سائين لطيف جي شاعري ۾ دوھا ۽ سورٺا

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏10 نومبر 2020۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سائین ھن مختصر مضمون ۾ ڪوشش ڪندس تہ پڙھندڙن کي سائين لطيف جي ڪلام منجھ آيل سنڌي (ھنڌي) شاعري جي ٻن مشھورصنفن دوھا ۽ سورٺا متعلق اھڙي طرح اگاھي ڏيان جيئن ھن مضمون پڙھڻ بعد پڙھندڙ سائين رھبر لطيف جي ڪلام منجھ آيل ھنن ٻنھي صنفن کي باآساني سمجھي ۽ پرکي سگھن.
    بنيادي طرح سورٺا ۽ دوھا ٻن سٽن تي مبني شعر ھوندا آھن جنھن جي ٻنھي سٽن منجھ ڪافيو لازمي ھوندو آھي.
    ھنن ٻنھي صنفن تي شاعري جي اصولن جي تفصيل کان پاسو ڪندي مختصر طور جدا جدا لکون ٿا جيئن شاھ جا پڙھندڙ شاھ جي ڪلام منجھ ھنن صنفن کي آساني سان سمجھي سگھن.
    دوھو- .................
    ٻن سٽن وارو شعر جنھن جي ٻنھي سٽن جي آخر ۾ ڪافيو اچي مثال طور
    ********بيت********
    سوئي راهَ رَدِّ ڪري، سوئي "رَهَنُماءُ،"
    وَتُعِزّ مَن تَشَاءُ، وَتَذِلّ مَن "تَشَاءُ."
    ڪلياڻ 3-5
    پھرين سٽ جو ڪافيو "رَهَنُماءُ،"
    ٻي سٽ جو ڪافيو "تَشَاءُ."
    شاھ لطيف جي ڪلام ۾ موجود اھڙا ٻن سٽن وارا بيت دوھا آھن.
    ********بيت********
    ملئين مٺي ماء جہ پتو ڦٿو "پيٽ ۾،"
    سجاڻي الله، ٽٻي ڏنائين "ڌوڙ ۾،"
    يمن ڪلياڻ 5-39
    ********بيت********
    ڏمر پاسو ڏک سين، کاند کٿوري "ھوءِ،"
    ؤالله مع الصابرين آگو ايھم "چوءِ."
    يمن ڪلياڻ 8-14
    ********بيت********
    چڱا ڪَنِ چَڱايُون، مَٺايُون "مَٺَنِ،"
    جو وَڙُ جُڙي جِن سين، سو وَڙُ سيئي "ڪَنِ."
    سرسريراڳ4-4
    مٿين قسم جي ٻن سٽن واري سڀني بيتن کي جنھن جي آخر۾ ڪافيو موجود ھجي تہ انھن کي دوھو چئبو آهي.

    سورٺو-......................
    ٻن سٽن وارو شعر جنھن جي ٻنھي سٽن وچ ۾ ڪافيو اچي مثال طور
    ********بيت********
    اگهِي "اَگهائي"، انجُ پريان کي رسيو،
    چَکيم "چڱائي"، سورانگهي سُوريءَ تان.
    ڪلياڻ 2-1
    تہ اھڙي قسم جي شعر کي سورٺو چئبو آهي.
    پھرين سٽ ۾ "اَگهائي" ڪافيو آھي
    ٻي سٽ جو ڪافيو "چڱائي"
    اھڙي قسم جا سمورا شاھ جا بيت سورٺا سڏبا.
    ڪجھ وڌيڪ مثال
    ********بيت********
    سُوريءَ مٿي "سيڻَ"، ڪهڙي ليکي سَنَرا!
    جيلَه لڳا "نيڻَ"، تي سُوريائي سيڄَ ٿي.
    ڪلياڻ 2-7
    ********بيت********
    جِت حبيبَ "هَڻنِ"، نائڪَ ڀي نِينهن جي،
    تِتي "طبيبن"، وِڄا وڃي وِسري.
    ********بيت********
    هَڻِين جي "حبيبَ"! محبتي مَيا ڪري،
    پُڇان ڪين "طبيب"، هون گهائنِ سين ٿي گهارِيان.
    .........اميد آھي تہ ھاڻ سائين لطيف جي ڪلام کي پڙھندڙ شاھ سائين جي ڪلام منجھ موجود دوھن ۽ سورٺن کي بخوبي سجاڻي سگھندا
    جيئي رھبر لطيف
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو