ ملهه وغيره .پاڻ ڪافي وقت کان لکندا رهيا آهن سندن چوڻ موجب هاڻي مواد ڪافي آهي هڪ ڪتاب جيترو آهي . پاڻ هن وقت جنهن عمر جي ڏاڪي ۾ آهن ان وقت به والي بال رهندا آهن ان جا بهترين رانديگر آهن . اياز عالم ملوڪاڻي جي هڪ خاص ڳالهه اها آهي ته هن جي عمر گذري ويئي آهي پر ڪڏهن به چانهه نه پيتي آهي سندن چوڻ موجب منهنجي صحت جو راز به اهو آهي جو آئون چانهه کي نه پيئندو آهيان .اسان جي دعا آهي سدائين خوش رهي ادب جي خدمت ڪندو رهي .
    هن وقت سائين اياز عالم.پنهنجي سروس پوري ڪري رٽائر ٿيو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو