پھريون پھريون کير

'صحت سرير جي' فورم ۾ ابن الھيار طرفان آندل موضوعَ ‏28 ڊسمبر 2020۔

  1. ابن الھيار

    ابن الھيار
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 ڊسمبر 2020
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    شاگرد (تعليم حاصل ڪرڻ).
    ماڳ:
    ڳوٺ نھانء (طاهر نانگور ) تعلقه محراب پور .
    پھريون پهريون کير

    ابن الهيار
    اسڪول جي گرائونڊ ۾ ڊاڪٽرياڻي سائمه ۽ امبرين نم جي ڇانو ۾ ويهي ڪري ڪيمپ هلائي رهيون هيون۔ گرميء سبب هاڻ مايون ٿوريون ٿوريون پئي آيون۔ پر نوران جيڪا دير سان ڪيمپ مان مفت دوا وٺڻ آئي هئي، سا هاڻ سائمه باجي ۽ امبرين باجيء سان ڪچهريء ۾ ويٺي هئي۔
    نوران: ”ائي باجي پوء شھر ۾ ڀلا گڏ نوڪري اٿو؟“

    سائمه: ” نه نوران! پر اسان هڪ ٻئي سان اڪثر ملنديون رهنديون آهيون“.

    نوران: ”اڇا! ڇا ٿيو پاڻ ۾؟“

    امبرين:” نوران! تون سڀاڻ ٻين مائن کي به وٺي اچجانء نه!؟ جيئن مفت ۾ دوا وٺي سگهن۔“

    نوران: ٿورو سوچيندي ورندي ڏني: ”پر انهن جو خيال آهي ته اوهان انگريزن کان پئسا وٺي انهن پئسن مان اسان ماڻهن کي بيمار ڪرڻ لاء غلط ۽ حرام دوائون آڻي اسان کي بيمار ڪريو ٿا۔۔۔۔۔۔ اهي منهنجي ڳالھ ڪونه مڃينديون۔۔۔۔۔!“

    امبرين: ”ڏس نوران! اتي ئي اسان سنڌي خاص ڪري ڳوٺاڻا پوئتي رهجي وڃئون ٿا. اچ مان تو کي تفصيل سان سمجھايان ٿي۔ ڳالھ هيء آهي ته اسان جو ملڪ پئسي ۽ ڪمائيء ۾ ٿورو پوئتي آهي۔ معني غريب آهي۔“

    سائمه رڙڪندي چيو:”امبرين! هڪڙو منٽ مان موبائل جي ڪئمرا کوليان، ويڊيو ٺاهي ڇڏيان جيئن سڀاڻي ڳوٺاڻن کي پراجيڪٽر تي ساڳيو ويڊيو هلائي سمجھائي سگھجي۔“

    امبرين کي ڳالھ وڻي، نوران ٻنهي جي وچ ۾ ڪجھ چئي نه سگهي۔۔
    ”ها ته نوران“ امبرين وري ڳالھ شروع ڪئي۔ ”مون چيو ته اسان جو ملڪ غريب آهي، ان ڪري ڪجھ ڪمن ۾ ٻين امير ملڪن کان مدد ورتي ويندي آهي، ان ۾ انگريز ملڪ به اچن ٿا، ٻي ڳالھ ته ڪجھ دوائون اهڙيون آهن جيڪي اسان جي ملڪ جي ڪارخاني ۾ نه ٿيون ٺهي سگهن، ان ڪري اسان اهي ٻاهران ٻين ملڪن کان وٺندا آهيون۔ رهي ڳالھ غلط يا خراب دوائن جي ته ان لاء ڪجھ ڳالهيون ھميشه ياد رکڻ کپن۔ هر هڪ دوا جي قيمت ۽ ان جي صحيح هجڻ تائين جو مدو ۽ ٺاهيندڙ ڪمپنيء جو نالو وغيرھ سڀ ڪجھ لکيل هوندو آهي۔ اها ته پنهنجي ڪمزوري آهي ته اسان جون عورتون پڙهيل ناهن جو انهن شين کي جاچي ڏسن۔“

    نوران حريرت مان چيو:”سچي؟ پوء ته متان دڪاندار دوا مهانگي به ڏيندو هجي پر اسان کي خبر ڪانه پوندي هوندي۔۔۔؟“

    ”ها بلڪل“ ڊاڪٽر سائمه امبرين ۽ نوران جي ڳالھين ۾ شامل ٿي۔”ٻيو ته نوران، جيڪي بغير ڪنهن نالي يا مھر جي جيڪا دوا ملي اها اعتبار جوڳي ناهي هوندي.... پر اسان جيڪي دوائون ڏيون ٿا انهن سان ته انهن جي باري ۾ تفصيلي پرچا به آهن۔۔“

    امبرين : ”ها نوران! سائمه بلڪل صحيح پئي چئي، اسان اوهان جا خيرخواھ آهيون، ڀلائي ڪري ايترو پاڻ کي پوئتي نه رکو جو سڀاڻي ڪير مدد ڪرڻ لاء به نه اچي۔“

    نوران: ”ها باجي، مان ڪوشش ته پوري ڪندس ڳوٺ وارن کي ڪيمپ جو سڏ ٻڌائڻ جي۔ پر الله ڪري جو ڪير مڃي، باجي ٻارڙن ۽ پيٽ وارين مائن لاء به دوائون ڏيو نه، ٻارن جون بيماريون ۽ ڄم ڏاڍا ڏکيا آهن. ماڻهو ويچارا آپريشنن جا پئسا ڀري ڀري روھ (تنگ) اچي ٿيا آهن“۔

    سائمه : ”ها نوران اسان ماء ۽ ٻار جي صحت لاء ئي ته هيء ڪيمپ ڪئي آهي. ان لاء اسان کي اوهان جي تعاون جي ضرورت آهي۔ اسان ته هدايتن جا ننڍڙا ڪتاب به آندا آهن۔ جيڪڏهن ڪا پڙهي لکي عورت هجي ته اسان کيس ڪتاب ڏيون ۽ اها پوء ٻين کي به سمجهائيندي رهي۔۔۔۔۔۔۔۔“

    نوران : ”ها باجي! مان بکان(بختاور) کي وٺي اينديس، اها ڪجھ پڙهيل آهي۔“

    امبرين:”شاباس نوران، ڏاڍي خوشي جهڙي ڳالھ آهي۔ هاڻ اچ ماني کاء، اسان ماني پيا کائون.“

    نوران : ”نه باجي! اوهان کائو ته آء اوهان لاء گھران چانهن ٺاهي ٿي اچان۔“
    ا”واھ ! پوء ته تهنجي وڏي وڏي مهرباني نوران“ امبرين ۽ سائمه ٻنهي نوران جي ساراھ ۽ مهرباني مڃي۔۔۔۔۔۔۔۔
    ٻئي ڏينهن ارڙهن مايون هڪ وقت ڊاڪٽرياڙين جون ڳالهيون ٻڌڻ لاء آيون، ۽ اسڪولي بينچن تي ويھي ليڪچر ٻڌڻ لڳيون ۔ هئا ته موڪلن جا ڏينهن پر ڪجھ ٻار به آيا هئا ٽيم ڏسڻ لاء۔

    ڊاڪٽر امبرين پيٽ ۾ ٻار ٿيڻ کان وٺي ڄم تائين جو هدايتون ڏنيون ته ڪهڙيء طرح مختلف ۽ اثردار غذائون واپرائجن. صرف هڪ قسم جي غذا تي به گذارو نه ڪجي ۽ وقت تي صحت جي ماهر سان به صلاح رکڻ گھرجي ۽ ضرورت تي دائون به وٺجن۔ ان کان پوء ڊاڪٽر سائمه اٿي ۽ ليڪچر شروع ڪيائين ته ڪيئن ننڍن ٻارن ۽ تازن ڄاول ٻارن جو نيپاڄ ڪجي۔۔۔۔۔۔

    ڊاڪٽر سائمه ليڪچر شروع ڪيو ” سڀ کان پهرين ته تازي ڄاول ٻار کي هڪ ڪلاڪ جي اندر اندر ماء جو اهو گهاٽو سائو ڦڪو کير پيارجي جيئن ٻار ۾ بيمارين سان مقابلو ڪرڻ جي قوت اچي......“

    سائمه جي ايئن چوڻ تي دائي آسيه وڏي واڪي چيو”امان اهو کير ته خراب ڪنو آهي، اهو ته ضايع ڪرڻ کپي۔۔۔“

    ”ماسي ايئن ناهي۔۔۔۔۔ اها غلط فهمي آهي۔ اهو پهريون پهريون کير ئي قوت ۽ صحت ڏئي ٿو۔ ان جي ضايع ڪري ڇڏڻ جي ڪري ئي ته اوهان جا ٻار اوسر نه ٿا رکن۔۔۔۔۔۔ ان ڳالھ تي تجربا ڪيا ويا آهن، سڄي دنيا ان تي متفق آهي۔ جي اعتراض آهي ته بس اسان جي ماڻهن کي، ڇو ته اسان پاڻ ڪا به تحقيق ته ڪريون ڪونه، صرف ٻين جي ڳالهين کي رد ڪرڻ لاء ويٺا آهيون۔“

    ڊاڪٽرياڻين جي ٽن ڏينهن جي محنت کانپوء وڃي ڪجھ ماڻهن جي سمجھ ۾ ڳالھ ويٺي۔ ته اسان کي پراڻا غلط طريقا ڇڏڻ سان ئي فائدو آهي۔ ۽ آسيه دائي به مڃيو ته ٻار لاء اصل طاقت ماء جي پهرين پهرين کير ۾ ئي آهي۔ نوران دل ۾ اها دعا گهري رهي هئي ته پٽ ته ٽي الله سائين ڏنا آهن۔ الله ڪري هاڻ ڌيء ڄمي ته ان کي پڙهائي ڊاڪٽر ڪريان جيئن غريب عورتن جا مسئلا حل ڪري ۽ انهن جي صحت لاء امبرين ۽ سائمه وانگي محنت ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو