جيتن مان ڪارآمد جيت ماکيءَ جي مک.......!

'تعارف' فورم ۾ غلام رسول سميجو طرفان آندل موضوعَ ‏16 جنوري 2021۔

  1. غلام رسول سميجو

    غلام رسول سميجو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏14 جنوري 2021
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڳوٺ سوجھي بقا تعلقو ڏاھلي ضلعو ٿرپارڪر
    ماکيءَ جي مک بہ جيتن جي دنيا ۾ ھڪ نھايت عجيب مخلوق آهي ھي جيت بہ نھايت ئي سمجھدار ۽ سياڻو ھڪ مضبوط سماج زندگي گذاريندڙ آهي.پوري دنيا ۾ جيترو ٿو ماکي جي باري ۾ لکيو آهي ايترو ٻئي ڪنهن جي باري ۾ نہ لکيو ويو آهي الله تعالي جي پنج خوبصورت ۾ شين مان پھرين نمبر تي ماکيءَ جو مانارو رکيو ويو آهي. ماکيءَ جي مکيون ھڪ قبيلي ۽ خاندان جي شڪل ۾ رھين ٿيون ماکي اڪيلي ڪڏهن بہ زندھ نٿي ٿي رهي سگهي ماڪوڙين وانگر ماکيءَ جي مکين ۾ بہ ھڪ سربراھ يا مادي ٿيندي آهي جيئن جي ڪم فقط آنا لاهڻ ھوندو آھي ۽ ان جون حفاظت ڪندي آهي اھڙيءَ طرح سان ماناري ۾ مکيون ۾ نر پڻ ھوندا آھن مکين جي ڪا بہ جنس نہ ھوندي آھي ماکيءَ جي مادي ٻچا پالينديون آهن، ميڻ تيار ڪنديون آهيون. کونئر ٺاهڻ، گهر جو نقشو تيار ڪرڻ , گهراڏڻ, گهر جي صفائي , گهر جي حفاظت پڻ ڪنديون آهن . ماکيءَ جي مک پنھنجي پرن کي تيز گھمائڻ جي ڪري ڀڻ ڀڻ آواز ٿيندو آهي ۽ ھڪ سيڪنڊ ۾ ٻہ سئو ڀيرا پر گھمائيندي آهي جيئن جي ڪري آواز پيدا ٿئي ٿو، ھڪ ماکيءَ جي مک ھڪ ڏينھن ۾ 2000 ھزار کان 2500 ھزار گلن جو رس چوسي ٿي ڪيترائي ميلن جو مفاصلو سفر ڪري سگهي ٿي ڪيترائي ميل پري وڃي پر واپس اچي پنهنجي ماناري ۾ سوراخ جي گھر ۾ وڃي ٿي. الله تعالي ايتري صلاحيت ۽ طاقت ڏني آهي تہ پوري زندگيءَ ۾ ماکيءَ گڏ ڪري جي لاءِ جيڪا سفر ڪري ٿي زمين جو ڏيڍ گنا چڪر لڳائي سگھي ٿي ايتري محنت ڪري جي باوجود ھڪ ماکي جي مک ھڪ چمچ جو 12 حصو ماکيءَ ٺاهي ٿي. اڌ ڪلو ماکي ٺاهي جي لاءِ مختلف مکيون 55 ھزار ڪلو ميٽر جو سفر ڪري 20 لک گلن جو رس چوسي صرف اڌ ڪلو ماکي ٺاهي ٿي ھڪ ماکي جي مک پنھنجي گھر کان نڪري ھڪ ڀيري ۾ 70 کان 100 گلن جو رس چوسي واپس اچي ٿي. عجيب ڳالھ اھا آھي ته ماڪوڙين وانگر ماکي جي مک رات جي ننڊ نہ ڪندي آهي پر پنهنجي توانائيءَ بچائڻ جي خاطر سڄي رات جاڳي سگهندي آهي. ماکي جي مک جو پنج اکيون ، ٻہ معدا ھوندا آھن ھڪ معدي ۾ پنھنجي خوراڪ جي لاءِ استعمال ڪندي آهي ٻي معدي ۾ رس رکيل ھوندو آھي.
    هڪ مخفي الهامي قانون هيٺ پراڻي ماناري مان ڪي مکيون ٻاهر اڏامي وينديون آهن ۽ نئين ماناري لاءِ جاءِ ڳولينديون آهن مناسب جاءِ هٿ اچڻ کانپوءِ لڏ پلاڻ شروع ڪنديون آهن پهريان راڻي کي کڻي نئين ماناري ڏانهن وينديون آهن ماناري ٺاهڻ وقت مادي مکيون زنجيرن جي شڪل ۾ هڪ ٻئي کي جهلي لڙڪي پونديون آهن ٿوري دير کانپوءِ سندن پاسن کان ڇلر نڪرندا آهن جن کي چٻاڙي ميڻ تيار ڪنديون آهن پوءِ صاف ڪيل جاءِ تي هڪ مک مٿي جا ٽڪر هڻي ٿورو ميڻ ٿڦيندي آهي. پوءِ ته واري واري سان سڀ مکيون ڇھ ڪنڊا خانا ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏينديون آهن اهي خانا ايڏي ته خبرداري ۽ انجنيئري جي حساب سان ٺاهينديون آهن جو حيرت وٺندي آهي جڏهن خانا جڙي راس ٿيندا آهن ته مٿان ڇتيون وجهنديون آهن. ماناري ۾ چئن قسمن جا خانا ٺاهينديون آهن وچ ماناري ۾ بيضوي شڪل جا پنج يا ڇھ وڏا خانا هوندا آهن جن ۾ مادي رهندي آهي ماکي جمع ڪري رکڻ لاءِ ٻئي قسم جا خانا هوندا آهن اهڙن ڪن خانن ۾ نر رهندا آهن ٽئين قسم جي خانن ۾ پورهيت مکيون رهندديون آهن چوٿين قسم جا خانا بيڊولا ڇڏي ڏبا آهن جيڪي آئندا ڪنهن ڪم لاءِ رکبا آهن راڻي جلد آنا لاهڻ شروع ڪندي آهي.ماکيءَ جي مکين جي نسل وڌائڻ لاءِ قدرت اهڙو عجيب قانون بنايو آهي ماڪوڙين وانگر انهن جو ميلاپ بہ هوا ۾ ٿيندو آهي هزارين نر ۽ هڪڙي مادي مٿي اڏامڻ لڳندا آهن انهن هزارين نرن مان هڪڙي نر ۽ مادي ڪي ميلاپ کان پوءِ سڀ اچي پٽ تي ڪرندا آهن گهڻا نر تہ اڏام دوران ئي پورا ٿي ويندا آهي.
    ماکي قدرتي طور تي نمٺاڻ Fructose ،گلوڪاڻ Glucose معدنيات Minerals ۽ دافع تڪسيد Antioxident آهي ماکي دوا سان گڏ غذا آھي جنھن کي لاتعداد بيمارين ۽ جسماني تڪليفن جي ڇوٽڪاري لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. ماکي ۾ موجود ڪيلشم ڏندن ۽ ھڏن کي مضبوط ڪري ٿو. ماکي هڪ بهترين غذا آھي، رت صاف ڪري ٿي، دل ۽دماغ کي طاقت ڏئي ٿي، ٿڌ ۽ زڪام کان بچائي ٿي ۽ٻين ڪيترين ئي اندرين توڙي ٻاهرين جسماني تڪليفن جو ھڪ بھترين علاج آهي. ماکي ۾ گلوڪوز ، فرڪٽوز, مئگنيشم, پوٽيشم, ڪئئلشم، سوڊيم, سليڪا, ڪلورين,سلفر ،آئرن ۽ فاسفورس سان مالامال آھي ان کان سوا وٽامن بي ون ، وٽامن بي ٽو ، آيوڊين ۽ چست جي ٿوري مقدار پاڻي وڃي ٿي, ھزار سالن کان ماکي کي آيورويدڪ دوائن ۾ استعمال رهيو آهي..
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    بهترين پر سوال آهي ڇا ماکي جي مک کي جيت لکجي سگجهي ٿو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو