ھار کي فتح ۾ بدلائڻ ناممڪن نه آهي

'مختلف موضوع' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏21 سيپٽمبر 2020۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88

    تحرير سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

    ھن ڌرتيءَ تي جيڪو به انسان جيڪو ڪجھ به ڪري ٿو ان جو بنيادي مقصد پنھنجي ڪاميابي ۽ ڪامراني کي يقيني بڻائڻ ھوندو آھي. ڪڏهن ڪڏهن ھڪ انسان ھڪ وڏي ڪاميابيءَ لاءِ سنئون سڌو ڪوشش ڪري ٿو پر ٺڳجيءَ وڃي ٿو.
    وري ٻئي طرف اسان کي ائين ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته کوڙ سارين ننڍين ننڍين ڪاميابين کي يقيني بڻائڻ جي صورت ۾ انسان جو پنھنجي محنت تي اعتماد وڌي ٿو ۽ پوءِ اسان ڏسون ٿا ته اھو ساڳيو شخص ھڪ وڏي ڪاميابيءَ جي طرف وڌي ٿو جتان ھون ڪامياب ۽ ڪامران ٿي واپس موٽي ٿو.
    ڪاميابيءَ جي ڪوشش ڪرڻ وارن کي ڪجھه معاملن ۾ ناڪاميءَ جو به منهن ڏسڻو پوندو آهي. ھيء ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ڪوشش ڪرڻ وارا ڪامياب ۽ ڪامران ٿيندا آهن ته ناڪام ٿيڻ وارا به اھي ئي ھوندا آھن جيڪي ڪوشش ڪندا آهن. ۽ جيڪي انسان ڪجھه به نٿا ڪن اھي وري نڪو ڪامياب ٿين نڪو ناڪام ٿين ٿا. ناڪاميءَ کان بچڻ لاءِ جيڪو انسان ڪجھه به نٿو ڪري ان لاءِ اھيو ڪو چڱو آپشن نه آهي. ناڪاميءَ جو خوف انسان کي بزدل بڻائي ڇڏي ٿو. ۽ جيڪو انسان پنھنجي دامن کي ناڪامي جو داڳ نٿو لڳائڻ چاهين، يا سوچي ٿو ته مان ھن ڪم ۾ ناڪام ٿي ويندس ان ڪري ان ڪم کي سرانجام نٿو ڏي، پوءِ ڄڻ ته اھو انسان جانورن وانگر زندگي گذاريندو آهي.
    دنيا جو وڏي ۾ وڏو دولت مند ۽ آمريڪا جو شاھڪار بل گيٽس چوي ٿو ته: ڪاميابيءَ ۽ ڪامراني جو جشن ملهائڻ سٺي ڳالهه آهي پر ناڪاميءَ مان پرايل سبق کي ياد رکڻ ضروري آهي.
    اسان وٽ وري ناڪام انسان کي ھميشہ مايوسي ۾ مبتلا ٿيندي ڏٺو ويو آهي. پر اسان سڀنين کي اھيو ھرگز نه وسارڻ گهرجي ته ھر ناڪامي اسان سڀنين کي ڪجھه نه ڪجھه ضرور سيکاريندي آهي، ۽ انھن کي ياد رکڻ اسان سڀنين لاءِ ضروري ۽ موھم آهي. ۽ اگر اسان انھن ناڪامين مان ڪجھه سکڻ نه چاھيون ۽ پنھنجين غلطين کي درست ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪيون ۽ مڙي پيا زندگي گھارڻ کي ترجيحي ڏيون، ته ياد رکجو اسان ڪجھه ڪرڻ ۽ ڪجھه ٿيڻ جي موقعن کي ذيان ڪري رھيا آھيون.
    ڪنھن به شعبي ۾ ناڪام ٿيڻ وارا انسان ياد رکن ته ھر ناڪامي توهان سڀنين کي اھيو موقع فراهم ڪري رھي آھي ته توهان سڀ پنھنجين خامين ۽ غلطين جو سراسري جائزو وٺو، تاڪي انھن کي ڌھرائڻ کان بار بار بچي سگھون.
    ھاڻ اچو ته پاڻ سڀ ڏسون ته ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ ڪھڙي طرح سان اڻ ٿڪ محنت ۽ ھڪ وڏي جھدو جھد جي ذريعي پنھنجي ڪاميابيءَ ۽ ڪامراني کي ڪيئن يقيني بڻايو وڃي؟
    (1) ناڪاميءَ جو چڱي طرح سان جائزو ورتو وڃي، اڪثر ڪري اسان سڀنيءَ پنھنجن وڏڙن کان ٻڌندا آھيون ته ڪنھن به مسئلي کي ان وقت تائين حل نٿو ڪري سگهجي جيستائين ان مسئلي کي چڱيءَ طرح سان سمجھيو نٿو وڃي. اھيو ئي ساڳيو مسئلو پاڻ سڀنيءَ جي ناڪام ھئڻ جو به آھي. جيستائين اسان ناڪامين کي نه سمجھندا سين اوستوڻي اسان کي ڪاميابيون به سمجھ ۾ نه اينديون. حقيقت ۾ ناڪامي ھڪ اشارو ھوندي آھي ته اسان کي ڪاميابي جي طرف ڪيئن وڌڻ گھرجي؟ ڪھڙين ڳالھين کان اسان کي بچڻون آ / ۽ ڪھڙن معاملن ۾ اسان سڀنين کي غور ويچار ڪرڻو آ / اسان سڀنين کي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ناڪاميءَ واري مرحلي مان لنگهڻو آھي. ناڪاميءَ کي لوڌي ۽ ان سان نفرت ڪرڻ جي صورت ۾ اسان ڪاميابيءَ واري رستي تي نٿا ھلي سگھون.
    (2) ناڪاميءَ کي ڪاميابي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پنھنجي خيالن ۽ اعمالن جو تنقيدي جائزو ورتو وڃي.جڏھن اسان پنھنجن اعمالن ۽ خيالن جي ڇيڙي تائين پھچو ٿا، تڏھن ئي اسان پنھنجين خامين ۽ غلطين جو درست اندازو لڳائي سگھون ٿا. ۽ اھڙي طرح سان پنھنجي وجود کي صحيح پرکي سگھون ٿا. جيڪو پنھنجي وجود کي پرکڻ ۾ ڪامياب ۽ ڪامران ٿي وڃي ٿو، اھوئي انسان سولائيءَ سان دنيا ۽ دنيا وارن کي پرکي سگهي ٿو.
    (3) ھر ڳالھه کي قسمت ۽ تقدير تي ڇڏي ڏيڻ به ڪو سٺو عمل ناهي. جيئن اڪثر ڪري پنھنجي معاشري ۾ چيو ويندو آهي ته يار محنت ته گھڻي ڪيم پر قسمت ۾ ڪاميابي ڪونه لکيل ھئي. ھر معاملي ۾ يا ھر ڪم ۾ قسمت يا تقدير اسان جي ڪاميابي جي رستي جو رڪاوٽ نٿي بڻجي. عام طور تي اھيي اسان جون غلطيون ۽ ڪوتاهيون ھونديون آهن جيڪي اسان جي ڪاميابي ۽ ڪامراني جي راھ ۾ رڪاوٽون بڻجن ٿيون. پنھنجين غلطين کي تسليم ڪرڻ جي بدران تقدير يا قسمت کي ڏوھي قرار ڏيڻ وارا اھي انسان ھوندا آھن جن ۾ ڪجھه نه ڪرڻ جي سگھه ۽ جيڪي محنت ڪرڻ کان ڪيٻائيندا آهن. ھر ڪامياب انسان ۾ اھيان خصلت ھوندي آھي جو ھون پنھنجين سٺين خوبين تي ناز ڪندو آهي، ۽ پنھنجين غلطين کي تسليم ڪندو آهي ۽ انھن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
    (4) جيڪو ڪجھه ٻيا ڪري رهيا آهن، اھو ساڳيو ڪم ڪرڻ سان ڪاميابي ته حاصل ٿئي ٿي ته پر عام طور تي نمايان ۽ شاندار ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسان کي ڪجھه نئون ڪرڻ لاءِ ھميشه تيار رھڻ گھرجي. اسان سڀنين کي جيڪو ڪجھه به ڪرڻ گھرجي ان کي وڏي شوق ۽ بھرپور جذبي سان گڏوگڏ نئين انداز ۾ ڪرڻ گھرجي تاڪ ماڻھون اسان جي ڪاميابي ۾ فرق محسوس ڪن. ھون به دنيا وارن جو دستور آهي جئين ئي ڪنهن نئي ايجاد کي ڏسندا آهن، ان جي طرف ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ لاڙو ڪندا آهن. ۽ اھي ماڻھون ان جي ايجاد کي وڌيڪَ پسند ڪندا آهن.
    (5) اگر اسان سڀنين کي اڳتي وڌڻو آهي. ۽ ناڪاميءَ کي ڪاميابي بڻائڻو آهي ته ڪنھن به معاملي يا ڪم جي اونداھيءَ واري پھلو کي ڳولڻ جي بدران ان جي سٺي ۽ روشن پھلو کي ڳولڻ کپي. زندگيءَ اسان کي ھر معاشري جي ھر ماحول جو مزو وٺرائي ٿي. ۽ ھڪ انسان کي ھر وقت ھر ڪم ۾ ڪاميابي نٿي ملي. ڪڏھن ڪڏھن دنيا جي ڪامياب انسانن کي به زندگي ناڪاميءَ جو مزو وٺرائيندي آھي. اھيو ئي زندگي جو دستور آهي. ھون به اگر اسان سڀ کٽينداسين ته پوءِ ھارائيندو ڪير؟ توھان جي کٽڻ لاءِ ٻئي ڪنهن جو ھارڻ لازمي آهي. ڪڏھن ڪڏھن ان جي ابتڙ به ٿيندو آهي. مثال طور تي ڪڏهن اسان کي ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پوندو آهي، ۽ ٻيا ڪاميابي ۽ ڪامراني ماڻي وٺندا آهن.
    (6) سوچڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ واڌارو آڻيو. جيڪي ماڻهون سوچين ٿا اھي ئي پنھنجي عمل ۾ ڪامياب ٿين ٿا. ڪنھن بہ شعبي ۾ ڪامياب ٿين لاءِ ٻين جي سوچ تي ھلڻ جي بدران پنھنجي سوچ ۽ فڪر تي ھلو. جيڪي ماڻهون وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪرڻ چاھين ٿا، انھن لاءِ سوچڻ کان وڌيڪَ ٻيو ڪو ڀلو آپشن نه آهي. ياد رکو ھر ڪم ڪرڻ کان پھريان ان ڪم ۾ سوچ ويچار لازمي ڪريو.
    جيئن ھڪ معروف ۽ مشھور مصور مائيڪل اينجلو چوي ٿو ته: اگر ماڻھن کي اھيان خبر پئجي وڃي ته مھارت حاصل ڪرڻ لاءِ مون ڪيڏي محنت ۽ جھدو جھد ڪئي آهي. ته انھن کي منھنجو ڪم ڏسندي ڪا حيرت نه ٿيندي.
    (7) اھيو اسان سڀنين کي وسارڻ نه گهرجي ته وڏي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ذھن ۾ ھڪ وڏي وسعت ھئڻ گھرجي. ذھن کي وسعت ڏيندي اسان اسان ڪنھن به وڏي مقصد کي حاصل ڪري سگھون ٿا. جيستائين چٽا ھدف اسان جي آڏو نه ھجن، تيستائين اسان ڪنھن به ڪم کي دلچسپي سان سرانجام نٿا ڏئي سگهون. ھدفن کي منتخب ڪرڻ وارو معاملو به وڏو عجيب آهي. ڪنھن وڏي ھدف جي پويان ڀڄڻ کان بھتر آھي تہ ڪجھه ننڍن ننڍن ھدفن جي ذريعي ڪنھن وڏي ھدف جي منزل تائين پھچيو وڃي.
    بس نتيجو اھيو نڪتو ته ناڪاميءَ کي ڪاميابي ۾ تبديل ڪرڻ ڏکيو ڪم ضرور آھي، پر ناممڪن ته ڪنھن به صورت ۾ نه آهي. دنيا ۾ اسان کي کوڙ سارا اھڙا انسان ملندا جن ناڪاميءَ ۾ پنھنجو سڀ ڪجھه لٽائي ڇڏيو. پر انهن محنت ڪئي ۽ ھڪ نئي جذبي سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اھي ئي انسان اسان سڀنين لاءِ ھڪ وڏي مثال بڻيا آهن. سوال فقط محنت نه ھارڻ جو آهي. پريشاني ۾ مبتلا ٿيڻ کان ڀلو آھي ته ڪو ھنر سکيو وڃي. ۽ جنھن به ڪو ھنر سکي ورتو ان جو ٻيڙو ڪڏهن به ٻڏندو ڪونه. ڪا به ناڪامي ماڻڻ کان پوءِ خاموش ٿي ويھي رھن ڪو ڀلو آپشن نه آهي. ان ڪري محنت ڪريو ۽ پنھنجي ڪاميابيءَ کي يقيني بڻايو.

    hzaheer145@gmail.com
     
    ايس ايم درس هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو