جو بائيڊن کي سوڀارو ٿيڻ تي مختلف ملڪن جي اڳواڻن طرفان مبارڪون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏10 نومبر 2020۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    جو بائيڊن کي سوڀارو ٿيڻ ته مختلف ملڪن جي اڳواڻن طرفان مبارڪون

    تحرير سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

    نيٺ اھي ڏينهن به گذري ويا جن ڏينهن جو ھر ڪنھن کي وڏو انتظار ھو. تقريبن توھان سڀ اندازو لڳائي چڪا ھوندو ته مان آمريڪا جي اليڪشن جي ڏينهن جي ڳالهه ڪري رھيو آھيان. اڃا تائين سرڪاري نتيجن جو اعلان ته نه ٿيو آهي، پر غير حتمي نتيجن جي مطابق ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو صدارتي اميدوار جو بائيڊن سوڀ ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.
    آمريڪا جي ھن اليڪشن ۾ ٻه وڏا رڪارڊ ٺھيا آھن، پھريون رڪارڊ جو بائيڊن آمريڪا جي سڄي تاريخ ۾ پھريون دفعو سڀنيءَ اڳوڻن صدرن کان وڌيڪَ ووٽ کنيا آهن. ٻيو رڪارڊ پھريون دفعا سياه فامن جي ھڪ عورت نائب صدر جي سيٽ ماڻڻ ۾ سوڀارو ٿي آھي.
    ھن وقت جو بائيڊن کي ايڏي وڏي سوڀ ماڻڻ تي پوري دنيا مان کوڙ ساريون وڌايون ملي رهيون آهن. ۽ ھر رياست جا اڳواڻ آمريڪا جي نئين انتظاميه مان وڏيون وڏيون اميدون لڳايو ويٺا آهن. ۽ ھر ملڪ جا پنھنجا پنھنجا مفاد آھن.
    مان پنھنجي ھن تحرير ۾ ڪجهه رھنمائن جون مبارڪون ذڪر ڪري رهيو آهيان.

    پاڪستان
    برطانوي خبرن واري اداري رائيٽر جي مطابق پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ھڪ بيان جاري ڪيو آهي. جنھن ۾ ھن جو بائيڊن کي سوڀ ماڻڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. ۽ مستقبل ۾ افغانستان ۾ امن جي لاءِ ھن سان ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
    وڌيڪ ھن لکيو آهي ته نئين چونڊيل صدر پاران جھموريت تي عالمي ڪانفرنس سڏائڻ سان، مان ان سان ڪم ڪرڻ چاھيان ٿو. ته بدعنوان اڳواڻن طرفان چوري ڪيل قومي دولت کي بدلائڻ ۽ ٽيڪس جي ناجائز قبضن کي ختم ڪرڻ لاءِ.

    برطانيا
    جو بائيڊن کي مبارڪون ڏيندي. برطانوي وزير اعظم بورس جانسن چيو ته: آمريڪا اسانجو اھم اتحادي آهي ۽ مان چاھيان ٿو تہ گڏيل مفادن تي ڪم ڪندي، موسمي تبديليءَ کان واپار ۽ حفاظت تائين.

    آئرلينڊ
    آئرلينڊ جي وزير اعظم جو بائيڊن کي سندس خاندان آئرلينڊ سان تعلق رکندڙ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته: اسان نسلن تي فخر ڪري رھيا آھيون جن جي محنت ۽ قابليت انھن تنوع کي مضبوط ڪيو جيڪي آمريڪا کي مضبوط ڪن ٿا.

    انڊيا
    ھندستاني وزير اعظم نريندر مودي جو بائيڊن جي ذڪر کانسواءِ نائب صدر ڪملا ھيرس کي ٽوئيٽر پيغام ۾ مبارڪباد ڏيندي چيو ته: توهان جي ڪاميابي نه رڳو رستو آسان بڻائي ٿي، پر سڀني ھندستاني ۽ آمريڪن لاءِ اھا به وڏي فخر جي ڳالهه آهي ته مونکي يقين آهي ته ھندستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا توهان جي سھڪار ۽ قيادت سان وڌيڪَ مضبوط ٿي سگھندا.

    اسرائيل
    اي ايف پي جي مطابق اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو به جو بائيڊن کي مبارڪباد ڏيندي کيس اسرائيل جو عظيم دوست سڏيو. ۽ ان وڌيڪ چيو ته: مان توھان ٻنھي (جو بائيڊن، ڪملا ھيرس) سان اسرائيل ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اتحاد کي وڌيڪَ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ چاھيان ٿو.

    ڪينيڊا
    ڪينيڊا جي وزير اعظم جسٽن ٽروڊ جو چوڻ آهي ته: ھون آمريڪا جي نئين انتظاميه سان دنيا جا وڏا چئلينج حل ڪرڻ جو منتظر آهي.

    عراق
    عراقي صدر برھم صالح ٽوئيٽ ڪيو ته: اسان جو بائيڊن سان وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام کي وڌيڪَ مضبوط بڻائڻ جا منتظر آهيون. جو بائيڊن بيسٽ عراق تعمير ڪرڻ ۾ دوستي ۽ ڀروسي وارو ساٿي آهي. اسان پنھنجي وچين مقصد کي حاصل ڪرڻ ۽ پوري وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام کي مضبوط بڻائڻ جا منتظر آهيون.

    عمان
    عمان جي سلطان ھيثم بن طارق جو بائيڊن کي ھڪ مبارڪباد جو خط موڪليو آهي، جنهن ۾ ھن جو بائيڊن کي ماڻھن جو اعتماد ماڻڻ تي مبارڪباد ڏني.

    مصر
    مصر جي صدارتي ترجمان باسم راڊي چيو آهي ته: مصري صدر عبدالفتاح پڻ جو بائيڊن کي ڇنڇر تي آمريڪي صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.
    صدر عبدالفتاح مصر ۽ آمريڪا جي اسٽريٽجڪ ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ تعاون ۽ گڏيل قدم تي زور ڏنو آهي.

    يو اي اي
    ابو ظھبي جي ولي عھد شھزادي محمد بن زيد النيھان جو بائيڊن ۽ ڪملا ھيرس کي آمريڪي اليڪشن ۾ سوڀ ماڻڻ تي مبارڪباد ڏني. جو بائيڊن ۽ ڪملا ھيرس کي سوڀ جون واڌايون.
    ھن چيو ته: آمريڪي عوام جي وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي جا اسان سڀ خواھشمند آھيون. ھن وڌيڪ چيو ته يو اي اي ۽ آمريڪا ھڪ مضبوط تاريخي سان دوست ۽ اتحادي آهن. اسان گڏجي ھن ساٿ کي وڌيڪَ مضبوط ۽ محڪم ڪنداسين.
    فرانس
    فرانس جي صدر امانوئل ميچون ٽوئيٽ ڪيو آهي ته: آمريڪي عوام پنھنجو صدر چونڊيو آهي ۽ مان جو بائيڊن ۽ ڪملا ھيرس کي سندس سوڀ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. ۽ ھن وڌيڪ چيو ته: اسان کي ڏکين چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڃا ڊگھو سفر طَي ڪرڻو آهي، اچو ته سڀ گڏجي ڪم ڪريون.

    نيوزيلينڊ
    نيوزيلينڊ جي ٻيهر چونڊيل وزير اعظم جيسنڊا آرڊرن پڻ جو بائيڊن ۽ ڪملا ھيرس کي سوڀ ماڻڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ھن وڌيڪ چيو ته: نيوزيلينڊ توھان سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاھين ٿي.

    افغانستان
    افغانستان جي صدر اشرف غني ۽ افغانستان جي اعلي مصالحتي ڪائونسل جي سربراهه عبدالله عبدالله پڻ جو بائيڊن ۽ ڪملا ھيرس کي انھن جي ممڪن چونڊ ۾ سوڀارو ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.

    ايران
    ايران جي رياستي خبرن جي اداري مطابق ايراني صدر حسن روحاني چيو آهي ته: آمريڪا کي ھاڻي ايران تي پنھنجو غلط نظريو درست ڪرڻ گھرجي.
    ھن وڌيڪ چيو ته ايراني عوام ھاڻ آمريڪا جي اقتصادي دھشتگردي جي اٿي ٻيٺي آهي. تھران جي مطابق ھاڻي وقت آهي ته آمريڪا پنھنجن واعدن تي پورو لھي.
    hzaheer145@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو