تاريخ ۽ انقلاب

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ فهد ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2020 18:46 وڳي۔

  1. فهد ميمڻ

    فهد ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 نومبر 2010
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    Software Developer
    ماڳ:
    Hyderabad sindh - Native Village - Shah Panjo Dist
    تاريخ کي ڪير به دوکو نه ڏئي سگهيو آهي

    ڪائنات اهڙي جنت آهي جيڪا ڪا به شي فضول نه ٿي ٺاهي، هتي جنهن جي به جيڪا به ضرورت آهي سا ڪنهن به صورت ۾ ان کي ملي ٿي، ڪنهن به جز سان ناانصافي نه ٿي ٿئي. ايتري قدر جو ڪائنات پاڻ به ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن سان ناانصافي نه ٿي ڪري. تاريخ وڏي ڪفايت شعار آهي.

    ڪائنات ڇا آهي؟

    لکت تاريخ کان به اڳ ۽ شروعاتي لکتي تاريخ تائين انسان ائين سمجھندو هيو ته ڌرتي ڪائنات جو مرڪز آهي، پر هاڻي انسان توڙي ٻي زندگيءَ کي خبر پئي آهي ته ڌرتي صرف چنڊ ۽ زندگيءَ جو مرڪز آهي. ان منزل تائين پهچڻ لاءِ مسلسل بحث وارا دليل ۽ اوزار استعمال ڪيا ويا. جديد جدلياتي مطلب تضادن جي ٽڪراءَ مان اڀرندڙ ترقيءَ واري طريقي موجب ڪائنات ۾ مسلسل مادي ۽ حرڪت جا تضاد پاڻ ۾ جڙي رهيا آهن، جن جي نتيجي ۾ ڪائنات مسلسل ترقي ڪري رهي آهي. تضاد ٻن قسمن جا آهن. هڪڙا تاريخ جا يعني گذريل وقت ۽ هلندڙ ۽ ايندڙ وقت بلڪل هڪ ٻئي کان مختلف آهن، بلڪل متضاد آهن. ٻيو مادي جا تضاد يعني ڪنهن به جسم جا واڌو ۽ ڪاٽو تضاد، مثال طور تي تاريخ يعني گذريل وقت ۾ جنم وٺندڙ جسم جهڙوڪ ابو ڏاڏو پنهجي اولاد جي خوراڪ جا ذميوار هوندا آهن پر اولاد وري عشق ڪرڻ سان يعني مادي جي واڌو ڪاٽو جسمن يعني عورت ۽ مرد جي ميلاپ سان ملندو آهي. يا سيڪس سان پيدا ٿئي ٿي. ڪائنات ۾ جمهوريت يا ڪل جي خوبي هوندي آهي جيڪا جز کي پنهنجي حدن اندر هلائڻ جي قابل هوندي آهي يعني شاخون معاشيات ۾ وڏو ڪردار ادا ڪنديون آهن. پر نيٽ ورڪ يعني هم خيال دوست انسان کي پنهنجي تضاد سان ملائڻ يعني عاشق کي معشوق سان ملائڻ جا ذميوار هوندا آهن.

    ائين انسان ۽ ٻيا جانور چئن عنصرن جا ٺهيل آهن، ڇوڪري ڇوڪرو، ماءُ پيءُ ۽ ٻار، ٻه عنصر وقت جا ٻه وقت مادي جا، انهن چئن ۾ هر شي ورهايل آهي هر شي انهن چئن کي ٺاهي ٿي، جيڪو به انهن چئن عنصرن مان ڪنهن سان به ملائي ٿو سو ڪائنات يعني جمهوري عمل کي وڌائيندڙ فرد يا ڪلچر آهي، ۽ اهو دوست آهي، جيئن ته چيو ويندو آهي ته خدا هر جڳه تي موجود آهي، ائين ئي ڪير به ضرورت موجب انهن چئن مان ڪنهن سان ملائي جمهوريت سان وفا ڪري ٿو، ۽ جمهوريت جو اصول به اهو آهي ته هڪ جو ڏک سڄي ڪائنات جو ڏک آهي، هڪ جي تندرستي سڄي ڪائنات جي تندرستي آهي، وقت جو عنصر اهم آهي ڪير به فرد هڪ ئي وقت انهن چئن ئي عنصرن سان نه ٿو ڳنڍيل رهي، ڪڏهن فرد ابي امان سان ڳنڍيل رهي ٿو ته ڪڏهن عشق سان ڳنڍيل هوندو آهي، ائين به نه آهي ته ڪو هڪ فرد يا مرشد هميشه لاءِ ڪنهن ساڳئي ماڻهوءَ کي ابي امان سان يا عشق سان ملائڻ جو سبب بڻجندو رهي، پر اهو ڪم هر وقت مختلف فرد يا ڪائناتي عنصر نڀائيندا رهن ٿا، ڪڏهن الف ج کي عشق سان ملائي ٿو ته ڪڏهن ج الف کي ابي امان سان ملائي ٿو، ۽ اهو انصاف يا عمل پاڻ مرادو جاري رهيٿو. ڪير به انسان ائين نه آهي جو سڄي ڪائنات جي دولت جو مالڪ بڻجي ۽ صحت مند هجي هو ڦاٽي پوندو بيمار ٿي پوندو ۽ ائين به نه آهي جو سڄي ڪائنات کان محروم هجي ۽ اڪيلو ٿي پوي ائين هو بکيو مري ويندو ۽ اڪيلو ٿي پوندو، ان ڪري اهو به ضروري آهي ته ماڻهو شراب “طهورا“ پيئندو به رهي ۽ پياريندو به رهي.

    مطلب اهو ابي امان يا سماج يا امير جي وس ۾ ئي نه آهي ته هو فرد کي ان جي ضرورت جون شيون مهيا نه ڪري ۽ اهو به هڪ ڪائناتي عمل آهي ته انسان جون ضرورتون پوريون ٿينديون رهن ٿيون اهو به غريب کي سستو ۽ امير کي مهانگو واري اصول موجب.

    جيئن پاڻي مٿاهين تي بيهي ناهي رهندو بلڪه هيٺاهينءَ تي وهڪرو ٺاهي وهندو آهي ائين ئي غريب کي ماني سستي ملندي رهندي آهي ۽ جنهن وٽ ايمان يا خوراڪ جي دولت جام هوندي آهي ان کي شيون يا ايمان مهانگو ملندو آهي، ان جو مثال بوريت به آهي جيڪا به شي حد کان وڌيڪ وڌندي انسان ان کي ڇڏي ڏيندو، شراب جو ڊوز وڌي وڃڻ جيڪري انسان بيمار ٿي پوندو، ۽ وڌيڪ شراب مان بور ٿي پوندو، ۽ غريب وڌيڪ بک مان بيمار ٿي پوندو، پوءِ خبر پوندي ته ها ٻيلي امير ڦاٽي ٿو ان ڪري ان جي مجبوري آهي ته خوراڪ يا پئسو مفت ورهائي ان ڪري ئي چوندا آهن ته جمهوري معاشي نظام ۾ ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿي ٿئي.

    اهليت موجب ڪم ۽ ضرورت موجب اجرت هميشه هرجڳهه تي عمل ۾ آهي، هن ڪائنات جي ڪا به ابتدا نه آهي ۽ نه ئي ڪا انتها آهي، ڪائنات لامحدود آهي، تبديلي اڻ کٽ عمل آهي، ڪهڪشان کان وٺي ايٽم تائين هر شي لامحدود ڪائنات جو جز آهي. ۽ ڪائنات هڪ جمهوري ڪلچر آهي، وڏا جسم جهڙوڪ ڌرتي ان ڪهڪشان جو جز آهي ۽ انسان ان جو جز آهي، ڌرتيءَ يا ڪهڪشان کي انسان يا زندگيءَ لاءِ مرڪزي حيثيت ڪائنات ڪل کان ثقافتي ورثي ۾ ملي. وري هر جز پهريائين ڪائنات جو جز آهي ۽ پوءِ ڌرتيءَ جو جز آهي، ڪنهن کي ڪو پيغام ڪنهن تائين پهچائڻو آهي ته اهو ڪائنات ذريعي به پهچائي سگهي ٿو ته ڌرتيءَ جا ميمبر ڌرتيءَ ذريعي به پيغام پهچائي سگهن ٿا، جهڙي نموني ڪهڪشان جي گرد سج سفر ڪري ٿو، سج جي گرد ڌرتي سفر ڪري ٿي، ڌرتيءَ جي گرد چنڊ ۽ زندگي سفر ڪري ٿي، ائين ئي انسان به پنهنجي پيءُ ماءُ اڳيان مالي حوالي سان عمل طور تي ۽ عشق سان برابريءَ ۽ نئين زندگي ٺاهڻ طور تي عمل ۾ رهي ٿو.

    اهو ئي قانون ائٽم ۾ به ڪارفرما آهي ته جنهن ۾ نيوٽران جي گرد اليڪٽران، پروٽان ۽ انهن مان ڪنهن هڪ جي گرد پازيٽران گردش ڪري ٿو، ساڳيو قانون سج چنڊ ڌرتي ۽ بحث ۾ به عمل ۾ ثابت ٿيو ۽ وري ماليات ۾ به.

    بحث ۾ ڪنهن خاص موضو جو دليل، ان جو جواب ڪنهن خاص موضوع جو رد دليل ڪنهن ٻئي طرفان ته وري نتيجو وري ڪنهن ٽئين طرفان ڏنو ويندو آهي، دليل ۽ رد دليل ڪنهن موضوع جا بنياد ۽ نتيجو موضوع جو ٻار هوندو آهي، ٻار يعني نتيجو وري دليل طور تي بنياد طورتي اڳتي وڌي ٿو. جنهن کي ڪو ٻيو رد دليل ملي ٿو، اهو هيو فلسفو.

    خبر: سبب: ۽ رد عمل يا انقلاب، وري رد عمل ٻيهر خبر بڻجي وڃڻ.

    ماليات به ائين ئي آهي خوراڪ: عمل ۽ نتيجو يا وري ان پٽ داخلا، پراسيس عمل ۽ آئوٽ پٽ، تاريخ به ائين ئي آهي ڪٿان شروع ٿي، هن وقت ڪٿي آهي ۽ منزل ڪهڙي اٿس، يا وري، منزل کي وري شروعات بڻائڻ.

    بنيادي طور تي فلسفو يا علم ٻنهي شين جو ٿي سگهي ٿو حرڪت جو يعني تاريخ جو به ته مادي جو به. مطلب ته حرڪت توڙي مادي کي علم ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو، مثال طور تي الف: د: کي ماني کارائي، د: انب جو وڻ پوکيو، انب جي وڻ هيٺان ج آرام ڪيو ۽ ث انب پٽي کاڌو، ج وري الف جي ٻارن کي ماني کارائڻ لاءِ تعليم ۽ ٻج ڏنو ته اهو سلسلو هلندو رهيو.

    سماج ۽ فرد: نر ماد: ۽ ننڍي وڏي وارن يونٽن ۾ وقت جي وقفي سان هر جز هڪ ٻئي جي مدد ڪندي سماج ٺاهي ٿو، جتي ڪو به فرد سموري جو مالڪ نه ٿو بڻجي، نه ئي ڪو فرد سموري کان وانجھيل رهي ٿو، ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ڪير به هميشه لاءِ اميريءَ ۾ خوش ڪونه ٿو گذاري، نه ئي ڪو غريبيءَ ۾ هميشه غمغين رهندو، بلڪه ڪو به فرد جيڪڏهن ان جي ابتڙ عمل ڪندو ته اهو وري به ضرورت جي قانونن موجب تبديل ٿي ويندو، ۽ هڪ مثال ڇڏي ويندو ته ٻيلي مان فطرت جي معيار موجب غلط هيس، تنهن ڪري تبديل ٿي ويس، اوهان ان رستي تي نه هلجو، ٻيو ته سماج توڙي ڪائنات هلي ئي ضرورت جي قانون موجب ٿي، سائنس جو اصول آهي ته ننڍي شي تي تجربو ڪري وڏي شي تي عمل ڪيو، مثال ماچيس جي تيليءَ تي باه ٻاري ان ۾ هٿ هڻي ڏسو خبر پوندي ته تڪليف ٿي ملي يا راحت، پوءِ فيصلو ڪيو ته وڏي باه کان بچجي يا نه، يا وري جيڪو وڏي باه ۾ ڪريو آهي ان کي بچايو، ۽ وڏي باه ۾ ڪرڻ جا سبب دور ڪيو، ڇو ته هڪ جو ڏک سڀني جو ڏک آهي.

    ضرورت جو فلسفو به ائين ئي آهي، ڪنهن شي جي ضرورت، ان لاءِ جدوجهد، ان کي حاصل ڪرڻ يا استعمال ڪرڻ، وري جيڪا شي پيدا ٿئي استعمال بعدان کي ڪنهن ضرورت مند تائين پهچائڻ يعني ضرورت مند جي ڳولا ڪرڻ انهن ٽنهي شين ۾ ڌرتيءَ جي مئنيجمينٽ ۽ ان طرفان تسلي اهم آهي انسانن ۽ زندگيءَ لاءِ، اسان مٿئين سموري فلسفي ۾ ڪنهن نه ڪنهن مقصد لاءِ ئي سڀ ڪجھ ڪرڻو پوي ٿو، مقصد مسئلو حل ڪرڻ به آهي ته ان کي حل ڪرڻ لاءِ نوان مسئلا حل ڪندو رهڻ به ان مقصد ۾ شامل آهن. يعني هر شي ڪنهن نه ڪنهن مقصد خاطر تخليق ڪئي وئي آهي.


    تاريخ، معاشيات، جاگرافي، جنس ۽ انقلاب

    جڏهن اڃا تهذيب به جنم نه ورتو هيو ته اتر قطب طرف مادراڻو يا عورتاڻي حاڪميت وارو سماج عمل ۾ هيو، عورتاڻو سماج ڏکڻ قطب تائين پهچندو رهيو، ۽ ڏکڻ قطب تي پهچڻ دوران پدراڻي شڪاري سماج کي جنم ڏيندو رهيو، جيڪو وري ان دوران ئي ڏکڻ قطب کان اتر قطب طرف وڌندو رهيو. عورتاڻو سماج جتي عورتون ۽ مرد ڪاٺيون هٿ ۾ پڪڙي وڻن ۾ ڦل فروٽ پٽي کائيندا هيا، ان سان هٿ جي جوڙجڪ ٺهي آڱوٺو چئن آڱرين کان ڌار ٿيو، هٿ جي هنر زور ورتو ته جنگل جا شڪاري جانور انسان جو شڪار ڪرڻ لڳا ائين پراڻو عورتاڻو سماج زوال پذير ٿيڻ لڳو، ۽ ان جي جڳهه تي مرداڻو سماج جنهن ۾ مرد طاقت ورتي جانورن کي شروع ۾ روڪڻ لڳو ۽ بعد ۾ اخروٽ ۽ ٻيا فروٽ پٿر سان ٽوڙي کائڻ لڳو ۽ شڪاري جانورن خلاف انسان پاڻ ۾ ٻڌي ڪري انهن جو ئي شڪار ڪرڻ لڳو، اهو شڪاري طريقو وري ڏکڻ کان اتر طرف کان وڌندو هلڻ لڳو. ان دوران انسان غارن ۾ رهيو، پٿر جااوزار استعمال ڪيائين جنهن سان هٿ جي بناوٽ تي ڍال ۽ ڇيڻيون اوزار ٺاهيائين، جنهن سان ٻانهون ڊگھيون ٿيون، ان دوران ڪي ڪمزور انسان شڪار ڪري نه سگهندا هيا يا ڪي طاقت ور زخمن يا موت جي ڊڄ کان ٻين جو گوشت کسي کائيندا هيا، انهن لاءِ سماج خاص رعايت ڪري کين شڪاري ۽ خطري جي عمل کان آزاد ڪيو، جن وري باه دريافت ڪئي ۽ شڪارين جي خدمت چاڪري ڪئي ۽ مفت شڪار جو گوشت ۽ ميوا کائڻ لڳا ته صحت مند ٿي پيا پوءِ شڪار جي عمل کان ڪٽجي ويا ۽ ڌاڳو ڦيڻو تعويذ ڪرڻ لڳا بعد ۾ شڪار لاءِ هٿ جا اوزار ٺاهڻ لڳا آهستي آهستي شڪار جي تربيت به ڏيڻ لڳا ۽ ايترا طاقت ور ٿي ويا جو شڪاري محنت ڪش کين سجدو ڪرڻ لڳا ۽ هو حلال حرام ڪفر ۽ ايمان جا فتوا ڏيڻ لڳا، پر عمل علم کان وڌيڪ متحرڪ هوندو آهي، جنهن ڪري جادوگر مولوي صرف فلسفي ۾ ئي ماهر رهيا ۽ هنن ڪائنات ۽ ملڪيت بابت فلسفياڻا بنياد وڌا ۽ ڄاڻي واڻي شڪار ۽ خطري جي عمل کان بچي مفت گوشت جا لالچي ٿي پيا. اهي ئي جادوگر ۽ مولوي پنڊت ۽ پادري ۽ ان بعد سياسي اڳواڻ بڻيا. هر ماڻهو چاهيندو هيو ته هو شڪار نه ڪري ۽ جان جوکم ۾ نه وجھي ان ڪري ٻئي جو گوشت کڻي کائيندا هيا، ان سان به ۽ ٻيو ڀالي ۽ تير ڪمان جي ايجاد سان گوشت گھڻو ملڻ لڳو، ۽ ذخيره اندوزيءَ جو رواج پيو، هاڻي لکين سالن جي تاريخ غارن، هٿ جي اوزارن ۽ باه جي ايجاد بعد انسان ڏکڻ قطب کان اتر قطب تائين وڌي رهيو هيو، هوڏانهن عورتاڻو سماج به اتر قطب کان ڏکڻ قطب طرف وڌي رهيو هيو. ۽ نئون پدراڻو قبيلو ملڪيتي سماج ۽ شروعاتي مذهب يا فلسفي ۽ سائنس جو بنياد پيو، شڪاري سماج ڏکڻ قطب تي تڏهن معياري بڻيو جڏهن پوري دنيا تي عورتاڻو سماج شڪسته بڻيو. ياد رهي ته اهو سفر موجوده سفر کان اڳ جو آهي. عورتاڻو سماج تڏهن معياري حوالي سان اهميت وڃائي جڏهن پدراڻي سماج پنهنجي اڪثريتي فائدن موجب معياري بڻيو.

    سو ڳالهه پئي ڪئي سين ته پدراڻي سماج جو شڪاري سماج پهريون پدراڻو سماج هيو، جيئن ته تاريخ جي هر دور ۾ اهو معلوم ٿيو آهي ته پيداوار اوزار ۽ معاشي طريقيڪار ئي انقلابن جو سبب بڻبا آهن، هاڻي ڏکڻ طرف پدراڻوسماج شروع ٿيو ته اهو واپس اتر طرف وڌيو ۽ جتي به پراڻي عورتاني سماج جا بنياد مليس انهن کي ختم ڪندو ويو، جيئن مشهور آهي ته يونان ۽ عربستان ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ تهذيب کان اڳ زرعي ۽ ان کان اڳ عورتاڻو سماج هيو. شڪاري سماج م ٻه طبقا پيدا ٿيا، هڪ شڪار ڪندڙ پورهيت ۽ ٻيو جادوگر، ان کي اڳتي وڌايو ويو ته شروعاتي غلام آقا ۽ شروعاتي هاري جاگيردار پيدا ٿيا، اهو به نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي ته جڏهن به معاشي پيداواري اوزارن جو انقلاب ٿيندو آهي ته پدراڻا ٻئي طبقا ٻنهي ماضيءَ وارن هنرن کي ڇڏي ويهندا آهن ۽ جيڪي اڳ ۾ غريب هيا سي امير ٿيڻ لڳندا آهن ۽ جيڪي امير هيا سي غريب ٿيڻ لڳندا آهن، ۽ ٻنهي جو ڪم يا پيداواري اوزار تبديل ٿي ويندا آهن، اهو ئي شڪاري سماج سان ٿيو، شڪار ڪندڙ پورهيت هاڻي زمين جا مالڪ ۽ جادوگر، غلام بڻجي ويو يا هاري بڻجي ويو، هاڻي اسان سمجھي ويا آهيون ته پيداواري اوزار يا معاشِيات يا خوراڪ سان گڏ جاگرافي حدون به تهذيب ۽ انقلاب کي اڳتي وڌائين ٿيون، هونءَ ته زمان حال ۾به شڪاري سماج ڏکڻ ۾ڪن قبيلن ۾ موجود آهي ته وري پراڻو مادراڻو سماج به اتر قطب تي ريڊ انڊينز جي شڪل ۾ موجود آهن، پر انهن جي آبادي تمام گھٽ يا نه هئڻ برابر آهي، شڪاري سماج ۾ انقلاب جا سبب شڪار تان ويڙهه، اضافي پيداوار جهڙوڪ ذخيرا اندوزي ۽ شڪار دوران انسانن جو زخمي ٿيڻ هيو، يا اهڙا ڪي ٻيا سبب جهڙوڪ آباديءَ ۾ اضافو وڌيڪ شڪار ۽ شڪار گھٽ ٿيڻ.

    ان دوران شڪاري سماج ڏکڻ ۾ آسٽريليا ۽ آفريڪا ۾ تهذيب جا بنياد وجھهي رهيو آهي، جن جي شروعات زراعت کان ٿي. ڪاٿي ائين به ٿيو هوندو ته جادوگر گھڻا ٿي ويا هوندا ۽ شڪار گھٽ، جنهن ڪري زرعي انقلاب برپا ٿيو هوندو، جنهن ڪري معيار ۾ مقداري تبديلي واقع ٿي ۽ جادوگر سڌريل هاري ٿي پيا جن وٽ هٿيار ٺاهڻ جو هنر هيو، ڪن وري هر ٺاهيا ڪن وري هر ٺاهيا ۽ شڪاري پورهيت جن شڪار ڪندي قربانيون ڏنيون سي زندگيءَ بابت گَهِري ڄاڻ هئڻڪري زمينن جا مالڪ ٿي ويا، هاڻي غلام داريءَ جو رواج پيو ۽ خاندان جو، قديم زرعي سماج ۾ ملڪيت جو عنصر شڪاري سماج کان ورثي ۾ مليو، زراعت لاءِٰ فصل ويجھو گھر ٺاهي رهڻ ته جيئن فصل کي مفت خورنقصان نه پهچائين، فصل تيار ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ. پر هاڻي زرعي سماج ۾ ٻن ٻين عنصرن يا پرتن جو اضافو ٿيو، پرت مطلب ساڳئي طبقي جو ننڍو طبقو، جن جي هنري ۽ معاشي حيثيت معيار کان مختلف هجي، مطلب مکيه طبقه هاري ۽ جاگيردار بڻيا ۽ ٻيا هنر مند جهڙوڪ ڊکڻ ٻيڙين لاءِ ۽ ڏاند گاڏين لاءِ ۽ ڪاريگر هر ٺاهڻ لاءِ ۽ زرعي اوزار ٺاهيندڙ ننڍيون پرتون ٿيا. هاني سماج ڏکڻ کان اتر طرف وڌي رهيو آهي ته رستي ۾ کيس پراڻي مادراني سماج جا قبيلا به مليا جن کي ختم ڪندو وڃڻ اهم هيو انهن تي حملا ڪري انهن جي ماڻهن کي غلام بنائيندووڃڻ ۽ ٻيو ڪاريگر پرت پيدا ڪرڻ جيڪا هر، رنبي، ڪوڏر ٺاهي زمين تي اناج ۾اضافو آني هٿ جو هنر جهڙوڪ عورتاڻا زيور، هار، سپيون، هاٿيءَ جي ڏندن مان هار چوڙيون ۽ مٽيءَ جا ٿانوَ اهم هيا، موسمي اثرن کان بچڻ لاءِ وڻن ۽ جانورن جا پن ۽ کلون لباس طوراستعمال ڪرڻ لاءِ به عورت جي ڪاريگري هئي، شروعاتي ڪيميا ۽ دوائون پڻ عورتن ايجاد ڪيون، زمين جي پيمائش يعني جاميٽري ۽ فصل ڀرسان ان جي سار سنڀال لاءِ ٽولا ٺاهي رهڻ سان خانه بدوشي يا لاڏائو قبيلن واري خاصيت زرعي سماج مان ختم ٿيوئي. قبيلو جيڪو شڪاري سماج جي خاصيت هئي سا زرعي سماج ۾ وڌي خاندان ۽ شهري رياست جو سبب بڻجي وئي، ملڪيت صرف اباڻي سماج ۾ فرد جي اولاد ۾ ورهائجڻ لڳي، فصل جي سار سنڀال خاطر ان ڀرسان رهڻو هيو، گھر ٺاهڻ جي شروعات ٿي جنهن سان هڪ نئين سائنس جو بنياد پيو، ٿيو ائين جو جڏهن فصل پچي تيار ٿيو ته پراڻي مادراڻي سماج جا ماڻهو شڪاري سماج جا ماڻهو تيار ٿيل فصل ڦٻائي ويندا هيا يا چورائي ويندا هيا، جنهن ڪري سماج جي گڏيل ڪوششن سان فوج جو بنياد وڌو ويو، فوج يا هٿيار بند عملو جاگيردار جي قبضي ۾ هوندو هيو، ۽ هر هاريءَ کان سندس پيداوار جو اڌ اناج حاصل ڪري فوج جي خوراڪ جو بندوبست ڪيو ويندو هيو، فوج ۽ جاگيردار فصلن ۽ زمينن جي حفاظت ڪندي مفت اناج حاصل ڪري ايترو طاقت ور بڻجي ويو جو زمين کي ئي پنهنجي ملڪيت بڻائي ڇڏيائين، ۽ هر هڪ هاري کيس اڌ اناج ڏيندو هيو نه ته کيس قوم جو غدار سمجھيو ويندو هيو، اتي شروعاتي قوم جو به بنياد پيو، هر هلائڻ لاءِ طاقت ۽ جانور جي ضرورت پئي، ته جانورن جو شڪار ڪرڻ بجاءِ انهن کي هر هلائڻ لاءِ يا واپار جو مال هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو، ائين ڦيٿو به ايجاد ڪيو ويو، طاقت ور کي داد ملڻ لڳو ته جيئن هارين جي همٿ افزائي ڪئي وڃي کين ترغيب ڏني وڃي ته طاقت ور ٿيڻ ضروري آهي، ائين راندين جو به بنياد پيو، جهڙوڪ ملهه يا حسابي رانديون ، فصل ڀيلائيندڙ قبيلن کي جڏهن پڪتو ويندو هيو ته جشن ملهائيو ويندو هيو موسيقي ۽ رقص ڪيو ويندو هيو ته اسان نقصان کي ختم ڪيو ويو. جانورن کي شڪار بجاءِ انهن کي پاليو ويو ته سماج کي وڌيڪ فائدو پيو، شروعاتي واپار شين جي بدلي جهڙوڪ چانورن جي بدلي ڪيو ويو، ڦيٿو ٻيڙي ۽ جانورن توڙي بيل گاڏين مال هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي منتقل ڪيو ويو، ان کان اڳ جيئن ئي اناج کي دشمن قبيلن ۽ مفاد خورن کان بچايو ويو ۽ هر هلائڻ جي ڪري به فصل ۽ اناج ۾ اضافو ٿيو ته اضافي اناج کي محفوظ ڪري ٻي موسم ۾ استعمال ڪرڻ جي ضرورت پئي جنهن ڪري گودام جي ضرورت پئي، اضافي اناج گودام ۾ جمع ڪرڻ لاءِ چوڪيدار جي ضرورت پئي، هر هڪ هاري پنهنجو اناج گودام ۾ جمع ته ڪرايو پر واپس ڪيئن حاصل ڪري، چوڪيدار کي ڪيئن خبر پوي ته گذريل موسم ۾ ڇهه مهينا اڳ فلاڻي هاريءَ ڪيترو اناج جمع ڪرايو، هاڻي کيس اوترو واپس ڪجي، ياداشت لاءِ ۽ ڀل چڪ کان بچڻ لاءِ رسيد جو رواج پيو، اها رسيد اڃا به آهي جيڪا اڄ ڪلهه پيسي طور تي استعمال ٿئي ٿي. مثال طور تي الف هاريءَ گودام ۾ پنج مڻ ڪڻڪ جمع ڪرائي کيس ان جي رسيد ملي رسيد ملڻ بعد هاريءَ قانون موجب جاگيردار کي اڌ رسيدون يا لکت حوالي ڪئي باقي اڌ پاڻ وٽ رکيائين اڌ رسيد مان رسيد جو ڪجھ حصو ان ڪاريگر کي ڏنائين جنهن هر ٺاهيو، مال گھڻو ٿيڻ ڪري ۽ ملڪيتي رشتن توڙي طاقت وڌي وڃڻ ڪري جاگيردار اهو فلسفو ٺاهيو ته هو مرڻ بعد ٻيهر اٿندو ۽ پنهنجي ملڪيت جو وارث بڻجندو، جيئن مصر ۾ فروعونن جو اهو فلسفو هيو ته هو مرڻ بعد ٻيهر اٿندا ان ڪري ڪجھ غلام سون ۽ خوراڪ جون ٻيون شيون پاڻ سان گڏ پورائيندا هيا ۽ پنهنجن لاشن کي محفوظ بنائي يا ممي بڻائي وڏن مقبرن ۾ داخل ڪندا هيا. فصلن کي وڌيڪ سگھارو بڻائڻ خاطر ان وقت جي انسانن شروعاتي موسميات جا قانون دريافت ڪيا، ته ڪهڙي موسم ۾ ڪهڙو فصل بهتر ٿئي ٿو، موسم سان گڏ ستارن جو علم سج گرهڻ چنڊ گرهڻ، زمين ڪائنات جو مرڪز ۽ اهڙا ٻيا فلسفا به ٺاهيا ويا، زرعي سماج مظبوط ٿيو ته مذهبن به زور ورتو، شروعاتي مذهبي پيشوا سماج جا سردار ۽ بادشاهه هوندا هيا، سماج ڏکڻ کان اتر طرف وڌي رهيو هيو پر ٻه قدم اڳتي هڪ قدم پوئتي واري اصول موجب مثال اتر کان مادراڻو سماج ڏکڻ طرف وڌي رهيو هيو ته ڏکڻ کان پدراڻو سماج اتر طرف وڌي رهيو هيو شڪاري سماج بعد زرعي سماج آيو جنهن تهذيب جو بنياد وڌو شروعاتي تهذيبون دريائي ڪنارن تي هيون جهڙوڪ مصر ۾ فروعنن جي تهذيب، ۽ آسٽريليا ۾ پڻ پراڻا آثار ملن ٿا، هاڻي واپار ٻيڙين، خشڪيءَ رستن ٿيڻ لڳو، مصر بعد موئن جو دڙو وڌيڪ تهذيب يافته ۽ موئن جو دڙو بعد ميسوپاٽياميا يا دجله فرات جي تهذيب، ان بعد چين جي تهذيب ان بعد چين جي تهذيب ان بعد يونان جي تهذيب هر تهذيب اڳلي تهذيب کان وڌيڪ بهتر ۽ ڏکڻ کان اتر طرف وڌي رهي هئي ۽ ترقي يافته هئي، غلامن جي رواج جي ڪري حڪمرانن ۽ ڪاريگرن ۾ وقت جي بچت جو احساس ٿيو ته هنن فلسفو ۽ تاريخ توڙي سائنس لکڻ شروع ڪئي، يونان ۾ پهرين شهري رياست ۽ جمهوريت جي شروعات ٿي، اهو سفر ائين ئي پهرئين مادراني سماج کي ختم ڪندو رهيو ان جي جڳهه تي شڪاري سماج جو بنياد پيو ۽ شڪاري سماج جي خاتمي سان زرعي سماج يا تهذيب جي شروعات ٿي. پر عورتاڻو قديم سماج به ڪنهن به طريقي سان ڏکڻ طرف وڌندو رهيو يونان بعد تهذيب عربستان ۾ داخل ٿي جتي به ستارن جي علم زندگيءَ جي علم حڪمت يا ڊاڪٽريءَ ۽ حسابن ۽ جاميٽريءَ جي علم طاقت ورتي ان بعد تهذيب وڌيڪ اتر طرف سفر جاري رکيو جتي برطانيه ۾ انجڻ ايجاد ٿي، هوڏانهن جيڪا تهذيب شڪاري سماج ذريعي ڏکڻ مان شروع ٿي اتي به سماجي خال پيدا ٿيو جيڪو وري اتي جديد عورتاڻي سماج اڀرڻ سان ڀرجندو رهيو. جديد عورتاني سماج جو بنياد ڏکڻ ۾ مضبوط ٿيو، هرو ڀرو ائين به نه آهي ته تهذيب وقت جي ڌارا ۾ جاگرافيءَ ۾ مڪمل طور قيد رهي پر جڏهن مصر ۾ فرعون تهذيب عروج تي هئي ته ان دوران ئي واپار ذريعي موئن جو دڙو ۾ تهذيب جي شروعات ٿي رهي هئي، پر معيار مصر جو اهم هيو، اهو ئي سبب آهي جو موجوده برطانيه توڙي آمريڪا ۾ پراڻا کنڊرات مليا آهن پر فرق اهو آهي ته موئن جو دڙو جا کنڊرات شهرن جي شڪل ۾ هيا ۽ آمريڪا جا کنڊرات هڪ ٻن ڳوٺن جي شڪل موجود آهن. برطانيه ۽ آمريڪا جا جديد سماج موئن جو دڙو کان وڌيڪ طاقت ور ۽ عقل مند آهن ائين سمجھو ته موئن جو دڙو ۽ ڪراچيءَ جي گڏيل عقلمندي سئو فيصد آهي جنهن ۾ موئن جو دڙو جي حيثيت 45 سيڪڙو ته وري موجوده ڪراچيءَ جي حيثيت 55 سيڪڙو آهي، ائين ئي برطانيه جي پراڻي زرعي تهذيب جو ۽ موجوده برطانيه جي صنعتي ترقيءَ جو جوڙ 100 سيڪڙو آهي جنهن ۾ قديم برطانيه جو حصو 30 سيڪڙو ۽ موجوده برطانيه جو حصو 70 سيڪڙو آهي، تهذيب يونان کان برطانيه ۾ داخل ٿي جتي واپار کي تيز بنائڻ لاءِ انجڻ ايجاد ڪئي وئي، شروعاتي انجڻ ٻاڦ جي هئي ۽ ان سان گڏ بجليءَ جا جنريٽر پڻ ايجاد ٿيا، جنهن سان سماج ۾ شين جي پيداوار ايترو ته تيزيءَ سان وڌي، واپار ايترو ته تيزيءَ سان وڌيو جو سماجي معيار زرعي مان بدلجي صنعتي بڻجي ويو، ريل جي انجڻ گاڏيءَ جي انجڻ، هر هلائڻ لاءِ ٽريڪٽرن جي انجڻ، فصلن لاءِ جديد ڪيميائي ڀاڻ، پيداوار ۾ تمام گھڻو اضافو ڪيو، تعليم فلسفو سائنس ۽ واپار توڙي آرٽ سائنس جي سفر بجاءِ ڏينهن ۾ مال هڪ جڳهه کان ٻي جڳه تائين پهچائڻ لڳا آباديءَ ۾ اضافو ٿيو ته کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ انجڻ جي ايجاد ٿي جيڪو هاريءَ اڳ ۾فصل لاءِ هڪ مهيني ۾ هر ڪاهيندو هيو اتي ٽريڪٽر ڪجھ ڪلاڪن ۾ هر هلايو، جتي ٻني اڳ ۾ ٻه مڻ في جريب اناج ڏنو پئي اتي ڀاڻ ڏيڻ سان ٻارنهن کان ويهه مڻ اناج ڏيڻ لڳي، زرعي سماج ۾ جهڙوڪ دجله فرات جي تهذيب ۾ اهو حڪمران ڪامياب ويندو هيو جيڪو گھڻي کان گھڻي آبپاشيءَ لاءِ واهه ۽ ڪينال کوٽرائيندو هيو، اهو سلسلو به صنعتي سماجن ۾ تيز ٿيو، ڪپڙي جا ڪارخانا، ٿانو، جديد دوائون، هٿيار فرنيچر توڙي سائنسي ڪارنامن ترقي ورتي، هاڻي انسان عقل مند ٿيڻ لڳو هيو، جيئن پاڪستان ۾ انگريزن جديد آبپاشيءَ جو طاقت ور نظام جوڙيو ريل جي پٽڙيءَ سان واپاري آمد رفت توڙي علم ۽ هنر جي منتقليءَ تي اضافو ٿيو. زرعي سماج جي زوال جا سبب: بادشاهه جي بي تهاشا طاقت، عوام تي ظلم غلامن جو ڪاروبار توڙي هارين ۽ ڪاريگرن جون تڪليفون ڏيندڙ حالت رت ۽ پگھر جي پورهيي جي ظلم خلاف بغاوت هئي. آباديءَ جو وڌڻ ۽ ماڻهن جون ضرورتون پوريون نه ٿيڻ، پڻ ان سماج جي زوال جا سبب بڻيا پر جتان به شڪاري سماج شروع ٿيو هيو اتي ان جي باقيات باقي رهي، صنعتي سماج جاگرافيءَ ۽ تهذيب جي پراڻن شهرن ۽ آبادين تي ڪاهه ڪئي، ٻن مقصدن لاءِ، هڪ ته اتان سستو خام يا ڪچو مال حاصل ڪيو ٻيو اتي تيار ٿيل شيون وڪرو ڪري منافعو حاصل ڪيو ۽ ٽيون اتي ترقي به ٿي، بيمارن جو علاج غلام داريءَ جو خاتمو، عورتن کي برابر جو شهري بنائڻ لاءِ انهن کي پيداوار ۾ شريڪ ڪرڻ ۽ گھڻي کان گھڻو منافعو ڪمائڻ جديد صنعتي سماج جا معيار بڻيا. زرعي سماج جا بنيادي ايڪا هاري جاگيردار غلام ۽ ڪاريگر هيا، انهن ۾ ڪٿي ڪٿي جادوگر ۽ شڪاري شامل هيا پر جيئن ته اڳ ۾ئي ذڪر ڪري آيا آهيون ته انقلاب پيداواري اوزارن ماليات يعني اڪانامي جاگرافي حدن اندر هڪ سماج جي مدي خارج يا پراڻي ٿيڻ ڪري يعني انهن جو وڌيڪ عوامي ضرورتون پوريون نه ڪري، هڪ طبقي جو ٻئي طبقي کي فتح ڪرڻ سان نئين سماج ۾ داخل ٿيڻ سان ٿيندو آهي جهڙوڪ عورت ۽ مرد ملندا آهن ته ڪو هارائيندو آهي ته ٻار هڪ جنس جو ٿيندو آهي پر ان جو معيار ۽ مقدار مختلف هوندو آهي ان جو پورهيو ۽ ماليات ٻنهي کان مختلف هوندو آهي پر هارايل عورت يا مرد ٻار ٿيڻ بعد کٽيل ۾ تبديل ٿي ويندو آهي، ائين ئي پراڻن ٻن طبقن ۾ پيداوار يا اوزارن يا جاگرافيءَ ۽ روزي روٽيءَ جي مقدار ۽ معيار ۾ تبديليءَ ڪري هاري جنهن وٽ زمين جو فصل جو جدلياتي هنر هيو، جنهن کي علمي ۽ عملي ڄاڻ هئي ۽ جاگيردارن ان ڄاڻ کان وانجھيل هيو، ڪاريگر وٽ هنر هيو ۽ غلام وٽ تڪليف هئي، سي سڀ گڏجي پراڻن طريقن کي تبديل ڪري پنهنجي ماليات ۽ هنر ۾ تبديلي آڻي صنعتي سماج ۾ سرمائيدار ۽ مزدور ۾ تبديل ٿي ويا، ان سان گڏ ٻيون پرتون يا مددگار سماجي پرتون به وجود ۾ آيون پر بنيادي ايڪا سرمائيدار ۽ مزدور بڻيا، ڪاريگرن ننڍا ڪارخانا ۽ فيڪٽريون کوليا جڏهن ته هارين جا ٻار شهرن ۾ اچي آفيسر ٿيا پر جاگيردار جو ٻار شهرن ۾ اچي گھٽ اجرت تي مزدوري ڪرڻ لڳو، اڪثر ديوانا دولت مندن جا ٻار هوندا آهن يا وري اهي مورڳو فلاسافر ٿي يا انقلابي ٿي نيون راهون ٺاهيندا آهن.

    برطانيا ۾ انجڻ ٺهي ان اڃا به اڳتي سفر ڪيو، فرانس ۾ سرمائيداري انقلاب آيو. هن انقلاب ٻارن جي تعليم تربيت کي فيڪٽريءَ جي مزدورن کي تيار ڪرڻ لاءِ ٽيم ورڪ طور تي ترتيب ڏنو، ڪي ئي ننڍا ڪاريگر جهڙوڪ ڊکڻ موچي ڪوري ڪنڀر ڊاڪٽر استاد، مطلب ته سماج جي هڪ واضع حصي کي پنهنجا پراڻا طريقا ۽ واپار ڇڏڻ تي مجبور ڪيو، مثال طور اڳ ۾ هڪ موچي ڏينهن ۾ پنج جوتا ٺاهيندو هيو پرفيڪٽريءَ ۾ پنج مزدور هڪ ڏينهن ۾ 500 جوتا ٺاهڻ لڳا جنهن ڪري موچيءَ کي پنهنجو پراڻو ڪم ڇڏڻو پيو ۽ پيداوار ۾ تمام تيزيءَ سان ترقي ٿي.

    هن انقلاب ٻه اهم ڪم ڪيا هڪ ته جتي به مزدور جي اڪثريت مطلب عوامي طاقت گھڻي هئي انهن کي پراڻن ڪمن مان ڪڍي نئين ڍانچي ۾ داخل ڪيائين ۽ ٻيو دولت ۽ ملڪيتي رشتن جي بيرحميءَ ۾ اڃا به اضافو ٿيو، فيڪٽريءَ جو مالڪ سرمائيدار وڌ کان وڌ دولت گڏ ڪرڻ لڳو، مثال طور آفريڪا جي هڪ قبيلي وٽ هڪ جبل آهي ان ۾ سون جي کاڻ آهي ب سرمائيدار ان کي چيو ته تون شڪار ۽ زراعت ۾ پنهنجو پگھر وهائي رهيو آهين تنهنجي جبلن ۾ سون آهي، اسان وٽ پئسو به آهي ۽ هنر ۽ مشين به اسان توهان جي جبل مان پنهنجي پئسي ۽ هنر ذريعي سون ڪڍون ۽ ڇو ته سيڙپ ڪاري اسان جي آهي، خرچ اسان جو آهي ان ڪري توکان ستر سيڪڙو سون جو حصو کڻندا سين. ۽ توکي 30 سيڪڙو ڏيندا سين، ۽ وري آفريڪا جي الف قبيلي سوچي ڏٺو ته اسان کي سون جو 30 سيڪڙو مفت ملي رهيو آهي اسان جيءُ جھوريندڙ محنت کان بچي پوندا سين، ان ڪري سودو قبول آهي. اهو سون سرمائيدار وري 50 سيڪڙو منافعي تي کپايو، ۽ صنعتي ڪمن توڙي زيور سازيءَ ۾ ڪم آيو. ان سان سرمائيدار توڙي مزدور کي پهريون کان بهتر اجرت ملي. پر اها به هڪ حقيقت آهي ته جيستائين مزدورن کي يا الف آفريڪين کي سون جي اجرت ملي ان کان اڳ اڪثريت کان زمينون جانور توڙي فيڪٽريون کسيون ويون هيون. هاڻي اهو ائين ئي ٿيو ته الف اڳ ۾ پنهنجي هٿن سان پوکيل وڻ مان هڪ انب کائيندو هيو پر هاڻي اهو وڻ ته کسيو ويو پر ان انب مان به 70 سيڪڙو ڦٻايو ويو. پر هاڻي هيءَ هڪ حقيقت آهي ته انسان توڙي سماجن جي سموري گردش معاشيات ۽ ان جي تاريخي اصولن جي گرد گھمندي آهي ائين ئي سموري انساني تاريخ خوراڪ جي گرد ۽ ان کي تاريخ جي اصولن موجب حاصل ڪرڻ جي تاريخ آهي. ائين ئي هن انقلاب ۾ به زراعت ۽ شڪار بعد جانورن کي پاليو ويندو هيو ته اهي زراعت ۾ هر ڪاهين. زراعت جي ضرورت پوري ٿيڻ بعد جانورن کي جديد طريقي سان گوشت کير حاصل ڪرڻ لاءِ پاليو ويو، مرغين جا جديد فارم ان جو مثال آهن. سرمائيداريءَ سان زراعت ۾ مدد ملي ٽريڪٽر ٿيو، ٿريشر ٺهيو ٽيوب ويل ٺهيو انسان جو هر عمل خوراڪ ڪپڙو ۽ گھر حاصل ڪرڻ خاطر جدوجهد آهي واپار ٻن قسمن جا آهن، هڪڙا اهي آهن جيڪي سڌي طريقي سان خوراڪ حاصل ڪندا ۽ ٻيا جيڪي خوراڪ حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿين. ۽ شرط اهو آهي ته خوراڪ وڌي ۽ زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ٿين. ۽ نسل وڌن.

    جتي شڪاري سماج ختم ٿيو اتي زرعي سماج ۾ شروعاتي مرحلو آقا ۽ غلام جو بڻيو جيڪي شڪاري ۽ ملان طرفان بي دخل ڪيا ويا يا جادوگر ملان طرفان انهن کي ڌڪيو ويو سي به غلام هيا، غلام صرف مانيءَ بدلي ۾ سموري زندگي پورهيو ڪندو رهيو، آخر ڪار انهن به بغاوت ڪئي ۽ جاگيرداري ۽ هارپي وارو سماج جڙيو ۽ غلامداريءَ سماج ۾ غلام کي آزادي نه هئي قيد ۽ مصيبت ۾ هيو ان ڪري ڪم ڪار سچائيءَ ۽ لڳن سان نه ڪندو هيو ٻيو ته انقلاب لاءِ هو طاقت ور هيو جنهن سان هن آقائن وارو نظام ختم ڪيو. هن وٽ هنر به هيو سو آقا مجبور ٿي هن کي هاري بڻايو، ۽ پيداوار جو اڌ مالڪ سرمائيداي سماج ۾ مزدور کان گھڻو ڪم گھٽ اجرت تي ورتو وڃي ٿو، سرمائيداري انقلاب برطانيه جي ڪالوني ازم کي به جنم ڏنو، مال جي وڌيڪ پيداوار سرمائيدار کي وڌيڪ دولت ڏني ان دولت مان هنن وڌيڪ سيڙپ ڪاري ڪئي يعني خام مال خريد ڪين ۽ ٺهيل شيون وڪرو ڪين. سرمائيداري ايتري انڌي يا تيز آهي جيڪو خام مال حاصل ڪرڻ لاءِ وڪرو ڪرڻ لاءِ انڌا ڌنڌ غريب ملڪن تي قبضو ڪيو. اتي سستي قيمت تي خام مال حاصل ڪين، مزدور حاصل ڪين ۽ ٺهيل مال وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪين. برطانيه جي سرمائيدارن مشين جي مدد سان دنيا جي ڪافي ملڪن تي واپاري قبضو ڪري خام مال سستا مزدور ۽ مارڪيٽ حاصل ڪري اتي ٺهيل شي وڪرو ڪئي.

    ڪهڙي مارڪيٽ ڪنهن جي ۽ ڪهڙو خام مال ڪنهن جو ان تڪرار ۾ دنيا ٻه وڏيون جنگيون برداشت ڪيون ياد رهي ته جيئن جيئن پدراڻو سماج ڏکڻ کان اتر طرف وڌي ٿو تيئن تيئن عورتاڻو سماج اتر کان ڏکڻ طرف وڌي رهيو هيو. ۽ اهو عورتاڻو سماج ڏکڻ ۾ نئين عورتاڻي سماج کي جنم ڏئي ٿو. ۽ اتر ۾ مرداڻو سماج پراڻي عورتاڻي سماج کي ختم ڪندو ٿو وڃي. جتي پهچي سرمائيدارڻو سماج مطلب پدراڻي سماج جي آخري منزل نئين سوشلسٽ سماج ۾ تبديل ٿئي ٿي يعني اتر کان ڏکڻ طرف. ۽ ڏکڻ کان نئون عورتاڻو سماج اڪثريت ۽ معياري خاصيت حاصل ڪري ڪميون ازم ۾ عمل پيرا ٿئي ٿو ۽ دنيا عورتاڻي سماج جي جديد اصولن موجب اڳتي وڌي ٿي.

    هاڻي سرمائيداراڻو سماج برطانيه ۾ ظهور پذير ٿيو جيڪو وڌيڪ اتر طرف وڌي رهيو آهي ۽ اتان آمريڪا روس تائين پهچي واپس ڏکڻ طرف وڌندو ۽ ڏکڻ وارو عورتاڻو سماج اتر طرف وڌندو. پر سوشلسٽ انقلاب سان ۽ ڪميونسٽ سماج سان.

    ڇو؟؟

    جيئن مٿي ڏسي آيا سين ته هر سماجي انقلاب اڪثريت جي فائدي ۾ ٿيو آهي جنهن ۾ ڪنهن وٽ به جيڪڏهن به ڪا شي وڌي پئي وئي ته اها بوريت پيدا ڪرڻ جي ڪري ضرورت مندن ۾ ورهائبي پئي وئي، ڪنهن جو به ڏک سک وڌي پئي ويو ته اهو محروم فرد يا سماج کي پئي مليو آهي. ائين ئي هاڻي به ڏسندا سين ته پدراڻي سماج جا ۽ سرمائيداراڻي سماج جا ٻنهي جامتاثر مسلسل ذاتي ملڪيت ۽ شخصي ملڪيت جي ڪري تڪليف ۾ پئي رهيا آهن. هن وقت به هي سماج پنهنجي فردن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي اهليت وڃائيندي ۽ نئين سماج جي اڏاوت ۾ مصروف آهي.

    هر سماج جي عروج ۽ زوال جا سبب هيا ۽ آهن ۽ رهندا. اهي سبب اهڙا هوندا جيڪي ڪنهن طريقي موجب تبديل ٿي پنهنجي الٽ ۾ مٽجي تاريخ ۾ محروم رهيل طبقي جي فائدي ۾ انقلاب ڪندا. جيئن هڪ فرد ماني کاڌي۽ هن جي هوش ڪم ڪيو هن ڏٺو ته فلاڻو سرمائيدار گھڻي دولت هئڻ ڪري تڙپي ڦاٽي مرڻ طرف وڃي رهيو آهي ۽ فلاڻو غريب بک ۾ تڙپي مرڻ طرف وڃي رهيو آهي. هن پوري ماني کاڌي آهي ان ڪري مطمئن آهي. هن ٻنهي جي تڙپ جو سبب دولت کي ۽ اهم سبب کي بک کي تبديل ڪري تاريخ ۾ محروم دولت مند کي بک ڏني ۽ غريب کي خوراڪ ڏني هن ٻنهي جي دولت ۾ توازن پيدا ڪيو پر اهڙو جو ٻئي مطمئن ٿي ويا ۽ زندگيءَ جي ونهوار کي جاري رکي ويا جهڙوڪ ٽنهي گڏجي سولر ٽيوب ويل تي باغ پوکيو جنهن جا ميوا جنت جي فارمولي موجب هر ضرورت مند کي ملڻ لڳا ۽ پنهنجو به گذر سفر جاري رکين. سرمائيدار ڇو ته اڳ ۾ ئي پيٽ ڀريل هيو ان ڪري باغ جو ميوو هن کي گھٽ گھربل هيو. هن باغ کي پاڻي ڏيڻ ۽ گند گاهه ڪڍڻ ۾ پاڻ کي مصروف رکيو.

    اسان تاريخ جي سموري طريقي ۾ ڏٺو سين ته ڪنهن جي مٿان به حد کان وڌيڪ وزن نه پيو پئي بلڪه هو حد پار ڪرڻ بعد پنهنجي الٽ ۾ بدلجي پئي ويو، ائين ئي موجوده سوشلسٽ ڪميونسٽ انقلاب ۾ به ڪنهن مٿان به وڌيڪ وزن پوڻ نه گھرجي.

    ان ڪري ئي انقلاب جي ڌارا ۾ ڏسڻ گھرجي ته ڪهڙو طبقو ڪهڙي شي ۾ گھڻو ڪهڙي شي ۾ ٿورو هيو ان خال کي ترقي يافته درجي تي ڀرڻ کي انقلاب چئجي ٿو.

    تاريخ پاڻ کي دهرائي ٿي پر مٿاهين درجي تي.

    هاڻي ڏسون ته ڪهڙي شي ڪنهن وٽ گھڻائيءَ ۾ هئي ۽ ڪهڙي شي ڪنهن وٽ تمام گھٽ هئي، اضافي شيون وٺي ضرورت مندن کي ڏجن توڙي نون نسلن ۾ به اهي شيون نئين نظام ۾ پهچائجن ته انسان ذات ڪافي بهتر صورتحال ۾ اچي ويندو.

    قديم عورتاڻي سماج ۾ جانورن انسانن کي تنگ ڪيو ته انسان پدراڻي سماج ۾ پاڻ شڪاري ٿيو، شڪاري سماج ۾ جادوگر ملڪيتي خانداني سماج جو بنياد وڌو ته خوراڪ جي قلت پيدا ٿي انسانن زرعي سماج کي ڀليڪار چئي. زرعي سماج ۾ آبادي وڌي ۽ هارين کي تنگ ڪيو ويو ته صنعتي سماج وجود ۾ آيو. هاڻي دولت جو وڏو حصو چند اميرن جي هٿ ۾ اچي ويو آهي ۽ انسان بکن بيمارين ۾ وٺجي ويو آهي ته وري به انقلاب جي ضرورت آهي.

    زرعي سماج ۾ اناج کي مفت خورن کان بچائڻ خاطر گودامن ۾ جمع ڪيو ويو، جاگيردار کي ذميواري سونپي وئي ته هو دشمن قبيلن کان ۽ مفت خورن کان زمينن جي حفاظت لاءِ فوج ٺاهي ۽ اهو اصول بنايو ويو ته هر هڪ هاري اناج جواڌ حصو جاگيردار کي فوج جي خوراڪ لاءِ ڏئي ۽ شروع ۾ سڀ زمينون قبيلي جي گڏيل ملڪيت هونديون هيون بعد ۾ جاگيردار طاقت ذريعي سڀ زمينون خريد ڪري ورتيون. جيستائين دشمن قبيلا هيا تيستائين جاگيردار فوج جي پالناڪندو هيو پر جڏهن زراعت عام ٿي وئي ته فوج جي ضرورت نه رهي ان ڪري جاگيردار کي ملندڙ اڌ اناج جي دولت مان هن زمينون خريد ڪري ورتيون. شروعاتي دور ۾ اناج گودام ۾ جمع ڪيو ويو ته جيئن ايندڙ موسم ۾ استعمال ڪري سگھجي، پر اها خبر يا يقين ڪرڻ خاطر ته ڪهڙي هاريءَ ڪيترو اناج گودام ۾ جمع ڪرايو آهي لاءِ ان هاريءَ کي رسيد لکت ۾ ڏني وئي ته پنج مڻ الف هاريءَ اناج جمع ڪرايو آهي، هيءَ رسيد جيڪو به ڏيکاريندو ان کي 5 مڻ اناج ڏنو ويندو يا ان رسيد برابر ٿيل محنت جي ٺهيل شي کيس ڏني ويندي. ان ڪري هاڻي جاگيردار توڙي سرمائيدار محنت ڪش کان اناج نه پر رسيد منافعي طور تي وصول ڪندا آهن، اها رسيد پئسا آهن. هاريءَ کي جيترا پئسا مليا ان مان اڌ جاگيردار کنيا، ڪجھ ٽريڪٽر ڀاڻ ٻج ۽ ٿريشر تي استعمال ڪيائين، ڪجھ خوراڪ تي ته وري ڪجھ ٻارن جي پڙهائيءَ تي ڪپڙي لٽي توڙي گھر جو پلاٽ حاصل ڪرڻ تي، ان ڪري هاريءَ وٽ بچت تمام گھٽ ٿي پر الٽو هو ڪمزور ٿيڻ لڳو. ۽ جاگيردار جو سموري ڳوٺ يا علائقي جي زمين قبضي ۾ ڪري هر هڪ هاريءَ کان اڌ اناج جيترا پئسا وصول ڪيا سو بي پناه دولت جو مالڪ بڻجي ويو، صنعتي انقلاب بعد جيڪي اڳ ۾ هاري هيا سي شهرن ۾ آفيسر ٿي ويا، جاگيردار شهرن ۾ مزدوري ڪرڻ لڳا ۽ مزدور ٿي ويا ته وري ڪاريگر لوهار ڊکڻ ڪوري موچي وغيره شهرن ۾ اچي سرمائيدار ٿي ويا۽ تجربو هئڻ ڪري فيڪٽرين جا مالڪ ٿي ويا. هاڻي ٽريڪٽر، ٽرڪ، ڪمپيوٽر، ٽيليفون، موبائيل ڪيميائي ڀاڻ جون فيڪٽريون ٿريشر، فولاد جا ڪارخانا، ڪپڙي جا ڪارخانا توڙي ٿريشر ۽ لاباري جون مشينون سڀ مزدورن جي محنت سان ۽ سرمائيدارن جي نفعي سان هلڻ لڳيون، 5 مزدورن 5 ڏينهن ۾ ٽريڪٽر 65 مانين جي خوراڪ ۽ 5 ڏينهن جي تعليم هنر ڪپڙي توڙي گھر جي خرچ مان ٺاهيو ته کين صرف 3 ڏينهن جي اجرت ڏني وئي، باقي پئسا سرمائيدار پاڻ وٽ رکيا، وري هاريءَ کي ٽريڪٽر 8 ڏينهن جي پئسن يا رسيدن ۾ عيوض وڪرو ڪيو. ياد رهي ته هاريءَ کان اجرت جون اڌ رسيدون مزدور کان مزدوريءَ جون 30 سيڪڙو رسيدون ڦٻايون ويون ته اها دولت جمع ٿيڻ لڳي، ۽ هاري مزدور وٽ ڪجھ به نه بچيو ٻيو ستم اهو ٿيو ته جن وٽ دولت جمع ٿي سي وڌيڪ زمينون فيڪٽريون خريد ڪرڻ لڳا ته جيڪي ڪمزور هيا يا ڪمائي نه پيا سگهن يا بيمار هيا يا انهن جو گذر سفر فطرت تي هيو سي زمينن کان محروم ٿي ويا ملڪيتن کان محروم ٿي ويا ڌرتيءَ ڄاوا هجڻ باوجود نڌڻڪا ٿي پيا. صدين جا روزا رکڻ بعد هو ڇا ٿي ويا هوندا مان بيان نه ٿو ڪري سگهان. هاري کان لٽيو ويو مزدور کان لٽيو ويو شڪاريءَ ڪمزور غريب بيمار کان لٽيو ويو ته اميرن وٽ دولت جا انبار گڏ ٿي ويا، دولت خوراڪ جي صورت ۾ هجي ته خراب ٿيڻ کان اڳ ورهائي وڃي ها جيئن شينهن شڪار ڪندو آهي پر پاڻ ايترو کائيندو آهي جيترو سندس پيٽ هوندو آهي پر دولت جمع ڪرڻ لاءِ ڪا حد نه هئي ڪير ڪيترا به خزانا ٽجوڙيون محنت ڪشن جي رت مان ڀري پئي سگهيو. سوال اهو آهي ته هاڻي زمينون بنجر آهن، فيڪٽرين ۾ روزگار نه آهي، ڇو ته عوام مان پئسو ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي عوام محنت ڪش ڇا خريد ڪري ڇا کائي ڇا پڙهائي ڇا ۾ رهي، دولت مندن کي خبر آهي ته سندن پراڊڪٽ وڪرو نه ٿي رهي آهي ڇو ته عوام وٽ پئسو نه آهي ان ڪري ان وٽ قوت خريد نه آهي، جيڪو به سرمائيدار ڪا شي ٺاهيندو ته سندس شي وڪرو نه ٿيندي ان ڪري هو نقصان ۾ ويندو ان ڪري ئي هو وڌيڪ سيڙپ ڪاري ئي نه ٿو ڪري. ان ڪري ئي صرف عياش اميرن لاءِ ئي شيون ٺهن ٿيون ۽ عياش ماڻهو ئي اهي خريد ڪري سگهن ٿا. پر سوچيو ته جيڪڏهن ملڪيتي سماج جو فارمولو ئي اهو آهي ته منافعو ڪمائجي ته نيٺ به هڪ امير سڀني انسانن کي لٽي ڦري پاڻ اڪيلو سموري دولت جو مالڪ ٿي سگهي ٿو.

    هاڻي ڇا ڪجي، سوچيو جدوجهد ڪيو اهو مسئلو حل ڪيون مان به توهان سان گڏ آهيان.

    غلطي ڪاٿي آهي. زمين تي ملڪيت جو مالڪ ٿيڻ، ڇو ته اسان سڀ جاندار زمين جي ملڪيت آهيون، زمين اسان جي ملڪيت نه آهي، ان ڪري زمين تان ذاتي ملڪيت ختم ڪرڻ، ٻيو نمبر اهو ته اسان ڏٺو سين ته ڪمائي ۽ محنت هاري مزدور شڪاري ڪري ٿو ته اجرت به ان کي ملڻ گھرجي، هاريءَ کي پنهنجي اجرت جو پورو حصو ڏيڻ گھرجي، مزدور کي پورو حصو ڏجي، نمبر ٽين ڳالهه ته اسان تجربي مان سکيو سين ته زمين ڏينهون ڏينهن زرخيز ٿي رهي آهي، هر نئين سال ساڳئي زمين وڌيڪ فصل اپائي ٿي، هر نئين ڏينهن ٽيڪنالاجيءَ ۾ جدت اچي ٿي ۽ پيداوار وڌي ٿي پر اها اميرن جي ٽجوڙين ۾ بند لڳي پئي آهي جنهن جو کين ڪو به فائدو نه آهي، ان ڪري وڌندڙ پيداوار مان خوراڪ مفت ڪئي وڃي ته جيئن ڪو به انسان يا جاندار بک نه مري، ۽ اميرن وٽ قيد دولت جيئن ته محنت ڪشن جي خون پسيني جي رسيد آهي ان ڪري اها جمع ٿيل دولت فورن مفت ننگر خانن، سولر ٽيوب ويلن جي صورت ۾ عوام کي واپس ڪئي وڃي.

    نئون انقلاب ڇا ڪندو، شڪارين کي مفت زمينن ذريعي زراعت طرف آڻيندو، مولوين کي هاري ۽ شڪارين کي زمينن جي سار سنڀال ڪرائيندو، جيڪي هاري آهن انهن کي ماحول دوست انجنيئر يا ماحول دوست آفيسر ۽ جاگيردارن کي ماحول دوست مزدور بڻائيندو، ۽ مزدورن کي ماحول دوست انجنيئر ۽ ڊاڪٽر ته وري سرمائيدارن کي باغن توڙي فارم هائوسن جو مالهي بڻائيندو. پر اهو سمورو پدراڻو سماج اتر طرف پهچي واپس ٿيندو پر ان دوران ڏکڻ تائين پهتل پراڻو مادراڻو سماج اڪثريت ۾ اچي ڪميونسٽ انقلاب برپا ڪندو ۽ دنيا تي عورتن جي اڪثريت ۽ ڏاهپ جو غلبو هوندو، اتر کان پدراڻو سماج سوشلسٽ سماج ۾ بدلجي واپس ٿيندو جتي ملڪيتي سسٽم ختم هوندو، محنت ڪش کي سندس اجرت پوري ملندي ۽ غريبن لاءِ زمينون ۽ گھرن جا پلاٽ توڙي ننگر خانا مفت هوندا ته وري ڏکڻ کان ڪميونسٽ سماج عمل ڪندو جيڪو عورت جي مسلسل قيد کي ٽوڙي آزادي حاصل ڪندو، عورت کي ٻار ڄڻڻ جي تجربي هئڻ ڪري مادراڻي شفقت جو درجو حاصل آهي ان ڪري هوءَ زندگي مخالف سماج جو مقابلو ڪندي، مرد اتر کان ماحول دوست انجڻون عورتن حوالي ڪندا عورتون ڏکڻ کان زراعت ڪري اتر طرف موڪلينديون.

    گذريل سماج جي طاقت ور عنصرن ائين ئي سمجھيو هيو ته سماجي دولت جا صرف هو ئي حقدار آهن جيئن فرعون پاڻ سان گڏ سون، ماکي ۽ غلام مارائي ان ڪري پورائيندا هيا ته جيئن دولت سندن ئي ملڪيت رهي۽ مرڻ بعد به هو دولت جا مالڪ ئي رهن، اهڙي نموني ڪيترائي بادشاه پيغمبر توڙي شيطان اهو سمجھندا هيا ته هو خدا طرفان موڪليل خاص انسان آهن باقي ٻيا انسان هنن کان ڪمتر يا انهن جا غلام آهن، جهڙوڪ بانڊيڊ ليبر جنهن ۾ جاگيردار هارين کي زنجيرن سان ٻڌي غلام بڻائي زراعت ڪرائيندو آهي ته متان هو ڀڄي وڃن، فرعون بغير ڪنهن خاص سبب جي صرف ان لاءِ غلامن ۽ هارين کان مقبرا ۽ محل ٺهرائيندا هيا ته جيئن سندن طاقت مشهور رهي. جاگيردار به ائين ئي سمجھايو ته زمين صرف ۽ صرف هن جي فطري ملڪيت آهي، هاري ڀلي ڪيترو به ڪم ڪن ۽ جاگيردار ڀلي ڪم ڪري ئي نه ته به زمين هن جي ذاتي ملڪيت آهي، اهڙي نموني تاريخ انساني ۾ هرحڪمران اهو چئي ويو آهي ته هو ئي الله طرفان چونڊيل خاص حڪمران آهي، عوام جي اهميت ڪا به نه آهي هن جي ئي مرضي هلندي، ته هو حڪمراني ڪنهن کي وراثت ۾ ڏئي ڪنهن کي نه، مولوي يا جادوگر به ائين ئي هيا، جنهن کي چاهين ڪافر چون، جنهن کي چون قوم يا قبيلي مان بي دخل ڪن، جنهن به شي بابت چون ته حلال يا حرام هجي، عورت کي مرد کان گھٽ حيثيت ڏيڻ، ملڪيت ۾ کيس گھٽ حصيدار بڻائڻ، ٽن عورتن جي گواهي هڪ مرد برابر، مرد جو طوهر ڪرائڻ خطنو ڪرائڻ، شادي يا مماتي صرف مولوي ئي ٻڌائين ۽ ڪرائين، هندستان ۾ ته مذهب ئي اهو آهي ته جيڪو قبيلو محنتڪش آهي ان کي ۽ ان جي اولاد کي هميشه لاءِ انسانيت کان ڪريل زندگي يعني هميشه ماتحت رکيو وڃي. ٻيو ته ٺهيو پر سرمائيداري جي اڳواڻ ايڊم سمٿ جا لفظ آهن ته اوهان غريب کي جيترو گھٽ اجرت ڏيندئو اوترو ئي هو وڌيڪ ڪم ڪندو، آمريڪي ڪارپوريشنون توڙي پوري دنيا جا اڪثر حڪمران هن وقت به اهو چون ٿا ته سوشل ازم يعني محنت ڪش هاري مزدور غريب جو راڄ هڪ دوکو آهي، سرمائيداري ئي هميشه جي حقيقت آهي.

    اهي پنهنجي پنهنجي وقت ۾ صحيح هيا عوام وٽ سچا هيا، پر هميشه رهڻ واري صرف ڪائنات آهي باقي هر شي کي ترقي توڙي فنا آهي.

    اوهان سوچيو انهن مزدورن جي حالت جهڙوڪ ڪراچي: موبائيلن جي فيڪٽريءَ جو مالڪ سرمائيدار اعلان ڪري ٿو ته ڪا موبائيل ٺاهڻ تي کيس 5000 رپين جو فائدو ٿيندو پر هو ان مزدور کي مزدوريءَ تي رکندو جيڪو کانئس گھٽ کان گھٽ اجرت تي ڪم ڪري، اسان بيان ڪري آيا سين ۽ ڏسي آيا سين ته عوام کان زمينون فيڪٽريون روزگار کسيا ويا، عوام کان پئسو کسيو ويو، عوام کائي ته ڇا کائي کپائي ته ڇا کپائي، ان ڪري اڪثر مزدور پاڻ ۾ وڙهي پيا ته هو نه آءٌ ئي ڪم ڪيان ڀلي ڇو ته مان بکيو آهيان مون کي ضرورت آهي، ان ڪري جيڪو گھڻو غريب هوندو بکيو هوندو سو ئي گھٽ اجرت تي ڪم ڪندو ڪو مزدور تيار ٿيو ته 50 ۾ ڪندو، ڪو 40 ۾، هاڻي هڪ مزدور 40 ۾ ڪم ڪيو پر هن 100 جي ماني کاڌي ۽ 5000 جو ڪم 40 ۾ ڪيو ڇا اهو سماج انسان دوست چئبو.

    هڪ هاري صرف ان ڪري ئي اهڙو اناج پوکيندو جيڪو صرف امير خريد ڪري سگهي ڇو ته ان سان غريب هاريءَ کي ڪجھ سوايا ڏوڪڙ ملندا، پر ان سان ٻين غريبن ۽ هارين جو ڇا ٿيندو جيڪي مهانگون اناج خريد نه ٿا ڪري سگهن. ٻنهي لاءِ هاري توڙي مزدورن لاءِ اها ڳالهه سمجھڻ اهم آهي ته هو يا ته لوڙي لوڙي پنهنجي زندگي وڃائي ڇڏين يا وري هڪ ڏينهن بغاوت ڪري پنهنجا حق حاصل ڪن. ڇو ته محنت ڪشن وٽ وڃائڻ لاءِ صرف زنجير آهن حاصل ڪرڻ لاءِ سمورو جهان.

    ووٽ جي طريقي ڪار ۾ خرابي آهي، هڪڙو اميدوار اليڪشن ۾ گھڻو خرچ ڪري ووٽر خريد ڪريٿو، هڪڙو اميد وار عوامي امنگن جي بنياد تي اليڪشن ۾ بيهي ٿو، طاقت ور جاگيردار پير مير وڏيرو جادوگر سرمائيدار اميدوار، عوام دوست اميدوار کي طاقت ذريعي پوليس کي رشوت ڏئي ڪوڙن الزامن ذريعي عوام دوست اميدوار کي اليڪشن تان هٿ کڻائي ٿو ڪوڙا ڪيس مڙهيس ٿو يا کيس مارائي ٿو وجھي، عوام وٽ امير اميداور لاءِ 30 سيڪڙو ووٽ سي به سندس چاپلوسي ڪندڙ عوام غدار انسانن جا هيا ته عوام دوست اميدوار وٽ 70 سيڪڙو ووٽ، هاڻي عوام دوست اميدوار اليڪشن ۾ مارجي ويو يا کيس پئسا نه هيا يا ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ٿي ويو، مطلب اليڪشن ۾ نه بيٺو ته 30 سيڪڙو ووٽ امير اميدوار کي مليا ته ڇا اهو انصاف ٿيو. اليڪشن ۾ اڪثر انسان ووٽ ئي داخل نه ٿا ڪن، جيڪي ڪن ٿا سي اميرن جا چاپلوسي ڪندڙ هوندا آهن. جيڪڏهن دولت مند عوام سان سچا آهن ته ووٽ رسيد ۾ اهو خانو به رکن ته ووٽر هن اميدوار کي ووٽ نه ٿو ڏئي هن اميدوار کي ووٽ ڏئي ٿو، ته صاف پتو پئجي ويندو ته ڪنهن هارايو ڪنهن کٽيو، جيڪڏهن ڪو امير اميدواراڳواٽ عوام دوست اميدوار کي اليڪشن تان هٿ کڻائي ٿو ڇڏي ۽ ته اليڪشن دوران کيس 30 سيڪڙو ووٽ حمايت ۾ ۽ 70 سيڪڙو ووٽ امير اميدوار جي مخالفت ۾ پيا ته ڳالهه صاف ٿي ويندي عوام به اليڪشن ۾دلچسپي وٺندو ووٽ مخالفت ۾ پوڻ ڪري يا مخالف اميدوار نه هئڻ ڪري ووٽ ٻيهر ڪرايا وڃن.

    ٻيو مسئلو: ڪو حڪمران عوام سان وعدا ڪري اليڪشن کٽي ٿو وڃي بعد ۾ وعدن تان ڦري ٿو وڃي هٿ کڻي ٿو وڃي ۽ پورا پنج سال عوام دشمني نڀائيندي صرف دولت گڏ ڪري ٿو عوام جو رت چوسي ٿو ان مان ڪيئن جان ڇڏائجي. ان جو حل اهو آهي ته عوام کي اهو اختيار هجي ته هو ڪنهن مهل به حڪمران کي ڪرسيءَ تان لاهي سگهن ٿا. جهڙوڪ هر علائقي ۾ ووٽ باڪس يا اليڪٽرانڪ ووٽ باڪس پيا هجن جن تي عوام آڱوٺي جو نشان هڻي ووٽ ڏئي ته فلاڻو اميدوار برقرار هجي يا سال اندر کيس گھر ڀيڙو ڪيو وڃي هر سال ڪنهن خاص ڏينهن تي ووٽ ڳڻجن ووٽ حمايت ۾ هجن ته اميدوار برقرار هجي نه ته کيس ڪرسيءَ تان لاٿو وڃي.

    عوام گڏ ٿئي پاڻ ۾ ٻڌي ڪري، غريب جي طاقت انهن جي ٻڌيءَ ۾ هوندي آهي. هڪ ڪاٺي جلد ٽٽي پوندي پر ڪاٺين جي ڀري ڪير به اميرزادو ٽوڙي نه سگھندو. عوام گڏجي پنهنجون تنظيمون ٺاهي محنت ڪشن سان تنظيمون تجربي جي بنياد تي ٺاهجن يا اڳ ٺهيل تنظيمن ۾ شموليت اختيار ڪجي، هر ان شي جو ساٿ ڏجي جيڪا هاري مزدور غريب جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جو ساٿ ڏئي.

    هڪ محنت ڪش پنهنجي اولاد کي ڪمائڻ لاءِ زور ڀريندو رهندو آهي اهو غلط آهي، جڏهن ته هو ڄاڻي ٿو ته هر نوڪريءَ کان وٺي واپار توڙي ٻني ٻاري يا فيڪٽريءَ جي مزدوريءَ ۾ امير زادو کيس لٽيندو رهندو ۽ غريب جو ٻار لٽبو رهندوته ڇا پورهيت اڃا به پنهنجي ٻار کي پورهيو ڪرڻ تي مجبور ڪندو، جيڪڏهن اوهان پنهنجي ٻارن جا سڄڻ آهيو ته کين انقلاب جي تعليم ڏيو

    هڪ سروي موجب محنت ڪش پنهنجي رت ست جي پورهئي ذريعي جيڪڏهن 100 رپيا منافعو ڪمائي ٿو ته امير کانئس 116 رپيا لٽي ٿا وڃن. دنيا جي تقريبن 82 سيڪڙو دولت اميرن جي ٽجوڙين ۾ بند آهي باقي دنيا صرف 20 سيڪڙو دولت تي هلي رهيآهي. دولت گردش نه ٿي ڪري ته نئين فيڪٽري نه ٿي لڳي، نئين زمين ڪاشت نه ٿي ٿئي نئون روزگار نه ٿو ملي، روز مره جون شيون ڪونه ٿيون ملن، قلت هجڻ ڪري شيون مهانگيون ٿين ٿيون.

    هاڻي جيڪا دولت 116 رپين جي صورت ۾ امير کي ملي ٿي سا جيڪڏهن عوام تي خرچ ڪجي ته عوام کي مفت ماني ملي سگهي ٿي، مفت جڳهه ملي سگھي ٿي.

    مثال طور تي دنيا جو هر فرد ماهوار هڪ لک پاڪستاني رپيا ڪمائي ٿو، پر هر فرد کي جيڪڏهن 50 هزار به ماهوار ڏنا وڃن ته اهو ان فرد لاءِ ڪافي ڪارائتو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو